امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڇا طي الارض ۾ شين جي ماديات برطرف ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ طي الارض ٿيندو آهي؟

سوال:

ڇا طي الارض ۾  شين جي ماديات برطرف ٿي ويندي آهي ۽ پوءِ طي الارض ٿيندو آهي؟

جواب:

طي الارض ۾ مادي کان ماديات کسجي ناهي ويندي بلڪي ماديات کي جيڪا شئ روڪيندي آهي اها برطرف ٿيندي آهي، مثال طور جناب بلقيس وارو تخت جيڪو هڪ لحظي اندر حضرت سليمان عليه السلام جي دربار ۾ آندو ويو هو ته تخت جي ماديات برطرف نه ٿي هئي پر جيڪا تخت جي ماديات جيڪا شئ روڪي پئي ان کي جدا ڪيو ويو هو.

طي الارض ۾ شين جي ماديات ۾ هٿ چراند ناهي ٿيندي ۽ اهي ئي شيون انهيءَ خاصيتن سان حاضر ٿين ٿيون، پر ان شين جي جسم ۽ ماديات کي روڪڻ وارين شين کي جدا ڪيو ويندو آهي ۽ اهو حرڪت ۾ جلدي ڪري هوندو آهي.

وضاحت:

حرڪت ۾ جلدي جيڪڏهن هڪ اندازي مطابق نور جي حرڪت کان وڌيڪ هجي ، ته طي الارض وغيره ۾ ٻه مادي جسم پاڻ ۾ نه ٽڪرائبا، بلڪي جيڪو جسم نور جي حرڪت کان تيز هوندو اهو وقت جي قيد منجهان نڪري ويندو آهي ۽ وقت ان ۾ اثرانداز نه ٿي سگھندو آهي.

انهيءَ نتيجي جي بنياد تي جيڪڏهن هڪ شئ جي حرڪت نور جي حرڪت کان وڌيڪ هوندي ته مادي جي روڪڻ واريون شيون ختم ٿي وينديون ۽ ٻيو وري اها شئ وقت جي قيد کان نڪتل هوندي.

حرڪت ۾ جلدي امام زمانه عليه السلام جي برڪت ڀري زماني جي اهم تبديلي جي باعث ٿيڻ واري مسئلن منجهان آهي.

هي مسئلو امام زمانه عليه السلام جي زماني جي اهم مسئلن منجهان ٿيندو ۽ هي اهلبيت علهيم السلام جي رازن منجهان هڪ راز آهي تنهنڪري ئي ٻارهين آقا کي صاحب الزمان سڏيو ويندو آهي.

 

دورو ڪريو : 3492
اج جا مهمان : 7777
ڪالھ جا مهمان : 19532
ڪل مهمان : 128832846
ڪل مهمان : 89506399