امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
مؤمنن جي دلين ۾ امام زمان (عجل الله تعالي فرجه) جو نور

مؤمنن جي دلين ۾ امام زمان (عجل الله تعالي فرجه) جو نور

حضرت امام محمد باقر عليه السلام ابو خالد ڪابلي کي فرمايو:

اي ابو خالد خدا جو قسم؛ امام جو نور مؤمنن جي دل ۾ سج کان به وڌيڪ روشن هوندو آهي، ۽ خدا جو قسم، ته اهي (امامَ) مؤمنن جي دلين کي نوراني ڪن ٿا.

خداوند عالم سندن نور کي جنهن کان چاهي روڪي ڇڏي، پوءِ اهڙن ماڻهن جون دليون تاريڪ ٿي وينديون آهن.

خدا جو قسم، اي ابو خالد! ڪو به انسان اسان سان محبت نٿو ڪري پر هي ته خدا سندس دل کي پاڪ ڪري ڇڏي ٿو، ۽ خدا ڪنهن به شخص جي دل کي پاڪ نٿو ڪري پر هي ته هو اسان جي اطاعت ۽ اسان سان محبت ڪري، پوءِ جڏهن ائين ٿي وڃي ته خدا اهڙي ماڻهو کي قيامت جي سختين کان محفوظ رکندو آهي.

ان مطلب جي گواه اها روايت آهي جنهن کي ابوبصير امام محمد باقر عليه السلام کان نقل ڪيو آهي:

ابوبصير جيڪو امام باقر عليه السلام جو وڏو صحابي آهي چوي ٿو:

آئون امام محمد باقر عليه السلام سان مسجد ۾ داخل ٿيس، جڏهن ته ماڻهون مسجد ۾ اچن ۽ وڃن پيا، امام محمد باقر عليه السلام مون کي فرمايو: ماڻهن کان پڇ ته ڇا آئون کين نظر اچان پيو؟

مون هر هڪ سان ملاقات ڪئي ۽ پڇيو ته ڇا امام محمد باقر عليه السلام کي ڏٺو اٿوَ؟

هر ڪنهن جواب ڏنو:ته نه؛ جڏهن ته امام محمد باقر عليه السلام اتي ئي موجود هيا، پوءِ اوچتو ابوهارون نالي هڪ نابينا شخص مسجد ۾ داخل ٿيو.

امام عليه السلام فرمايو هن شخص کان پڇ.

مون ان شخص کان پڇيو: ڇا امام محمد باقر( عليه السلام ) کي ڏسين پيو؟

ابوهارون جواب ڏنو: مگر ڇا هو هتي نه بيٺا آهن؟

ابوبصير چيو: مون ان کان پڇيو توکي ڪيئن خبر پئي ته امام محمد باقر عليه السلام هتي بيٺا آهن؟

ابوهارون چيو: ڪيئن کين نه سڃاڻان جڏهن ته امام عليه السلام روشن ۽ واضح نور آهن.

ابوبصير چوي ٿو: مون ٻڌو ته امام محمد باقر عليه السلام آفريقا جي رهاڪو هڪ شخص کي فرمائي رهيا هئا: راشد جو ڪهڙو حال آهي؟

ان جواب ڏنو: جڏهن آئون آفريقا مان نڪتو هيم ته هو زندهه ۽ صحيح و سلامت هيو ۽ توهان لاءِ سلام موڪليا ٿئين.

امام عليه السلام فرمايو: خداوند ان تي رحمت نازل ڪري.

آفريقي مرد مؤمن پڇيو: ڇا هو مري ويو آهي؟!

امام عليه السلام فرمايو: ها.

ان مرد مؤمن پڇيو: هو شخص ڪڏهن گذاري ويو آهي؟

امام عليه السلام فرمايو: تنهنجي آفريقا نڪرڻ کان ٻه ڏينهن بعد ۾.

آفريقي شخص چيو: خدا جو قسم؛ راشد نه مريض هيو ۽ نه ڪو درد هيس!

امام عليه السلام ان کي فرمايو: ڇا جيڪو به انسان مرندو آهي هو ڪنهن مرض يا درد ۾ مبتلا هوندو آهي؟

ابوبصير چيو: مون امام محمد باقر عليه السلام کان پڇيو: هي آفريقي ماڻهو ڪير آهي؟

امام عليه السلام فرمايو: اسان جو دوست ۽ اسان اهل بيت عليهم السلام جو پيروڪار آهي.

امام عليه السلام فرمايو: ڇا ٿا فڪر ڪريو ته اسان جي لاءِ توهان سان گڏ ڏسڻ واريون اکيون ۽ ٻڌڻ وارا ڪن موجود نه آهن؟

ڪيڏي غلط سوچ آهي، خدا جو قسم اسان کان توهان جو ڪو به عمل لڪيل نه آهي، پوءِ توهان سڀئي اسان کي پاڻ وٽ حاضر سمجهو، ۽ پنهنجي جسم کي ڀلن ڪمن جي عادت وجهو ۽ ڀلا ٿي وڃو تاڪي ڀلائي سان سڃاتا وڃو.

مان پنهنجي فرزندن ۽ شيعن کي جيڪو ڪجهه چيو ٿيم ان ڏانهن حڪم ڪريان ٿو.

 

لکندڙ: ڪتاب آشنايي با امام عصر ارواحنا فداه

ورتل ڪتاب شريف صحيفه مهديه کان ص 94

 

 

 

دورو ڪريو : 3115
اج جا مهمان : 25490
ڪالھ جا مهمان : 45443
ڪل مهمان : 128519958
ڪل مهمان : 89349930