امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
فقر، غريبي ۽ قرض مان ڪيئن نجات پيدا ڪيان؟

فقر، غريبي ۽ قرض مان ڪيئن نجات پيدا ڪيان؟

منهنجي زندگي فقر ۽ غربت اِحَاطو ڪري وئي آهي، جيتري به تلاش ڪيان ٿو ۽ جيترو به ڪم ڪيان ٿو نجات پيدا نٿو ڪيان، ڇا ڪيان جو هن گرفتاري کان رهائي حاصل ڪيان؟ ان گرفتاري مان ڇوٽڪارو پائڻ جو ڪهڙو رستو آهي؟ مهرباني ڪري منهنجي رهنمائي ڪريو.

جواب:

ان کان پهرين جو ان گرفتاري کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جو طريقو بيان ڪريون، هن نڪتي ڏانهن توجھ ڪرايون ٿا: اڄوڪي زماني ۾ مالي حالات جي شڪست جي اثر جي ڪري ۽ فقر ۽ تنگدستي سڄي جهان ۾ لکين گهراڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

دولت جا پوڄاري نه رڳو پنهنجي ملتن جي نجات جي فڪر ۾ نه آهن، بلڪه اهڙي پروگرامن جي جاري ڪرڻ سان جيڪي طبقاتي فَاصِلن ۾ اضافو ڪن ٿا، هر روز معاشري جي اقليت ۾ واڌر آڻن ٿا ۽ معاشري جي اڪثريت کي فقر ۽ تنگدستي ڏانهن دعوت ڏين ٿا.

جيڪڏهن جهان جا سياستمند، صحيح ۽ سالم سياست سان مالامال هجن ها ڪڏهن به، فقر ۽ غريبي ماڻهن جي اڪثريت کي گرفتار نه ڪري ها.

جيڪو ڪجهه اسان چيو آهي ان ڏانهن  توجهه ڪندي: ڪيترائي ماڻهو قرض ۽ غربت ۾ گرفتار آهن، ۽ انهن سڀني مشڪلن منجهان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته ٻين ۾ اميد نه رکن، بلڪه خدا ڏانهن توجهه ڪن ۽ گرفتارين منجهان نجات پائڻ جي چاٻي کي پنهنجي هٿ ۾ وٺن ۽ پنهنجي پاڻ کي قرض ۽ غربت کان رهائي ڏيارن.

ڪهڙو رستو جيڪو انسان کي خدا ڏانهن متوجهه ڪري ٿو ۽ مادي گرفتارين منجهان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ جا اسباب ۽ عوامل فراهم ڪري ٿو، اها دعا آهي جنهن کي امام رضا علیه السلام اميرالمومنين علي علیه السلام کان نقل ڪيو آهي.

اها دعا جيڪا مادي گرفتارين مان نجات پائڻ جو بهترين سبب گناهن جي بخشش جو وسيلو آهي، ڪيترائي ڀيرا آزمائي وئي آهي ۽ ڪيترن ئي ماڻهن ان کي پڙهڻ جي ذريعي رزق ۽ روزي جي رستن کي پاڻ لاءِ کوليو آهي.

ان اهم دعا کي ڪجهه ڏينهن پڙهو تاڪه انهن هزارن ماڻهن وانگر جن هن دعا مان نتيجو حاصل ڪيو آهي، گرفتارين منجهان رهائي حاصل ڪن، اها دعا توهان جي نجات جا اسباب فراهم ڪندي، اها دعا جيڪا هڪ آزمايل استغفار آهي ڪتاب صحيفه رضويه جي صفحي نمبر 419 تي نقل ٿيل آهي.

 

دورو ڪريو : 3211
اج جا مهمان : 10082
ڪالھ جا مهمان : 19024
ڪل مهمان : 127568906
ڪل مهمان : 88856472