امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
اسان تنهنجي طرف وحي موڪلي جهريءَ ريت نوح ۽ ان کان بعد وارن نبين جي طرف ......

اسان تنهنجي طرف وحي موڪلي

جهريءَ ريت نوح ۽ ان کان بعد وارن نبين جي طرف ......

ان آيت ۾ رب پاڪ جي مراد اصل ۽ حقيقت  وحي ۾ هڪجهڙائي آهي نه ائين ته جيڪو ڪجهه نوح ۽ ان کان بعد وارن نبين علیهم السلام جي طرف موڪليو ويو اهو نبي پاڪ صلی الله علیه وآله وسلم جي طرف موڪليو ويو.

اگر ائين هجي ها ته  جيڪا وحي جناب نوح ۽ ٻين نبين علیهم السلام  جي طرف اماڻي وئي ساڳئي نبي پاڪ صلی الله علیه وآله وسلم  جي طرف ته پوءِ قرآن مجيد کي ٻين ڪتابن تي ڪهڙي فضيلت حاصل آهي...؟

ذڪر ڪيل روايت  جو مطلب هي آهي ته جيتوڻيڪ غيبت جي زماني ۾ دنيا  ظلم ۽ ڏاڍ سان پُر آهي  اهڙيءَ ريت عدل ۽ انصاف سان ڀرجي ويندي. ان روايت ۾ شبهو (پُر) هجڻ ۾ آهي نه  غيبت ۽ ظهور  جي زماني ۾ ظلم ۽  عدل برابر هجڻ ۾.

ٻئي جڳهه تي الله پاڪ فرمائي رهيو آهي ته :

یا بنی آدم لایفتننّکم الشیطان کما أخرج أبویکم من الجنّة ینزع عنهما لباسهما یریهما سوأتهما. (سورۀ اعراف ، آیۀ 27)

اي  آدم جي اولاد  !  شيطان توهان کي دوڪو نه ڏئي جهڙيءَ ريت توهان جي والدين کي جنت مان ٻاهر ڪڍرايو.

ڇا اِن آيت ۾ (کما) جي بعد وارو ساڳيو (کما) جي پهران واري وانگر هجڻ گهرجي ؟ يعني جنهن کي به شيطان دوڪو ڏي اهو جناب آدم ۽ هوا  علیهم السلام وانگر جنت مان تڙيو ويندو ۽ شيطان انهن جي جسمن تان ڪپڙا لاهي انهن کي عُريان ڪري ڇڏيندو.

ان آيت مان واضح آهي ته ان م شيطان کان دوکو کائڻ کي تشبيه ڏني وئي آهي ۽ جناب آدم ۽ حوا جي تمام خصوصيتن سان تشبيه ڏني وئي آهي.

جيڪڏهن روايتن کي بغير غور فڪر ۽ ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ جي بيان ڪيو وڃي ۽ ظهور جي زماني جي اهميت گهٽائي وڃي ته پوِ آهسته آهسته وارو آيتن جو ايندو ۽ جهڙيءَ ريت روايتن مان مراد ورتي وڃي ٿي اهڙيءَ ريت آيتن مان مطلب ورتو ويندو.

الله پاڪ فرمائي رهيو آهي ته :

وعد الله الذین آمنوا منکم وعملوا الصالحات لیستخلفنّهم فی الأرض کما استخلف الذین من قبلهم ... (سورۀ  نور  ، آیۀ 55)

الله پاڪ توهان منجهان ايمان وارن سان عهد ڪيو آهي ته انهن کي زمين تي پنهنجونمائندو بڻائيندو جهڙيءَ ريت  پهرين منجهان بڻايو هيائين.

تفسير ۾ بيان ڪيل روايت سان پتو پوي ٿو ته اها آيت امام زمانهعلیه السلام  جن جي حڪومت باري ۾ آهي. اگر ان جي معنى به پهرين روايتن وانگر ڪئي وڃي ته ان جو مطلب هي ٿيندو ته امام زمانه  علیه السلامجي حڪومت به جناب سليمان جي حڪومت جهڙي هوندي جڏهن ته هن آيت ۾ امام زمانه علیه السلام  جي اصل  حڪومت کي پهرين وارين حڪومتن سان ڀيٽايو ويو آهي  نه انهن جي تمام خصوصيتن سان جيڪڏهن ائين هجي ته پوءِ امام جي حڪومت کي ٻين حڪومتن تي ڪهڙي برتري ۽ فضيلت ؟

ان کان علاوه جيڪڏهن اسان ان آيت جي معنى به پهريان واري روايت وانگر بيان ڪيون ته پوءِ اسان کي امام زمانه علیه السلام جي حڪومت متعلق گهڻين ئي روايتن تان هٿ کڻڻو پوندو.

ان بنياد تي عرب لغتن ۾ غيبت ۽ ظهور جي زماني ۾ نسبتي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ نسبتي عدل ۽ انصاف ۾ مخالفت آهي ۽ اهو قرآن ڪريم جي به مخالف آهي.

ان مطلب ( يعني ظهور جي زماني ۾ عدل ۽ انصاف نسبتي نه هوندو بلڪه پوري دنيا تي ڇانيل هوندو) کي ثابت ڪرڻ لاءِ ٻي روايت آهي جنهن ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي ته ظهور جي زماني ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو نالو نشان نه هوندو. ۽ پوري دنيا ۾ عدل ، انصاف جي هاڪ هوندي .

ان بابت وڌيڪ ڄاڻ لاءِ ڪتاب  (امام مهدي علیه السلام جي آفاقي حڪومت ) جي طرف رجوع ڪندا.

 

دورو ڪريو : 3554
اج جا مهمان : 3191
ڪالھ جا مهمان : 24593
ڪل مهمان : 128784643
ڪل مهمان : 89482281