امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڇا امام زمانه عليه السلام جي ظهور وقت ھڙئي ظالم حڪمران نابود ٿي ويندا ۽ ڪنهن قسم جو ظلم، پاپُ ۽ ستم ڌرتيءَ تي باقي نه رهندو ؟

ڇا امام زمانه عليه السلام جي ظهور وقت ھڙئي ظالم حڪمران نابود ٿي ويندا ۽ ڪنهن  قسم جو ظلم، پاپُ ۽ ستم ڌرتيءَ تي باقي نه رهندو ؟

ڪجهه ماڻهو سمجهن ٿا ته امام زمان علیه السلام جي ظهور وقت هر قسم جو ظلم ،ڏاڍ ۽  جبر ختم ڪين  ٿيندو ۽ ان زماني ۾ به ظالم ۽ ستمگر موجود هوندا. هو سمجهن ٿا ته ان زماني ۾ ظلم ۽ ظالم جي جڳهه عادل ۽ عدل وٺندو.يعني جهڙيءَ ريت غيبت جي زماني ۾  هر طرف ظلم ۽ ظالم ڇانيَل آهن پر عدل ۽ عادل به موجود آهن جيڪي عدل ۽ انصاف کان ڪم وٺن ٿا، اهڙيءَ ريت ظهور جي زماني ۾ عدل ۽ عدالت، ظلم ۽ نا انصافيءَ جي جڳهه وٺندي پوءِ هر طرف انصاف ۽ عدل جي هاڪ هوندي.پر دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪي ظالم به موجود هوندا جيڪي ظلم ۾ مشغول هوندا.

انهن جي نظريي  جو سبب هيءَ روايت آهي جنهن کي هو سمجهي نه سگهيا آهن ته :

أنَه یملأ الأرض قسطاً وعدلاً کما ملئت ظماً وجوراً

امام زمانه u دنيا کي عدل ۽ انصاف سان ايئين پُر ڪندا جيئن ظلن ۽ ڏاڍ سان ڀريل هوندي.

هو چون ٿا روايت ۾ لفظ ( کما ) استعمال ٿيو آهي جنهن جي معني (جهڙيءَ ريت) آهي جيڪا سندن جي نظريي جي صحيح هجڻ تي دلالت ڪري ٿي.جيتوڻيڪ غيبت جي زماني ۾ دنيا ظلم ۽ نا انصافيءَ سان ڀريل آهي پر ڪٿي ڪٿي ٿورڙو عدل ۽ عدالت جو راڄ به آهي.

انهن جو عقيدو آهي ته ( کما ) يا (جهڙيءَ ريت) جي معنى ان کي سمجهائي ٿي ته ظهور جي زماني ۾ دنيا عدل ۽ انصاف سان ڀرجي ويندي پر دنيا جي  ڪنهن ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ظلم ۽ ظالم به هوندا جيڪي ماڻهن تي ظلم ڪندا.

جواب:

اسان ان وهم ۽ شُبهي جي جواب ۾ چوندا سين ته : انهن جيڪو ڪجهه ان روايت مان سمجهيو آهي، صحيح ناهي ۽ اِهو ٻين آيتن ۽ روايتن جي مخالف آهي.

وضاحت:

قرآن مجيد ۾ ( کما ) جو لفظ ڪيترين جڳهن تي تشبيه ۽ شباهت لاءِ آيو آهي ۽ اهو ڪڏهن به  لازم ناهي ته ( کما ) جي بعد وارو هر لحاظ سان ( کما ) جي پهريان واري سان  بلڪل هڪجهڙو هجي .

ڌڻي تعالى قرآن مجيد ۾ فرمائي رهيو آهي ته :

إنّا أوحینا إلیک کما أوحینا إلی نوح والنبیین من بعده.... (سورۀ نساء، آیۀ 163)

 

دورو ڪريو : 3509
اج جا مهمان : 549
ڪالھ جا مهمان : 19532
ڪل مهمان : 128818409
ڪل مهمان : 89499171