امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
صبر، رازن جي خزاني جي چاٻي آهي

صبر، رازن جي خزاني جي چاٻي آهي

اهي سختيون جن تي صبر ڪيو وڃي ٿو، انهن ۾ اهڙيون راحتون لڪل هونديون آهن جن جي ڪري مصيبتون ڀلجي وڃن ٿيون ۽ سختيون انسان جي لاءِ آسان ٿي وڃن ٿيون.

وڏا بزرگ ماڻهون، ان ميٺاڄُ ۽ لذت تائين پهچڻ لاءِ جيڪي سندن انتظار ۾ آهن، هميشه صبر ڪن ٿا ان (صبر) کي رازن جي خزاني جي چاٻي سمجهن ٿا.

جهڙي طرح حضرت امام حسين (عليه السلام) پنهنجي هڪ خطبي ۾ فرمائن ٿا:

اي انسانو! جنهن شئ کي پسند ڪيو ٿا ان تائين نه پهچندو مگر هي ته صبر ڪيو هر ان شئ تي جنهن کي پسند نٿا ڪيو.

 

صبر ۽ ان تي قائم رهڻ ارادي کي قوي ڪري ٿو.

ارادي کي قوي ڪرڻ جي هڪ راهه صبر ڪرڻ آهي، انهيءَ ڪري جيڪي ماڻهون سدائين صبر ڪن ٿا سندن ارادو قوي ٿي وڃي ٿو ۽ ارادي جي قوي ٿيڻ سان مشڪلون ۽ سختيون آساني سان حل ٿي وڃن ٿيون.

خداوندعالم فرمائي ٿو:

صبر ڪر ان شين تي جيڪي تواهان تائين پهتيون آهن ڇاڪاڻ ته اهو (صبر) وڏن ڪمن منجهان آهي.

اها شيءِ جنهن جي طرف اهل بيت (عليهم السلام) اسان کي شوق ڏيارايو آهي اها هي آهي ته صبر امتحانات الهي ۾ قبول ٿيڻ جو وسيلو آهي، ۽ صبر جي وسيلي سان ئي انسان انهن مشڪلن ۽ مصيبتن جي مقابلي ۾ جيڪي کيس آزمائش جي عنوان سان پيش اچن ٿيون پنهنجي ايمان ۽ اعتقاد کي ثابت ڪري سگهي ٿو، الله تعالى جي سڀني ولين انهن امتحانن ۾ شرڪت ڪئي آهي.

مرحوم ڪني ۽ سندس صبر ۽ ان تي قائم رهڻ جو نتيجو.

اهي ماڻهون جن مشڪلن آڏو صبر ڪيو ۽ پنهنجي ايمان کي ثابت رکيو انهن منجهان هڪ مرحوم ملا علي ڪني به آهي.

ملا علي ڪني نجف اشرف ۾ انتهائي فقر ۽ درويشي جي زندگي گذاريندا هئا، ۽ ڪربلا ۾ به سختي جي زندگي گذاري، پر ڪڏهن به صبر جي دامن کي نه ڇڏيائين ۽ اهڙي ريت استقامت ڪيائون جو پنهنجي حاجتن ۽ مشڪلاتن جي حل لاءِ حضرت حر شهيد (عليه السلام) سان توسل ڪندا هيا.

هڪ رات خواب  ۾ حضرت حر (عليه السلام) کي ڏٺائون حضرت حر (عليه السلام) کيس فرمايو: منهنجي مولا توکي نجران جو آقا قرار ڏنو آهي، انهيءَ جي ٻئي ڏينهن هڪ مؤمن آيو جنهن کيس هڪ ٿانؤ پاڻي (چشمه کان علاوه) جو کي جيڪو ڪنهن جاء تان کڻي ڏنو.

هڪ ڏينهن ناصر الدين شاه روب ۽ جلال سان شڪار جي ارادي سان شهر جي دروازي مان ٻار نڪتو، شهر کان ٻاهر نڪرڻ کانپوءِ تهران شهر ڏانهن نظر ڪيائين ۽ ٿورو فڪر ڪرڻ کان پوءِ هو پنهنجي ارادي کان پشيمان ٿي ويو ۽ شهر ڏانهن موٽي آيو، ۽ سندس مائٽن منجهان هڪ ان کان ان ڪم جو راز پڇيو.

شاهه محرمانه طور تي ائين جواب ڏنو: جيئن ئي مان شهر جي دروازي مان ٻاهر نڪتم ۽ شهر ڏانهن نظر ڪيم ته اها سوچ منهنجي ذهن ۾ آئي ته جيڪڏهن حاجي ملا علي ڪني امر ڪري ته شهر جي دروازي کي مون تي بند ڪيو وڃي ته پوءِ آئون ڇا ڪندم؟

جيڪڏهن مرحوم ملا علي ڪني مشڪلن آڏو صبر نه ڪري هان ته ايتري محبوبيت ۽ عظمت ڪيئن حاصل ڪري ها؟

 

ورتل ڪتاب اسرار موقيت، لکندڙ: سيد مرتضي مجتهدي سيستاني

 

حوالو: وبلاگ دانشجو 1366، اسرار موقيت کان ورتل

 حوالو ٻيو: ويب سايت زينت هفت آسمان

 

دورو ڪريو : 3116
اج جا مهمان : 14497
ڪالھ جا مهمان : 45443
ڪل مهمان : 128497973
ڪل مهمان : 89338937