امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها تي صلوات پڙهڻ جي فضيلت

حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها

تي صلوات پڙهڻ جي فضيلت

حاجتن جي پوري ٿيڻ لاءِ مجرب ۽ آزمايل ختمن منجهان هڪ عمل بيبي فاطمه زهرا سلام الله عليها تي صلوات موڪلڻ آهي، جيڪا پنج سو ٽِيههَ ڀيرا پڙهي ويندي آهي ۽ اها صلوات هي آهي:

اللَّهُمَّ صَلِّ عَلَى فَاطِمَةَ وَ أَبِيهَا وَ بَعْلِهَا و بنيها (والسر المستودع فيها) بعدد ما احاط به علمک.

اي پالڻهار! درود موڪل حضرت فاطمه سلام الله عليها تي ۽ سندس پيءُ، شوهر ۽ پٽن تي (۽ اهو راز جيڪو سندس وجود مبارڪ ۾ رکيل آهي) هر ان شيءِ جي تعداد جي مطابق جيڪا تنهنجي علم ۾ آهي).

هن صلوات ۾ (والسر المستودع فيها يعني ان راز مان مراد جيڪو حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جي وجود ۾ رکيل آهي) اهو راز حضرت حجت ابن الحسن عسڪري (عجل الله تعالى فرجه الشريف) آهن.

صحيفه مهديه جي ليکڪ جو چوڻ آهي ته: جيتوڻيڪ هي صلوات پراڻي ڪتابن ۾ موجود نه آهي ۽ مرحوم شيخ انصاري (رح) کان ٻڌي وئي آهي، پر امام زمانه (عجل الله تعالى فرجه الشريف) سان سندن رابطي جي هجڻ جي ڪري آهي، اهو احتمال قوي آهي ته اها دعا امام زمان (عجل الله تعالى فرجه الشريف) کان نقل ٿيل آهي.

 


ورتل ڪتاب صحيفه مهديه، لکندڙ: سيد مرتضي مجتهدي سيستاني ترجمه مؤسسه اسلامي ترجمه، ص 584

 

حوالو:  ماهنامه موعود شماره 77

13 تيرماه 186

 

دورو ڪريو : 3131
اج جا مهمان : 23977
ڪالھ جا مهمان : 45443
ڪل مهمان : 128516932
ڪل مهمان : 89348417