امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
ڇا اهل بيت علیهم السلام جي روايتن منجهه عالمي جنگ جي اڳڪٿي ٿيل آهي؟

ڇا اهل بيت علیهم السلام جي روايتن منجهه عالمي جنگ جي اڳڪٿي ٿيل آهي؟

جواب؛ اهل بيت علیهم السلام جي روايتن ۾ عالمي جنگ ۽ ڪيتران ئي ماڻهن جي نابودي، جي باري ۾ ذڪر ٿيو آهي، هڪ حصو يا ٻيو حصو يا ڏهون حصو ماڻهن جي قتل ٿيڻ روايتن ۾ معين ٿيل آهي، واضح آهي ته اهڙي قسم جون روايتون عالمي جنگ جي باري ۾ آهن جيڪا ظهور امام زمان عجل الله تعالی فرجه الشریف کان پهرين واقع ٿيندي، نه سندن ظهور جي ابتدا ۾.

سڀني انسانن تي واجب آهي ته خداوند متعال جي بارگاهه ۾ ظلم، ستم، فساد ۽ فحشا وغيره کان، جيڪي عالمي جنگ جي واقع ٿيڻ جو ڪارڻ آهن، پرهيز ڪن عالمي جنگ کي روڪڻ لاءِ ڪوشش ڪن، افسوس آهي ته جتي حڪومتن کي گهرجي ته سڄي دنيا ۾ ماڻهن جي افڪار جي هدايت پاسداري ڪن ۽ اهڙي ريت ماڻهن کي گهرجي ته نجات جي گهرج ڪن، اتي ان ڳالهه کان غافل آهن خَواهه مَخَواه عالمي جنگ ڏانهن وِکُ ڀري رهيا آهن.

نبي سڳورا صلی الله علیه وآله وسلم، اميرالمومنين علیه السلام، ۽ اسان جا ٻيا سڀئي امام علیه السلام سدائين پنهنجي اڳڪٿين جي ذريعي ماڻهن کي ايندڙ حالات جي باري ۾ آگاهه ڪندا رهيا آهن، پر افسوس آهي ته صدر اسلام کان تمام ٿورن ماڻهن انهن اَڳڪَٿِيُن منجهان درس ورتو آهي ۽ هينئر تائين ڪيترا ئي ماڻهوغرق ٿي چڪا آهن.

ماڻهو بارگاهه پروردگار ۾ توجهه ڪرڻ ۽ اهل بيت علیهم السلام سان توسل ڪرڻ جي ذريعي جهان کي عالمي جنگ واقع ٿيڻ کان نجات ڏياري سگهن ٿا.

 

دورو ڪريو : 3216
اج جا مهمان : 11512
ڪالھ جا مهمان : 23196
ڪل مهمان : 127618157
ڪل مهمان : 88881097