امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
اسرار آميز نوري ڪَڪَرَ ڪهڙي قسم جا ڪَڪر آهن؟

اسرار آميز نوري ڪَڪَرَ ڪهڙي قسم جا ڪَڪر آهن؟

نه سڃاتل نوري ڪَڪرن جي باري ۾ ڪجهه به نٿا ڄاڻون ته ڪهڙي روايت ۾ انهن جي باري ۾ بيان ٿيو آهي ۽ ڪهڙي ريت انهن نه سڃاتل نوري ڪَڪرن جي باري ۾ جيڪي تمام وڏي قدرت ۽ طاقت سان مالامال آهن ڄاڻ حاصل ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا ممڪن آهي ته اسرار آميز ڪَڪر وجود ته رکندا هجن پر انهن جي باري ۾ ڪا به اطلاع ۽ ڄاڻ نه هجي؟

جواب؛ سوال کي چڱي طرح روشن ڪرڻ لاءِ ڪجهه وضاحت ڪريون ٿا.

دنيا جي ڪجهه سياستمندن اعتراف ڪيو آهي ته هڪ وڏي قدرت جيڪا انهن جي قدرت ۽ توانائي کان به مَٿانهُون  آهي، انهن تي نظر رکي ٿي ۽ ائين نه آهي ته جنهن به ڪم کي انجام ڏيڻ چاهڻ ٿا ان کي انجام ڏين.

قابل غور ڳالهه هي آهي ته ڪنهن مهل ان قدرت جو  نماءُ اسرار آميز نوري ڪَڪرن جي ذريعي ٿئي ٿو، ۽ انهيءَ ڪري انهن جي لاءِ جهان جي نابودي روشن ٿي آهي ته جهان ۽ منجهس رهڻ وارن کي پنهنجي حال تي نه ڇڏيو ويو آهي بلڪه سندن قدرت جي مَافَوقَ هڪ قدرت آهي جيڪا هن جهان کي هلائڻ لاءِ تمام وڏو اثر رکي ٿي.

پهرين عالمي جنگ جنهن ۾  متحدين ۽ انگريز جي سپاهين ڪيترن ئي ملڪن تي قبضو ڪري ورتو ۽ پنهنجي سپاهين کي ٻين جي سرزمين ۾ قابض ڪري ڇڏيو ته ڪجهه سپاهي ترڪي ۾ داخل ٿيا ۽ ڪوهستاني هڪ حصي تي قبضو ڪري ورتو ، ته شايد ايران ۾ داخل ٿيڻ ۽ ايران منجهه پنهنجي قدرت کي وڌائڻ لاءِ تيار ڪندا هئا،  انگريز جي فوج جيڪا ٽينڪُون ۽ توپُون وٺي ڪري آيا هيا سندن ارادو هيو ته ڪنهن جاءِ تي قيام ڪن ۽ ٻئي ڏينهن پنهنجي ڪم کي انجام ڏين، پر اها رات اڃان پوري نه ٿي هئي جو انهن جي قدرت کان وڏي قدرت انهنجي پويان وئي ۽ انهن سپاهين ، توپن ۽ ٽينڪن ۽ انهن جي تمام وسائل کي بغير ڪنهن خونريزي جي غائب ڪري ڇڏيو.

نوري ڪَڪر جو هڪ وڏو حصو انهن ڏانهن ويو ۽ جنهن مهل ان اسرار آميز نوري ڪَڪر تمام سپاهين، ٽينڪن ۽ توپن کي پنهنجي احاطي ۾ ڪيو هو ، انهن سڀني سان گڏ ان جاءِ تان بلند ٿيو ۽ سپاهين ۽ سندن هٿيارن جو ڪو به اثر باقي نه رهيو.

۽ ان وسيلي انهن جا سڀئي پِروگِرام  مٽي ٿي ويا ۽ جهان جي تمام قدرتون سمجهي ويون ته خداوند، جهان جي تدبير کي نه ڇڏيو آهي.

اسان ان جي باري ۾ ٻين نمومن کان به آگاهه آهيون ته اسرار آميز نوري ۽ قدرتمند ڪَڪرن حيرت انگيز ڪم انجام ڏنا آهن پر مختصر ڪندي گزريل داستان متعلق گزارش کي نقل ڪيون ٿا:

پهرين عالمي جنگ ۾ اسرار آميز نوري ڪَڪرن وسيلي سپاهين جو غائب ٿيڻ:

پهرين عالمي جنگ جي زماني ۾، ترڪي ۾ گاليپولي جي ويڙهه وقت جيڪا 28 اوت 1915 ۾ واقع ٿي، انگريز جي فوج هڪ لشڪر جي تمام سپاهين کي اسرار آميزي طور تي غائب ٿي وئي جنهن دانشمندن جي تلاش کي وڌائي ڇڏيو، جهڙوڪ چيوسين ته برطانوي سپاهين جو هڪ لشڪر اسرار آميزي طور تي غائب ٿي ويو ، اسٽريليا جي قوتن ۽ زلاند نو جي سپاهين ۽ اهڙي ريت ترڪ سپاهين چيو ته دشمنن جا سپاهي اڳ وڌي رهيا هئا ۽ هرگز ترڪ فوج جي آمهُون سَامهُون نه ٿيا بلڪه اهي هڪ اسرار آميزي  انبوهه ۾ ويا جيڪو ڪَڪر جي ٽُڪري وانگر هيو  جڏهن سپاهي ان ۾ ويا ته پوءِ ڪڏهن به ظاهر نه ٿيا ، جيڪي افراد ان واقع جا شاهد هيا انهن چيو ته 28 اوت 1915 جو هوا تمام ڀلي هئي ۽ آسمان تي ڪڪر تمام گهٽ هيا، هڪ سپاهي جنهن هن واقع کي ڏٺو هن داستان کي هن ريت بيان ڪري ٿو:

ان ڏينهن هوا صاف هئي ۽ ڪو به ڪڪر نه هيو، رڳو 6 کان 8 بجي تائين ڪڪرن جا ننڍا ننڍا ٽڪرا جو انهن منجهان هر هڪ ماني جيترو هيو، اهي 60 نمبر ٽڪري تي ظاهر ٿيا، باوجود ان جي ته 4 يا 5 ميل ڪلاڪ جي رفتار ۾ ڏکڻ جي طرف کان هوا هلي پئي، جيڪا انهن ڪڪرن جي حالت ۾ تبديلي نه پئي آڻي ۽ انهن کي جاءِ بجاءِ نه پئي ڪري، انهن ڪڪرن جهڙو هڪ ڪڪر بلڪل ان ٽڪري جي هيٺ هيو جنهن جي ڊيگهه تقريبا هڪ ڪلو ميٽر، ويڪَرِ 350 ميٽر ۽ بلندي 350 ميٽر هئي،  ان جو رنگ روشن ميٽائي هيو .

انگريز فوج جو هڪ لشڪر، جنهن ۾ ڪئي سو ماڻهو هيا جيڪي رستي تان 60 نمبر ٽڪري ڏانهن وڃن پيا، جنهن مهل سپاهي ڪڪر جي ان ٽڪري تي پهتا ته  بغير ان جي ته اتي توقف ڪن هلندا رهيا ۽ ڪڪر جي ان ٽڪري ۾ هليا ويا ۽ پوءِ ان لشڪر جو هڪڙو به سپاهي ٻاهر نه نڪتو، تقريبا هڪ ڪلاڪ کان پوءِ، جنهن مهل آخري صف غائب ٿي وئي ته اهو ڪڪر اسرار آميزي طور تي زمين تان بلند ٿيو ۽ آرام سان مٿي هليو ويو ايستائين جو آسمان تي موجود باقي ڪڪرن سان وڃي مليا، ايستائين ته اهي سڀئي ڪڪر بغير ڪنهن حرڪت جي بٺا هيا پر جنهن مهل اهو ڪڪر زمين تان بلند ٿي ڪري انهن سان مليو ته سڀئي ڪڪر ان جاءِ کان پري ٿي ويا ۽ اُتر ڏانهن هليا ويا ۽ 45 منٽن جي درميان پوري ريت غائب ٿي ويا.

بهرحال ان لشڪر جا سپاهي هميشه لاءِ غائب ٿي ويا ۽ سڀ کان پهرين شئ جنهن جو حڪومت بريتانيا 1918 ۾ ترڪيه جي شڪست کان پوءِ ان ملڪ کان مطالبو ڪيو هيو هي هيو ته اهو لشڪر بريتانيا کي موٽائي ڏئي، ترڪيه جواب ۾ چيو ته نه رڳو هي ته اسان ان لشڪر کي گرفتار نه ڪيو آهي بلڪه ترڪيه جي سپاهين ۽ ان لشڪر جي درميان اصلا جنگ نه ٿي آهي، انهن سالن ۾ سندن هڪ لشڪر جي تعداد 400 کان 800 ماڻهن تائين هئي، اسان جو ان واقع جا شاهد هيا سين اسان کي پورو يقين آهي ته ترڪيه وارن اصلا ان لشڪر کي گرفتار نه ڪيو آهي انهن جي درميان ڪا به ويڙهه نه ٿي آهي.

ڪنهن به طرح  غائب ٿيل سپاهين هٿ نه آيا ۽ هاڻ اها تصوير وجود رکي ٿي ته اهي سڀئي افراد احتمالا ٻئي “بعد” ۾ منتقل ٿي ويا آهن.

حضرت بقية الله الاعظم عجل الله تعالى فرجه الشريف جي وسيلي الهي حڪومت جي اچڻ تائين شيطانن کي مهلت آهي ته پنهنجي شيطاني ڪمن کي انجام ڏئي وٺن، شيطان ۽ شيطاني قدرتون جهان ۽ جهان وارن جي نابودي لاءِ تيار آهن ۽ شيطاني وسوسن جي اثر جي ڪري گهڻا ماڻهون خيال ڪن ٿا ته خدا جا هٿ ٻڌل آهن ۽ سندس حجت ڪنهن به شئ ۾ دخالت نٿي رکي، جڏهن ته پاڻ هن زماني ۾ به امور جي تدبير ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪڏهن اهو بزرگوار پنهنجي دوستن ۽ اٻوجهه ماڻهن جي دستگيري نه ڪري ته جهان جا خُون خُوار پنهنجي وحشيانه فڪرن  سان دنيا کي نابودي ڪري ڇڏيندا.

وڌيڪ وضاحت لاءِ چئون ٿا: خلقت ۾ غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جي ڪلمات ۾ تحقيق ۽ جستجو ڪرڻ سان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته نوري اسرار آميز ڪڪر، گزريل جنگن ۾ تمام گهڻو اثر رکندا هئا ۽ ايندڙ جنگن ۾ به رکندا!.

اسلام جي شروعات ۾ بدر جي معروف ۽ مشهور جنگ ۾ عالمي جنگ تائين ۽ ظهور امام مهدي عجل الله تعالی فرجه الشریف تائين، اسرار آميز نوري ڪڪرن پنهنجي وظيفي کي انجام ڏنو آهي ۽ انجام ڏيندا رهندا.

رهتي هڪ روايت کي بيان ڪريون ٿا جيڪا اڪثر ماڻهن لاءِ حيران ڪرڻ واري آهي! ۽ واضح طور تي بيان ڪري ٿي ته اهڙا ڪڪر وجود رکن ٿا جيڪي نه رڳو هڪ ماڻهو کي بلڪه هڪ لشڪر کي سندس تمام هٿيارن سان گڏ آسمان جي بلندين تي کڻي وڃن.

اها هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا اسان جي مڪتب ۽ مذهب جي بنياد منجھان آهي، ۽ هينئر سندس هڪ گوشو جهان جي ڪجهه ملڪن لاءِ آشڪار ٿي چڪي آهي.

ان لاءِ ته جيڪا حقيقت اسان بيان ڪئي آهي پوري طرح واضح ٿي وڃي هڪ روايت کي نقل ڪريون ٿا جيڪا ان حقيقت کي پڌرو ڪندڙ آهي جنهن کي اسان ذڪر ڪيو آهي.

هن روايت کي مرحوم علامه مجلسي بحارالانوار ۾ جنگ بدر جي باري ۾ نقل ڪيو آهي، توجهه ڪريو:

قال ابن عبّاس: حدّثني رجل من بني غفار قال: أقبلت أنا وابن عمّ لي حتّى صعدنا في جبل يشرف بنا على ‏بدر ونحن مشركان ننتظر الوقعة على من تكون الدبرة، فبينا نحن هناك إذ دنت منّا سحابة فسمعنا فيها حمحمة الخيل، فسمعنا قائلاً يقول: أقدم حيزوم وقال: فأمّا ابن عمّي فانكشف قناع قلبه، فمات مكانه وأمّاأنا فكدت أهلك ثمّ تماسكت.[1]

ابن عباس چوي ٿو: بني غفار جي هڪ مرد چيو: آئون ۽ منهنجي چاچي جو پٽ آيا سين تاڪه سرزمين بدر جي جبل تي وڃون، اسان ٻئي مشرڪ هيا سين، اسان انتظار ۾ هيا سين جو ڏسون ته انهن ٻنهي لشڪرن منجهان ڪهڙو لشڪر فرار ڪري ٿو، ان وقت (جڏهن ته اسان جبل تي هيا سين) هڪ ڪڪر اسان جي ويجهو آيو ۽ اسان ان منجهان گهوڙن جون آوازون ٻڌيون ۽ اسان ٻڌو ته هڪ چوڻ واري چيو: حيزوم اڳتي وڌ، منهنجي چاچي جي پٽ جي دل جو پردو کلي ويو ۽ اتي ئي مري ويو، نزديڪ هيو ته آئون به هلاڪ ٿي وڃان پر آئون بچي ويس.

هن داستان ۾ جنهن کي علامه مجلسي بحارالانوار ۾ نقل ڪيو آهي تصريح ٿيل آهي ته جنگ بدر ۾، ڪڪر، ڪجهه گهڙي سوارن ۽ انهن جي گهوڙن کي سرزمين بدر ڏانهن منتقل ڪيو آهي.

حيزوم، جيڪو هن داستان ۾ نقل ٿيو آهي حضرت جبرائيل علیه السلام جي گهوڙي جو نالو آهي ته هو گهڻو ڪري ظهور تنزلي ۽ تجسم بشري جي وقت ان گهوڙي تي سوار ٿيندا هئا.

ان بنا تي، ڪڪر، فريشتن جي هڪ گروهه کي تجسم بشري سان ۽ انهن جي گهوڙن سان گڏ آسمان تان سرزمين بدر ڏانهن منتقل ڪيو آهي.

هي اهو گروهه آهي جيڪو روايتن جي مطابق، ٻيو ڀيرو آسمان تان هيٺ آيو ۽ تجسم بشري سان حضرت بقية الله الاعظم عجل الله تعالی فرجه الشریف جي مدد لاءِ ايندا.

 


[1] . بحار الأنوار: 19 / 226

 

 

دورو ڪريو : 3408
اج جا مهمان : 21481
ڪالھ جا مهمان : 32446
ڪل مهمان : 128576829
ڪل مهمان : 89378366