امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
(2) ظهور جي زماني ۾ عقلن جو ڪامل ٿيڻ

 (2) ظهور جي زماني ۾ عقلن جو ڪامل ٿيڻ

مٿي ذڪر ٿيل روايت مان ٻن اهم نڪتن جي وضاحت پيش آهي ،

1_ حضرت بقيت الله (ارواحنا فداه)پنهنجي هٿ مبارڪ کي صرف پنهنجي خاص صحابين جي مٿي تي نه بلڪي خدا جي  سڀني بندن جي مٿن تي رکندو ،اهڙي قسم جا ماڻهو جيڪي خدا جي بندگي جا ان ڏينهن قائل هوندا ، پوءِ کڻي اهي جنگ ۾ شريڪ ٿيڻ جھڙا به نه هجن ،(جيئن ننڍا ٻار ۽ پوڙها) اهي سڀئي ان عظيم نعمت کان فائدو کڻندا.        

2_ تمام ماڻهن جو عقل جدائي ۽ تفريق کان نجات پيدا ڪندو ۽ سڀ جا سڀ پوري طاقت ۽ سجھ جو مرڪز ۽ هڪ غير معمولي سمجھ جو سرچشمو ٿي ويندا .     

انهن جي عقل جو ڪامل ٿيڻ ، جي معنى هي آهي ته اهي دماغ جي سڀني قوتن ۽ طاقتن کان فائدو کڻي سگھندا ، جنهن وقت خدائي هٿ ماڻهن جي مٿن تي رکيو ويندو،غَيبت جي وقت جون تڪليفون ڏٺيون، انهن تي نوازش ڪئي ويندي ۽ اهي طاقتون جيڪي انسان جي مغز اندر ڍڪيل (پوشيده) هيون اهي ڪامل ٿي ظاهر ٿينديون، ان سان گڏ اهي ماڻهو علمي معاشري ۾ ڪمال تائين پهچي ويندا .                                                               

دماغ جي طاقت ۽ عقل جي ڪامل ٿيڻ ،جي اثرن کان وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هاڻ اسان دماغ جي عظيم طاقت جي وضاحت بيان ڪيون ٿا ،                                         

هڪ عام انسان ٻيو جيڪو ذهين انسان آهي ، پنهنجي پوري زندگي جي دوران دماغ (ذهن) جي اربين حصن مان ڪنهن هڪ حصي کان ڪم وٺندا آهن ۽ انهن جي دماغ جا اربين حصا خالي هوندا آهن.                                     

پر عام انسان اگر ٿورو به انهي دماغ کان وڌيڪ  ڪم وٺي ته اهو ذهين ٿي ويندو آهي ، پوءِ اهو فرق جيڪو ذهين شخص ۽ عام ماڻهو وچ ۾ نظر ايندو اهو حيرت ۾ وجھندڙ فرق آهي ، جيڪا معمولي ڳالهه نه آهي.(23)                     

اڄ کان گھڻو وقت اڳ هڪ رياضيدان هڪ مسئلي کي عوام جي ڪَنن تائين پهچايو جيڪو تمام گھڻي بحث وارو هو. دماغ هڪ ئي ٽائم ۾ ڏھ معلوماتي کي پاڻ وٽ گڏ ڪري سگھي ٿو.unites ايڪن (ان کي ٻين آسان لفظن ۾ هن ريت چئي سگھجي ٿو:

اها ڳالهه حقيقت کان پري ڪانهي ته اسان مان هر فرد دنيا جي سڀ کان وڏي ماسڪو جي لائبريري جنهن ۾ لکن جي تعداد ۾ معلوماتي علم سان ڀريل ڪتاب آهن انهن کي پنهنجي دماغ ۾ رکي سگھي ٿو. هن حساب سان اسان جيڪا اڳ ڳالهه ڪري آيا آهيون اها حيرت ۾ وجھندڙ ڳالهه نظر اچي ٿي (24)                                                                

هاڻ اوهان توجه ڪيو ان وقت جڏهن دنيا جي اصلاح ڪندڙ حضرت امام مهدي (ارواحنافداه)جي چمڪندڙ نور جي روشني سبب انسان جي دماغ جون تمام طاقتون ۽ قوتون پنهنجي ڪمال تائين پهچي وڃن ۽ انسان پنهنجي دماغ جي پوري طاقت کان ڪم وٺي (نه هڪ يونٽ اربين حصي مان)ان وقت علم ۽ ڄاڻ پوري دنيا کي پنهنجي هنج ۾ وٺي ويندي ، اهڙي موقعي تي دنيا جو حساب (احاطو) ڪيئن ڪري سگھبو؟  

جنهن وقت انسان عقل جي ڪامل ٿيڻ سبب روح جي ستل

طاقتن کي اجاگر ڪري ۽ ان کان فائدو کڻندو ان وقت هو پنهنجي جسم کي روح جو تابع قرار ڏئي قوت روحاني”تروح“ کي حاصل ڪري سگھي ٿو، يعني پنهنجي (ENERGEYجسم کي روحاني قوت ۽ انرجي مادي جي لهرن)

۾تبديل ڪري ، پنهنجي جسم کان مادي ۽ جسماني حالت کي ڪڍي سگھي ٿو .

جنهن وقت انسان ان ڪم جي سگھ پيدا ڪري سگھي ، ان وقت اهڙيون گھڻيون ڪرامتون جيڪي انسان اندرموجود آهن، اهي هن لاءِ ثابت ٿي وينديون ، غَيبت واري زماني ۾ تمام گھٽ اهڙا انسان آهن جيڪي (طي الارض) زمين کي سميٽڻ جي طاقت رکن ٿا ، ۽ ان طاقت کان فائدو کڻندا ، ۽ پنهنجي جسم کان مادي حالت ۽ جسميت کي ختم ڪري پاڻ کي انرجي ۽ قوت جي لهرن ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن ، جيڪي هڪ گھڙي ۾ زمين جي هڪڙي ڪُنڊ کان ٻئي ڪُنڊ تائين پاڻ کي ظاهر ڪري سگھن ٿا.           

جيڪي انسان اها قدرت “انرجي” رکن ٿا اهي جسم کي روحاني طاقت سان (تروح پاتل جسم) جتي جو ارادو ڪندو ان جاءِ تي مجسم ڪري ڇڏيندا ،                                

 


(23) توانائيهائي خود را بشناسيد ص247

(24) توانائيهائي خود را بشناسيد ص 44

 

 

 

    دورو ڪريو : 10977
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 19940
    ڪل مهمان : 128857170
    ڪل مهمان : 89518563