امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
(1) نيت جي پاڪائي

(1) نيت جي پاڪائي

هاڻ ان تبديلين جي مختصر وضاحت ڏانهن توجه ڪندا ، جيڪي ظهور واري زماني انسان اندر پيدا ٿينديون:

اعتقادي مسئلن مان هڪ مسئلو پاڪ (صاف)۽ ناپاڪ حالتن جو پاڻ ۾ ميل ميلاپ آهي جيڪو روايتن ۾ پڻ بيان ڪيو ويو آهي، ته حالتن (طينت)مان مراد ڇا آهي ؟                     

اهي صفتون ۽ حالتون هڪ ٻئي سان مليل هونديون آهن؟ ۽ انهن کي ڪيئن پاڪ ڪري هڪ ٻئي کان جدا ڪري سگھجي ٿو؟                                                         

ان مسئلي جي تفصيل جي مجال هن ننڍي ۽ مختصر ڪتابچي ۾ ممڪن نه آهي ، ان ڪري اسان صرف هن نڪتي کي اشاري طور بيان ڪنداسين ، ته ظهور جي زماني جي خصوصيتن مان هڪ خصوصيت هي آهي ته ، انسان ملاوٽن جي حالت کان پري ٿي ۽ پنهنجي پاڻ کي بُرائين ۽ پليدين کان پاڪ ڪري، جيڪو انسان جي وجود جي گھرائين ۾ موجود آهي. اسان ڇوٿا چئون ، ته حضرت بقية الله (ارواحنافداه)جي ظهور جي دوران ماڻهو ملاوٽن ۽ پليدين کان پاڪ ٿي ويندا؟ هن سوال جي جواب کان اڳ مطلب کي واضح ڪرڻ لاءِ هڪ واقعو پيش ڪجي ٿو:                           

حضور پاڪ  جي وڏن دشمنن منجھان هڪ دشمن”شيبه بن عثمان“ هو، جنهن جي دل ۾ حضورپاڪ کي قتل ڪرڻ جي آرزو هئي، هو جنگ حنين ۾ به انهي خيال سان شريڪ ٿيو، ته حضور پاڪ کي قتل ڪري، جنگ جي دوران جڏهن صحابي حضور پاڪؐ جي اطراف کان پري ٿي ويا ۽ نبي پاڪ ؐ اڪيلو رهجي ويو پويان سندن جي ويجھو پهتو ۽ حملو ڪرڻ چاهيائين، ان وقت باھ جو هڪ شعلو هن ڏانهن آيو، جنهن باھ کي هي برداشت نه ڪري سگھيو، هن جي طاقت کان اها باھ گھڻي هئي، ان ڪري هو پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيو. نبي پاڪ پوئتي مُڙي هن ڏانهن  ڏٺو، ۽ فرمايو: شيبه ، مهنجي ويجھو اچ!             

ان وقت نبي اڪرم پنهنجي هٿ مبارڪ کي هن جي سيني تي رکيو، جنهن ڪري پاڪ رسول لاءِ هن جي دل ۾ محبت پيدا ٿي وئي ،اهڙي ريت جو پاڪ رسول هن جي لاءِ تمام پيارو ۽ محبوب شخص ٿي ويو، انهي تي شيبه ، پاڪ نبي جي حضور ۾ سندن جي دشمنن سان اهڙي جنگ ڪئي، جو اگر ان وقت سندس پيءُ به اڳيان اچي وڃيس ها ته انهي کي به پاڪ رسول جي مدد  ڪري قتل ڪري ڇڏي ها، (21)                                                           

توهان توجه ڪيو ته هن واقعي ۾ ڪهڙي نموني سان رسول

خدا هن شخص کي جيڪو اندر جو پليد ۽ تمام بدڪار      سندن جو جاني دشمن هو، سيڪنڊن ۾ نجاست ۽ پليدي کان ۽ ڪافرن جي صف مان ڪڍي ، مسلمانن جي صف ۾ آندائون. پيغبر خدا پنهنجي مبارڪ هٿ کي هن جي سيني تي رکڻ سان ، ان جي عقل کي ڪامل ڪري ڇڏيو هو، انهي تبديلي ڪري جيڪا خراب صفت هن جي اندر ۾ پيدا ٿيل هئي، ان کان نجات حاصل ڪري ورتي، هن واقعي کي مقدمي طورتي بيان ڪرڻ کان پوءِ ، ظهور جي زماني جي وضاحت هن ريت مولا امام محمد باقر (ع) بيان فرمايو آهي:                                                         

 ”اذا قٰامَ قائمُنٰا وَضَعَ يَدَهُ عليٰ رُوسِ العِبٰادِ ، فَجَمَعَ بِہِ

    عُقُولَهُم وَاَڪمَلَ بِہِ اَخلاقَهُم “ (22)

امام محمد باقر(ع) فرمايو : ”جنهن وقت اسان جو قائم آل محمد (ع) قيام ڪندو پنهنجي هٿن کي خدا جي بندن جي مٿان رکندو ۽ ان ڪري انهن جي عقلن کي پاڻ سان گڏ ڪري ڇڏيندو (ان ڪري انهن جون عقلي طاقتون ڪامل ٿي وينديون) ۽ انهن جي اخلاق کي پڻ ڪامل ڪري ڇڏيندو “                      

امام زمانه (ارواحنا فداه) پنهنجي ان عمل سان ماڻهن جي اندر کي پاڪ ڪري خدا جي تمام بندن کي بُرائين کان نجات بخشي ڇڏيندو.                                               

 


(21) سفينة البحار ج 1 ص 202 _ حُب جي مادي ۾

(22) بحارالانوار ج 52 ص 336

 

 

    دورو ڪريو : 10892
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 19265
    ڪل مهمان : 128855819
    ڪل مهمان : 89517887