امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
با وفا صحابين جي طاقت ۽ قدرت جو عام جائزو

با وفا صحابين جي طاقت ۽ قدرت جو عام جائزو

انسان جيتري حد تائين به ولايت کي قبولڻ لاءِ ڪوشش ۽ محنت ڪندو ، اوتروئي ان جو روح مضبوط ۽ طاقت وارو ٿيندو ، ۽ هڪ غير معمولي روحاني طاقت جو مالڪ بڻجي ويندو. جنهن ڪري مادي ۽ غير مادي شين تي حڪومت ڪري سگھي ٿو. جيئن ته مرحوم بحر العلوم  جي هن واقعي منجھان خبر پئي ٿي : مرحوم علامه بحرالعلوم  جنهن کي ساھ جو ، عارضو هوندو هو ، ان مرض جي حالت ۽ سخت گرمي جي مند ۾ ، مولا حسين  جي زيارت  لاءِ ، ڪربلا معلى ڏانهن نجف اشرف کان نڪتا ، ماڻهو حيرت ۾ پئجي ويا !

ته سائين هڪ بيمار ۽ ٻيو سخت گرمي ۾ ڪيئن سفر ڪندا؟  سائين جي سفر جي ساٿين ۾ ”مرحوم شيخ حسين نجف “ به هو، جيڪو سائين بحرالعلوم  جي زماني جي مشهور عالمن مان آهي، جنهن وقت سڀئي افراد گھوڙن تي سوار ٿيا، ته هڪ ڪَڪر آيو، جنهن هنن مٿان ڇانوَ ڪئي، ۽ ٿڌي هير به هلڻ شروع ٿي، اهو ڪَڪر هنن مٿان ائين  ئي ڇانوَ ڪندو رهيو ايتري تائين جو هڪ جڳهه ”خان شور“ نالي ويجھو پهتا، جتي عالم دين شيخ حسين نجف جا ڄاتل رهندا هئا، اتي هي عالم ، سائين بحرالعلوم کان جدا ٿيو ۽ پاڻ ۾ حال احوال ڪرڻ لڳا. اهو ڪَڪر سائين بحرالعلوم تي ڇانو ڪندو رهيو، ايتري تائين جو مهمان خاني ۾ داخل ٿيا. سج، جي گرمي جيڪا شيخ حسين نجف کي لڳي ان ڪري هن جي طبيعت خراب ٿي پئي، ۽ پنهنجي سواري (گھوڙي) کان زمين تي ڪري پيا. اڌوڙ عمر يا جسم جي ڪمزوري ڪري بي هوش ٿي ويا، ان عالم دين کي مهمان خاني ۾ سائين بحرالعلوم وٽ پهچايو ويو، ان کان پوءِ جڏهن هو عالم دين کي هوش آيو ،        

ته سائين کي عرض ڪيائين،           

   ”سَيّدَنٰا لِمَ لَمْ تدرڪَنٰا الرّحمَةَ“ اي اسان جا سيد ۽ سردار اسان کي رحمت پنهنجي هنج ۾ ڇو ناهي ورتو ؟           

سائين فرمايو : ” لِمَ تَخَلَّفْهُمْ عَنْهٰا “ توهان رحمت جي مخالفت ڇو ڪئي ؟ ان جواب ۾ هڪ خاص لطافت پوشيده  آهي. (18)                                                                                    

امام زمانه (ارواحنافداه) جي خاص صحابين جي طاقت جو استعمال ائين هوندو جو امام زمانه (ارواحنافداه)جي ٽي سو تيرنهن خاص صحابين مان ڪجھ اهڙا افراد به آهن جيڪي ڪَڪرن کان به ڪم وٺندا رهندا، ۽ مولا جي ظهور جي پهرين وقت ۾ ڪَڪرن ذريعي مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا .

ان باري ۾ هڪ روايت جناب مفضل امام جعفر صادق(ع) کان نقل ڪئي آهي جنهن ۾ مولا فرمايو :                          

   اذٰا اُذِنَ الامٰامُ دَعٰااللهَ بِاسمِہِ العِبراني فَاُتيحت لَہ صحٰابَتُہُ الثَّلاٰثَمِات وَثلاثَتَ عَشرَ قَزَعُ ڪَقَزَعِ الخَريفِ وَهُم  اصحٰابُ الاَلوِيتِ،مِنهُم مَن يُفقدُ عَن فِرٰاشِہِ لَيلاً فَيُصبَحُ بِمَڪةَ ، وَمِنهُم مَن يُرى يَسيرُ فِي السِّحٰابِ نَهٰاراً يُعرَفُ      بِاسمِہِ وَاسمِ ابيہِ وَ حِيليَتِہِ وَ نَسَبِہِ ، قُلتُ : جُعِلتُ فِدٰاڪَ    ايُّهُم اعظَمُ اِيمٰاناً ؟ قٰال : الّذي يَسيرُ فِي السَحٰابِ نَهٰاراً وَهُم المَفقُودُونَ وَفِيهِم  نُزِلَت هٰذهِ الآيةُ ( اَينَمٰا تَڪُونُوا ياءتِ بِڪُمُ اللهُ جَميعاً (19)(20)

امام جعفر صادق (ع) فرمايو:                                        

جڏهن به امام زمانه(ارواحنافداه) کي خدا طرفان اجازت ملندي ته خداوند کي عبراني (زبان) ۾ سڏيو ويندو، ان وقت ٽي سو تيرهن باوفا صحابي مولا جي مدد لاءِ تيار هوندا، اهي ڪڪر آهن ، سانوڻ جي ڪڪرن وانگر ۽ اهي ئي پرچمدار (حضرت مهدي عج) آهن، انهن مان ڪجھ رات جو پنهنجي بستر کان غائب ٿي ويندا، ۽ صبح جو مڪي ۾ هوندا، انهن مان ڪجھ ڏينهن جو جُهڙ ۾ سير ڪندا ڏٺا ويندا ، ۽ انهن کي سندن  جي نالن،پيءُ جي نالن ۽ پنهنجي خوبين ۽ مائٽن جي لحاظ سان سڃاتو ويندو، مون عرض ڪيو :انهن ٻنهن گروهن منجھان ڪهڙو ايمان جي لحاظ کان وڌيڪ ۽ عظمت وارو آهي؟

مولا فرمايو : جيڪي ڏينهن جو جھڙن تي سير ڪندا رهندا، ۽ جيڪي پنهنجن بسترن کان غائب ٿي ويندا،  انهن جي ئي باري ۾ هي آيت نازل ٿي آهي :         

”اوهان جتي به هجو خدا هڪ ڏينهن توهان سڀني کي گڏ ڪندو“

 


(18) عبقري الحسان ج 2 ص 69

(19) سوره بقره آيت: 119

(20) بحارالانوار ج 52 ص 368 _ غيبت نعماني ص 168 ، تفسير عياشي ج 1 ص 67 

 

    دورو ڪريو : 11019
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 22953
    ڪل مهمان : 128863195
    ڪل مهمان : 89521576