امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
3- امام زمانه (ارواحنافداه) جا انتظار ڪندڙ جيڪي ڪمال تائين پهتا يا عظيم صحابين جي مرتبي جي ڄاڻ،

3- امام زمانه (ارواحنافداه) جا انتظار ڪندڙ جيڪي ڪمال تائين پهتا يا عظيم صحابين جي مرتبي جي ڄاڻ،

حيران ڪندڙ ڳالهه هي آهي ته انتظار ڪندڙن جو ڪمال واري حد تائين پهچڻ پاڻ ڌڻي سڳوري جو تحفو آهي. اهي افراد صرف عقيدي ۽ يقين ڪري ولايت ۽ اهل بيت  جي مرتبي ۽ مقام جي ڄاڻ ڪونه ٿا رکن، بلڪي اهي پاڻ  ولايت واري نور سان چمڪندڙ هڪ قسم جون شعائون آهن. يقينا اهي افراد ڪمال جي درجي تي پهچڻ لاءِ پنهنجي ظرفيت جي مطابق خاندان وحي الهى جي مرتبي کان، معنوي ۽ روحي قدرت ۽ طاقت حاصل ڪن ٿا. ان رستي تي هلڻ ڪري انهن کي جيڪي ذميداريون ڏنيون وينديون آهن، انهن کي تمام سهڻي نموني انجام ڏيندا آهن. هن قسم جون شخصيتون مولا امام زمانه(ارواحنافداه) جي هر طرح سان مدد ڪرڻ لاءِ حاضر آهن، ۽ مولا جي مقام ولايت ۾ سڀني کان  اڳ آهن. هاڻ ان مقام تي قرآن جي هن آيت ڏانهن توجه ڪيو جنهن ۾ خالق ڪائنات فرمائي ٿو،:   ”فَاسْتَبِقُواالخَيٰراةِ أيْنَ مٰا تَڪُونُوا يٰاتِ بِڪُمُ اللهُ جَمِيعاً “   

  ”نيڪ ڪمن ۾ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌو ۽ توهان دنيا ۾ جتي به هجو هڪ ڏينهن خدا سڀني کي گڏ ڪندو“(16)

هي آية شريفه امام زمانه (ارواحنا فداه) جي ٽي سو تيرهن صحابين جي باري ۾ آهي. جيڪي مولا جي ظهور واري ڏينهن سڀني کان اڳ ۾ مولا جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا ، خدا وند عالم انهن کي پنهنجي گھر ۾ (ڪعبه) گڏ ڪندو، ته    

جيئن زماني جي بدڪارن کي ختم ڪري ڇڏين. هن مقام تي ممڪن آهي ، انسان جي ذهن ۾ هڪ سوال پيدا ٿئي! اهو هي ته انهن جو نيڪين ۾ اڳتي وڌڻ جو مطلب ڇا آهي؟ مولا امام مهدي(ارواحنافداه) جي ٽي سو تيرهن صحابين ۾ ڪهڙي سٺي ڳالهه آهي، جنهن ڪري اهي ٻين انسانن کان پيش پيش هوندا، ۽ ان عظيم مقام تي پهچندا؟ ان باري ۾ اسان اگر سر چشمه وحي کان معلوم ڪيون ته مولا امام محمد باقر(ع) جي حديث اڳ ۾ ذڪر ٿيل  آية شريفه جي تفسير ۾ ان سوال جي جواب کي هن طرح سان بيان فرمايو آهي.:                                                  

   ”الخَيرٰاتُ : الوِلاٰيَتُ لَنٰااهل البَيتِ “

 ”نيڪي (خيرات جو لفظ جيڪو آيت ۾ ذڪر ٿيل آهي)مان مراد اسان اهل بيت جي ولايت آهي “(17)                     

 


(16) سوره بقره آيت 148

(17) مرحوم نعماني جي ڪتاب الغيبه ص 314

 

 

 

 

 

 

    دورو ڪريو : 11060
    اج جا مهمان : 9102
    ڪالھ جا مهمان : 23196
    ڪل مهمان : 127613338
    ڪل مهمان : 88878688