امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
(3) ولايت واري مقام جي معرفت (ڄاڻ)

(3) ولايت واري مقام جي معرفت (ڄاڻ)

ظهور جو انتظار ۽ ولايت امام زمانه(ارواحنافداه)جي قدرت ۽ طاقت ، انتظار ڪندڙ انسانن جي دلين ۽ روحن ۾ مضبوطي ۽ استحڪام پيدا ڪندي آهي ۽ انسانن کي انهي عقيدي تي ثابت قدم ۽ پختو ڪندي آهي، هڪ ڏينهن اهڙوضرور ايندو جنهن ڏينهن خانه ڪعبه مان خدا جي قدرت مولا امام زمانه (ارواحنافداه)جي هٿان ظاهر ٿيندي ۽ جهان جي طاغوتن(ظالمن)کي جيڪي جونءَ وانگر سرڪشي ۽ دوکو ڪري غريبن جو خون چوسي رهيا آهن،انهن کي پنهنجي بُري ڪمن جي سزا ڏني ويندي. ولايت جي عظيم قدرت ۽ استحڪام کي تمام دنيا وارن تي روشن ۽ ثابت ڪندو، اهڙي مقام ولايت ۽ امامت جي مرتبي جو اهل اهو آهي جيڪو خدا جي قدرت کي ظاهر ۽ پڌرو ڪري . هي عقيدو انتظار ڪرڻ وارن جو آهي، ان ڪري ئي ظهور جو انتظار دين جي اصلي ۽ حقيقي عقيدن سان گڏ، معارف تي پڻ عقيدو رکڻ آهي. ان ڪري انتظار جي معرفت ، عقيدن جي ٻج کي ذهن ۽ دماغ ۾ جنم ڏيندي آهي. انهن ۾ يقين ۽ پختگي کي پيدا ڪندي آهي اهو ئي عقيدو ٻڌائي ٿو ته هڪ ڏينهن پوري دنيا ولايت واري طاقت هيٺ اچي نجات حاصل ڪندي . ولايت جي عظيم مرتبي ۽ شان واري طاقت ۽ دنيا  اڻڃاتل حڪومت، دنيا جي تمام ظالم ۽ جابر طاقتن کي گوڏ ٽيڪڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي. دنيا جون مادي طاقتون ، هن ولايت الهى جي تهذيب ،حڪومت ۽ طاقت جو مقابلو نه ڪري سگھندي ، جهان جي اصلاح ڪندڙ جي فرمان هيٺ اچي وينديون.            

 

    دورو ڪريو : 10869
    اج جا مهمان : 19115
    ڪالھ جا مهمان : 23196
    ڪل مهمان : 127633364
    ڪل مهمان : 88888701