امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
2- انتظار جي اثرن جي ڄاڻ

2- انتظار جي اثرن جي ڄاڻ

(1) مايوسي ۽ نااميدي کان پري ٿيڻ

اهڙي سماج ۾ جتي دين جو نالو نشان به ڪونهي ۽ ماڻهو سٺي مستقبل جي سوچ ۾ به نه هجن، پوءِ قتل ، خونريزي، خود ڪشي، ۽ اهڙي قسم جا ٻيا غلط ڪم تمام گھڻا ٿيندا آهن. ان ڪري جو سماج ۾ غربت ، تنگ دستي، ظلم، ڏاڍ،  قانون جي ڀڃڪڙي ، انسان جي حقن جي خلاف ورزي ۽ بي توجهي جهڙن حالتن سان منهن ڏيڻو پوندو آهي، يا وري اهڙين حالتن سان مقابلي ڪرڻ لاءِ واقفيت جو نه هجڻ ته انهن حالتن ڪري سماج ۽ معاشرو تباهي ڏانهن وڌي ويندو آهي ۽ ان معاشري ۾  نااميدي ۽ مايوسي پکڙبي آهي. ڇا ڪاڻ ته اهڙا ماڻهو غَيبي طاقت کان مايوس ۽ نااميد هوندا آهن. ان ڪري مشڪلن کان بچڻ لاءِ خود ڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندا آهن. پوءِ انهي ظلم ۽ خود ڪشي کي پنهنجو ڪري (اپنائي) نه صرف پنهنجي دنيا ۽ آخرت ، بلڪي پنهنجي خاندان ۽ ان سان گڏ پنهنجن مائٽن مٽن کي به هڪ وڏي تباهي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندا آهن.      

ليڪن ان جي مقابلي ۾ جن جي دلين ۾ انتظار جي ڪيفيت اجاگر هوندي آهي، ۽ هر وقت دنيا ۾ ولايت واري نور جي چمڪڻ جي انتظار ۾ آهن. اهي ڪڏهن به اهڙي قسم جو ظلم  نٿا سهي سگھن يا وري خودڪشي نه ٿا ڪري سگھن ، جيڪو  ظلم پاڻ سان گڏ سماج ۽ معاشري جي تباهي جو سبب ٿئي. ان جوسبب اهو آهي ته هنن کي انتظار جي مسئلي متعلق واقفيت اٿن. جنهن جي نتيجي ۾ اهڙا ماڻهو مايوسي ۽ نااميدي کان پري آهن.                                                                  

ان مطلب کي هيٺ ڏنل روايت ۾ واضح بيان ڪيو ويوآهي.

  عَنِ الحَسَنِ بنِ الجَهِم قٰالَ : سالتُ ابٰاالحَسَنِ (ع) عَن شَئ مِنَ   الفَرَجِ ، فَقٰالَ(ع) : اَوَلَستَ تَعلَمُ انّ اِنتِظٰارَ الفَرجِ مِن الفَرَجِ؟

  قُلتُ : لاٰ ادرِي الاّٰ ان تُعَلِّمَني ، فَقٰالَ(ع) : نَعَم ، اِنتِظٰارُ الفَرَجِ   مِن الفَرَجِ  (9)     

 حسن بن جهم چئي ٿو : امام موسيٰ ڪاظم(ع) کان مون فرج (مشڪل آسان ٿيڻ) جي باري ۾ سوال ڪيم، مولا  فرمايو : ڇا توکي خبر نه آهي ته فرج جو انتظار، فرج ۾ آهي.

 مان عرض ڪيو اوهان جيترو مونکي ٻڌايو آهي ، انهي کان وڌيڪ مونکي خبر نه آهي.                                  

 مولا  فرمايو: فرج جو انتطار ، پاڻ فرج جو هڪ حصو آهي.               

 


(9) بحارالانوار ج 52 ص 130_

                                                  

 

    دورو ڪريو : 10910
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 21315
    ڪل مهمان : 128859918
    ڪل مهمان : 89519937