امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
”مترجم“

”مترجم“

ان باري ۾ هڪ تمام اهم ۽ انسان جي اصلاح ڪندڙ روايت کي اوهان جي اڳيان پيش ڪجي ٿي، جيڪا ڪتاب اسرار موفقيت جي جلد 2 ۽ صفحي 50 تي ذڪر ڪيل آهي. جيڪا تمام مفيد ۽ معاشري جي اصلاح ڪندڙ روايت آهي، اها روايت ابو بصير مولا امام محمد باقر ع کان نقل ڪئي آهي.:                        

   قٰالَ : دَخَلتُ المَسجِدَ مَعَ ابي جَعفَر(ع) وَالنٰاسُ يَدخُلُونَ وَيَخرُجُونَ  فَقٰالَ لي : سَلِ النّٰاسَ هَل يَرَونَني ؟ فَڪُلُ مَن لَقَيتُہُ قُلتُ لَہُ : ارَائتَ ابٰا جَعفَر(ع) ؟ فَيَقَولُ: لاٰ وَهُوَ وٰاقِفُ حَتى   دَخَلَ ابو هٰارُون المَڪفُوفُ ، قٰالَ : سَل هٰذٰا ،فَقُلتُ : هَل رَائتَ   ابٰاجَعفَر(ع)  ؟  فَقٰالَ : الَيسَ هُوَ قٰائماً ، قٰالَ : وَمٰا عِلمُڪَ ؟

  قٰالَ : ڪَيفَ لاٰ اعلَمُ وَهُوَ نُورُ سٰاطعُ .  قٰالَ : وَ سَمِعتُہُ يَقُولُ

  لِرَجُلٖ مِن اهلِ الاِفريقيتِ : 

مَا حٰالُ رَاشِدٍ ؟ قٰالَ : خَلَّفْتُہُ حَيّاً صٰالِحاً يُقْرِؤُڪَ السّلامُ، 

 قٰالَ: رَحِمَہُ اللهُ ، قٰالَ: مٰاتَ ؟ قٰالَ : نَعَمْ ، قٰالَ : وَمَتى ؟  

 قٰالَ:بَعْدَ خُروجِڪَ بِيَومَيْنِ ، قٰال : وَاللهِ مٰامَرَضَ وَلاٰ ڪٰانَ بِہِ عِلَةُ ، قٰالَ:وَإنَّمٰا يَمُوتُ مَنْ يَمُوتُ مِنْ مَرَضٍأوعِلَةٍ . قُلْتُ:  مَنِ الرَّجُلُ ؟ قٰالَ : رَجُلُ ڪٰانَ لَنٰا مُوٰالِياً وَلَنٰا مُحِباً. ثُمَّ قٰالَ: لَئِنْ تَرَوْنَ اَنَّہُ لَيْسَ لَنٰا مَعَڪُمْ اَعْيُنُ نٰاظِرَاةُ  اَو اَسمٰاعُ سٰامِعَةُ، لَبِئسَ مٰا رَأيتُمْ ، وَاللهِ لاٰ يَخْفى عَلَيْنٰا 

 شَيُ مِن أعمٰالِڪُم، فَاحضِروُنٰا جَميعاً وَعَوِدُّوا اَنفُسَڪُمْ، الخَيْرَ، وَڪُونُوا مِن اَهلِہِ تُعرَفُوا فَاِني بِهٰذٰ اٰمُرُ وُلْدي وَ شيعتي،(8)                                                       

ابو بصير چئي ٿو ، امام محمد باقر (ع) سان گڏ جي مسجد ۾ داخل ٿياسين ، ۽  انهي وقت ماڻهن جي مسجد ۾ اچ وڃ هئي، امام (ع) مونکي فرمايو: ماڻهن کان پڇاء ڪر ڇا ڀلا! مونکي ڏسي رهيا آهن؟۽ آءُ جنهن سان به مليس انهي کان پڇا ڪيم ته ڇا امام محمد باقر(ع) کي ڏٺو اٿئي؟ جواب ڏيندا رهيا ته نه، ايتري تائين جو هڪ انڌو شخص جنهن جو نالو ابو هارون هو آيو، مولا فرمايو: هن کان پڇا ڪر. ان کي چيم امام محمد باقر(ع) کي ڏٺو اٿئي؟ ابو هارون : ڇا مولا هتي ڪونهي بيٺو؟                                                     

ابو بصير : تون انهي حقيقت کان ڪيئن واقف ٿيئن؟      

  ابو هارون : ڪيئن نه ان کان واقفيت ۽ ڄاڻ حاصل ڪيان در حقيقت امام(ع) واضح ۽ روشن نور آهي .

هن مقام تي فارسي شعر ذوق وارن لاءِ پيش خدمت آهي، 

يار پيشت حاضر و تو از خودي ،غايب از او باخود ا،

آخر ڪه گم ڪردي چه مي جوئي بگو؟!

  ان وقت ابو بصير چئي ٿو: ڏٺم ته مولا هڪ شخص جيڪوافريقا  جو رهاڪو  هو ان کي فرمايو:                           

   راشد جا ڪهڙا حال هئا؟ اهو شخص وراڻيو : جڏهن    افريقا کان آيو هوس ته هو ان وقت ته زنده،صحيح،سالم ۽ اوهان کي سلام عرض ڪري رهيو هو، مولا فرمايو : خدا وند ، ان تي رحمت ڪري ان شخص عرض ڪيو مولا  ڇا اهو مري ويو آهي؟ مولا  فرمايو:ها ان عرض ڪيو مولا ڪڏهن؟ مولا  فرمايو: ٻه ڏينهن تنهنجي افريقا مان روانو ٿيڻ کان پوءِ.شخص، خدا جو قسم راشد نه بيمار هو،نه ڪا تڪليف هئس ! مولا فرمايو هن دنيا مان لاڏاڻو فقط بيماري يا تڪليف سبب ٿئي ٿو.                                                 

 ابو بصير عرض ڪيو: مولا ؑ هي شخص ڪير آهي؟ مولا ؑ فرمايو: اهو اسان جي حبدارن منجھان ۽ اسان جي خاندان سان محبت ڪرڻ وارن منجھان آهي. ان وقت مولا ؑ فرمايو: ڇا اهو عقيدو رکو ٿا ته اسان کي ڏسڻ لاءِ يا اسان جي آواز ٻڌڻ لاءِ اوهان وٽ  ڏسڻ واريون اکيون ۽  ٻڌڻ وارا ڪَن ڪونهن، اها ڪيتري ته افسوس واري ڳالهه آهي. جنهن جو عقيدو رکو ٿا، خدا جو قسم اسان جي اڳيان اوهان جي اعمالن منجھان ڪابه شئي لڪل ڪانهي. بس سڀ انسان اسان کي پاڻ وٽ حاضر ۽ پنهنجي عملن تي ناظر سمجھن پاڻ ۾ سٺن ڪمن جي عادت وجھن ۽ نيڪ ڪم انجام ڏين، تاڪي ان حقيقت کي سڃاڻي سگھن.(ان کان پوءِ مولاؑفرمايو:) مان جيڪو ڪجھ فرمايو آهي پنهنجن شيعن کي حڪم ڪيو اٿم.                                   

انهي روايت ۾ ٻه ڳالهيون قابل توجه آهن.                     

1.انسان کي کپي ته پاڻ کي بُراين کان ۽ گناهن کان پاڪ ۽ صاف ڪري تاڪي معصومؑ امام جي زيارت جي لائق ٿي سگھي. ۽ انهن نورن جي زيارت ڪري سگھي.    

2. هن روايت ۾ مولاؑ علم غَيب جي خبر ڏئي اسان جي اڳيان علم غَيب کي واضح فرمايو آهي.           

 


(8) بحارالانوار ج 46 ص 243 _ ڪتاب خرائج ج 2 ص 595 ح7

 

    دورو ڪريو : 11009
    اج جا مهمان : 6451
    ڪالھ جا مهمان : 45443
    ڪل مهمان : 128481883
    ڪل مهمان : 89330891