امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
1- امام زمانه (عج) جي مقام ۽ منزلت جي ڄاڻ

1- امام زمانه (عج) جي مقام ۽ منزلت جي ڄاڻ

امام زمانه (ارواحنافداه) جو عظمت وارو وجود پنهنجي نوراني خوبين ڪري انتظار جي ڪيفيت لاءِ ڪُنجيءَ جي حيثيت رکي ٿو.                                                    

ان ڪري جو دنيا ۾مولا (عج) کان سواءِ ڪو به رهبري ، امامت ۽ هن دنيا جي اصلاح جي لائق ڪونهي.              

اهو ئي سبب مولا (عج) ڏانهن انسان کي راغب ڪندو آهي. مولا امام زمانه(ارواحنافداه) خدا جي آخري نشاني آهي ۽ مولا (عج) خدا طرفان انسان لاءِ آخري رهبر ۽ هدايت ڪرڻ وارو آهي. انهي ڪري مولا اميرالمؤمنين (ع) اهڙي پاڪ هستي جي باري ۾ فرمايو آهي:                                       

    ” عِلمُ الاَنبيٰاءِ فِي عِلمِهِم وَسِرُّالاَوصِيٰاءِ فِي سِرِّهِم وَعِزُّ الاَولِيٰاءِ فِي عِزِّهِم ڪَالقَطرَةِ فِي البَحرِ وَالذَّرَّةِ فِي القَفرِ“(5)

    ”تمام انبياءَ جو علم،تمام وصين جا راز ۽ تمام ولين جون عزتون سندن جي علم ، راز ۽ عزت جي مقابلي

۾ ائين آهن جيئن سمنڊ ۾ هڪ ڦڙو يا ريگستان ۾      

هڪ ذرو،“                                                      

هاڻ اسان اهڙي وقت ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون، جيڪو معصومن جي سلسلي جي آخري ڪڙي جو وقت سڏجي ٿو. انهي ڪري اسان تي فرض آهي ته اسان سندن  جي نوراني فرمانن جي سايه هيٺ رهي ڪري بربادي ۽ تباهي کان پناهه حاصل ڪيون. مولا (عج) جي ظهور جي لاءِ رستو هموار(سنواريون) ڪيون ، ان نور جي چانڊوڪي جي لاءِ گھڙيون ڳڻيندا

رهون  ته مولا جو ظهور ٿئي ۽ مولا اچي هدايت وارو پرچم ۽ عدالت ۽ نورانيت کي دنيا تي قائم ڪري.                    

اگر ڪو شخص هن دور ۾ پنهنجي وقت جي امام کي سڃاڻي ۽ ان سان گڏ وري ان شئ کان پڻ واقف هجي  ته مولا پرده غَيبت ۾رهي ڪري ڪيئن اسان جي مدد فرمائي رهيو آهي ۽ اها به واقفيت رکندو هجي ته جيڪي تبديليون مولا پنهنجي ظهور وقت انسانن ۽ دنيا ۾ وجود آڻيندا اهو انسان سدائين لاءِ مولا جي ياد ۾ رهندو، جھڙي ريت حڪم به اهو آهي ته ولايت واري نور جي انتظار ۾ زندگي گذاريندا رهو.(6)                                                                                

اها معرفت انسان جي دل مان تمام پليدين ۽ بُراين کان پاڪ ۽ صاف ڪري ، ان جي جاءِ تي نورانيت کي رکندي آهي. هاڻ اوهانجي اڳيان هڪ بهترين حديث شريف پيش ڪجي ٿي جيڪا غَيبت جي وقت امام زمانه(ارواحنافداه) جي غَيبي مدد جي باري ۾ بيان ٿيل آهي.                                       

هن حديث کي جابر جعفي حضرت جابر ابن عبدالله انصاري  ۽ ان حضور پاڪ  کان نقل ڪيو اٿس. پاڻ حضور فرمايو:                                                   

      ذاٰڪَ الّذي يَفتَحُ اللهُ_تَعالى ذِ ڪرُهُ _ عَلى يَدَيہِ  مَشٰارِقَ

   الاَرضِ وَمَغٰارِبَهٰا ، ذٰاڪَ الذِّي يَغِيبُ عَن شيِعَتِہِ  وَاَولِيٰائہِ غَيبَةً لاٰ يَثبُتُ فِيهٰا عَلي القَولِ بِامٰامَتِہِ الاّٰ  مَن اِمتَحَنَ اللهُ قَلبَہُ بِالاِيمٰانِ .

       قٰالَ:فَقٰالَ جٰابِرُ: يارَسُولَ اللهِ فَهَل يَنتَفعُ الشِّيعَتُ بِہِ  فِي غَيبَتِہِ ؟

فَقٰالَ اَي وَالّذي بَعَثَني بِالنُبُوِّتِ انَّهُم لَيَنتَفِعُونَ بِہِ وَ يَستَضيِئوُنَ بِنُورِ ولاٰيَتِہِ فِي غَيبَتِہِ ڪَانتِفٰاعِ النّٰاسِ بِالشمسِ وَ ان جَلَلَهٰا السَّحٰابُ،يٰاجٰابِرُ،هٰذا مَڪنُونُ سِرِّ اللهِ وَمَخزُونُ  عِلمِہِ فَاڪتُمہُ الاّٰ عَن اَهلِہِ “ (7)

  اهو (حضرت مهدي ارواحنافداه ) آهي الله سائين _وڏي شان وارو _جنهن جي هٿان اوڀر ۽ اولهه جون زمينون فتح ڪرائيندو. اهو آهي، جيڪو شيعن ۽ ولين کان غائب هوندو اهڙي طرح جو ڪير به انهيءَ جي امامت جي عقيدي تي ثابت قدم نه رهندو، سواءِ ان شخص جي جنهن جي دل کي خدا وند عالم آزمايو هجي.                                     

   جابر جعفي چئي ٿو ته : جابر ابن عبدالله انصاري ، حضور  جي خدمت ۾ عرض ڪيو: يا رسول الله ڇا ڀلا ان جي غَيبت جي وقت، ان جا شيعه سندن جي پاڪ وجود کان فائدو وٺي سگھندا؟                                                             

 حبيب خدا فرمايو: انهي خدا جو قسم جنهن مونکي پنهنجورسول بڻايو آهي. اهي انسان (شيعه) مولا جي نور ولايت مان فائدو کڻندا رهندا، جهڙي طرح انسان سج کان استفادو ڪندا آهن جنهن وقت اهو جُھڙ سان ڍڪيل هوندو آهي.                                                              

اي جابر ، اهو الله سائين جي علم جي خزانن منجھان آهي  ان ڪري سندن کي پردي ۾ رکيو سواءِ ان جي اهل کان. هن حديث شريف ۾ توهان ملاحظو ڪيو ته پيغمبر خداؐ  ڪيتري تاڪيد سان قسم کڻي رهيو آهي،ته شيعه امام زمانه (ارواحنافداه) جي غَيبت ۾ به سندن جي ولايت جي روشني منجھان فيض حاصل ڪندا رهندا.        

هڪ فارسي شعر آهي جنهن ۾ مولا جي زيارت جي باري ۾ بيان ڪيو ويو آهي،انهن لاءِ جيڪي فارسي شعر سان دلي لڳاءُ رکندا آهن.                                                

ڪيست بي پرده به خورشيد ، نظر باز ڪند

چشم پوشيده ما ،علت پنهاني تست،

ازلطافت نتوان يافت ، ڪجا مي باشي،

جاي رحم است برآن ڪس ڪه تماشائي تست.

حقيقت اها آهي ته امام زمانه (ارواحنا فداه) هن دور ۾ غائب آهن. پر غَيب جا پردا اسان جي دلين تي آهي.نه ته امام زمانه (ارواحنا فداه) انهن انسانن لاءِ چمڪندڙ نور آهن، جنهن جو دل شيشي جيان پاڪ ۽ صاف آهي،  پوءِ کڻي ظاهري طورتي اهي اکين کان نابينا ڇو نه هجن. 

ان حقيقت طرف انسان توجه ڪري، ته اها ئي حقيقت انسان کي منزل ولايت ۽ مولا جي علم ۽ طاقت ڏانهن هدايت ڪري ٿي، مولا امام زمانه (ارواحنافداه) جي محبت کي دلين ۾ اجاگر ڪري ٿي، ۽ مولا جي اچڻ واري حڪومت جو انتظار انسان جي دلين ۾ پيدا ڪري ٿي.                         

 


(5) بحارالانوار ج 25 ص 173

(6) بحارالانوار ج25 ص 173

(7) ڪمال الدين ص 146 ۽ 147 _ بحارالانوار ج 36 ص 250

 

    دورو ڪريو : 10993
    اج جا مهمان : 0
    ڪالھ جا مهمان : 30454
    ڪل مهمان : 128529886
    ڪل مهمان : 89354894