امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
انتظار جو سبب

انتظار جو سبب

اسان لاءِ ضروري آهي، ته انتظار جي صحيح معنيٰ کان واقفيت حاصل ڪري پوءِ انهي حالت ۽ ڪيفيت کي پاڻ ۽ ٻين ۾ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪيون.                                             

انتظار جي حقيقي معنيٰ کي حاصل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ لاءِ مختلف رستا ذڪر ڪيا ويا آهن . جنهن رستن تي هلي ڪري(عمل ڪري) اسان معاشري ۾ انتظار جي ڪيفيت  آڻي سگھون ٿا ۽ سڀني جي وجود جي گھرائين ۾ انتظار جي وڻ کي ثمر دار ڪري سگھون ٿا.                                               

هيٺ ڏنل ڪجھ اهم طريقن سان سماج کي انتظار ڏانهن رغبت ڏياري سگھون ٿا.                          

1_ ولايت جي بلند مرتبي کان واقفيت ۽ امام زمانه (ارواحنافداه) جي معرفت حاصل ڪرڻ.                                        

2_انتظار جي حيرت ۾ وجھندڙ نشانين سان گڏ انهي جي صحيح ۽ مڪمل معنيٰ ۽ ان جي بلند ترين مرحلن کان واقفيت حاصل ڪرڻ.                                             

3_امام زمانه (ارواحنافداه) جي صحابين جي صفتن ۽ خصوصيتن کان واقفيت حاصل ڪرڻ، جيڪي انتظار جي تمام بلند مرتبي تي فائز هئا ۽ هڪ تمام عظيم روحاني طاقت سان سرشار هئا ۽ امام زمانه(ارواحنافداه) جي حڪم کي سر انجام ڏيندا رهيا.                                                           

4_اڄ جي انسانن ۽ بعد ۾ اچڻ وارن جي زندگي ۾ تمام وڏين تبديلين جي واقفيت ۽ ڄاڻ حاصل ڪرڻ ، جيڪي تبديليون امام زمانه(ارواحنافداه) جي ظهور جي وقت ظاهر ٿينديون                    

امام زمانه (ارواحنافداه) جي منزلت جي ڄاڻ ۽ سندن محبت ڪرڻ وارن ساٿين جي ڄاڻ ۽ عقل ، سمجھ ۽ سوچ جو پايه تڪميل تائين پهچڻ ، غَيب ۽ نه ڏٺل دنيا سان واسطو نه ڄاتل مخلوق کي سڃاڻڻ . پري پري فضائن ۽ آسمانن جو سفر ڪرڻ ۽ ان قسم جا ٻيا مسئلا ، ماڻهن کي ظهور امام زمانه(ارواحنافداه) جي مسئلي ڏانهن توجه ڏيارين ٿيون. سندن مولا جي عظمت(وڏي شان) واري ۽ پر راز حڪومت لاءِ تياري جي همٿ ڏيارين ٿيون. انهن حقيقتن جو علم ۽ ڄاڻ، پاڪ دل انسانن جي اندر ۾ هڪ عجيب قسم جي عشق ، محبت ۽ خوشي کي جنم ڏينديون آهن.  (1)            

ان ڪري اهي انسان مولا جا حبدار (شيدائي)ٿي ويندا آهن. سماج ۾ انتظار ۽ ظهور جي ڪيفيت کي اجاگر ڪندا آهن. حقيقت ۾ اهو ڪم هر مسلمان تي فرض آهي.  

 


(1) انهيءَ کان علاوه ٻيا به ڪافي رستا آهن جيڪي انسان کي انتظار جي طرف دعوت ڏيندا آهن. جنهن ما ڪجھ جي وضاحت اسان ڪتاب اسرار موفقيت ۾ بيان ڪئي آهي. خلوص ، معارف جي ڄاڻ ، محبت اهل بيت (ع) جي ڄاڻ ....

 

    دورو ڪريو : 10925
    اج جا مهمان : 28907
    ڪالھ جا مهمان : 32446
    ڪل مهمان : 128591681
    ڪل مهمان : 89385792