امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
انتظار جي اهميت

 

مولا علي (ع) فرمايو آهي:

 ”افضَلُ عِبٰادَةِ الّمُؤمِنِ اِنتِظٰارُ فَرَجِ اللهِ“

  ”مؤمن جي بهترين عبادت اها آهي ته هو الله

جي طرفان مشڪل ۽ غمن کان نڪرڻ جو انتظار ڪري“

 

انتظار جي اهميت

انتظار معاشري جي بهترين انسانن جي صفت آهي، جيڪي ڪاميابي جي رستي تي هلن پيا ۽ ان رستي تي پوري طرح سان عمل ڪندا رهن ٿا، ان لاءِ جو غَيبت جي وقت جون حديثون پڻ تمام مضبوط ۽ آئمہ (ع) جي پاڪ زبان مبارڪ کان جاري ٿيل آهن. جن ۾ اهو فرمايو ويو آهي ته انتظار ڪرڻ وارا انسان تمام زماني جي سٺن انسانن کان به وڌيڪ فضيلت وارا آهن. انهي ڪري ڪيترا ئي انسان انتظار جي مسئلي کي سٺي طريقي سان سمجھندي ، قائل آهن ته اڄ جي زماني ۾ ڪاميابي جو   بهترين سبب انتظار آهي. ۽ اهو عقيدو رکن ٿا ته انسان پنهنجي ڪاميابي جي بلند سببن کي انتظار واقعي ۾ پيدا ڪري سگھي ٿو، ان وسيلي سان معنويت جي بلند چوٽين تي پرواز ڪري ۽ پنهنجي معاشرتي ۽ روحاني مشڪلن کان نجات حاصل ڪري سگھي ٿو. انتظار جي حقيقي معنيٰ اها ڏکي حالت آهي جنهن کي ائين چئي سگھجي ٿو ته: جيڪا ڳجھ ۽ رازن جي ڪوٽن ۾ گھيريل آهي . تمام گھٽ انسانن انهي مان بلندين جو رستو ڪڍيو آهي. ۽ دشمنن جي حيلن ۽ بهانن جو مقابلو ڪيو آهي.      

ان ڪري جو انتظار جي بلند ۽ بهترين معنيٰ اها آهي ته امام زمانه(ارواحنافداه) جي حڪومت خدا طرفان قائم ٿيڻ ۽ خدا جي حڪمن کي رواج ڏيڻ، ان جي خدمت ڪرڻ لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ،۽ مدد ڪرڻ ، اهي سڀئي ڳالهيون امام زمانه (ارواحنافداه) جي خاص صحابين  ۾ موجود آهن.                    

انتظار جي جيتري به ڪيفيت انسان ۾ پيدا ٿيندي           

اها حقيقت ۾ هڪ قسم جي غَيبي مدد آهي، ۽ اهو خدا تعاليٰ جي ويجھو ٿيڻ جو سبب آهي.اگر اها شي انسان جي اندر ۾ سدائين هجي ۽ پنهنجي ڪمال تائين پهچي وڃي ته پوءِ انسان جي اندر ۾ جيڪا ڪشمڪش واري حالت جيڪا انسان جي لاعلمي جي ڪري پيدا ٿيندي آهي ، ان ڪيفيت کي ختم ڪري ڇڏيندي ۽ انسان جي اندر ۾ هڪ قسم جي روشني جي شعاع جا دروازا کولي ڇڏيندي آهي. ان سبب ڪري انسان ڪمال تائين پهچندو آهي.انتظار  ان کي چوندا آهن ته انسان هر لحاظ سان هر حال ۾ تيار هجي. اهڙو انتظار انسان کي پاڪ دلي ۽ محبت ۽ روشني ڏانهن هدايت ڪندي انسان لاءِ هن دنيا ۾ سڀني شيطاني طاقتن کي ختم ڪري ڇڏيندو آهي. (1)  

ان ڳالهه کي مد نظر رکندي اسان چئي سگھون ٿا ته اهڙو انسان انهن مرحلن کي طئي ڪري سگھي ٿو جنهن کي خدا تعاليٰ اهڙي سگھ ۽ طاقت ڏني هجي. انهي ڳالهه کي اسان سمجھون ته امام زمانه (ارواحنافداه) جي حڪومت ڪا معمولي حڪومت ڪانهي، بلڪه هڪ اهڙي حڪومت هوندي جنهن کي سمجھڻ به انسان جي وس ۾ نه آهي.                            

اها حڪومت اسان جي سجھ ، سوچ ۽ طاقت کان به مٿي آهي. سڀني انسانن لاءِ ضروري آهي ته اهي مولا امام زمانه(ارواحنافداه) جي مدد لاءِ حاضر ٿين. الله جي نيڪ ٻانهن ۾ شامل ٿين ته جيئن مولا جي حڪم ۽ فرمان تي عمل ڪرڻ جي طاقت حاصل ڪري سگھن. البته انهي طاقت کي حاصل ڪرڻ آسان ڳالهه نه آهي بلڪه انهي جي لاءِ هڪ خاص طاقت ۽ مدد جي ضرورت آهي.(2)                                                            

اهي حديثون جن ۾ امام زمانه (ارواحنافداه) جي ٽي سو تيرنهن  بهترين صحابين جي صفتن ۽ فضيلتن کي بيان ڪيو ويو آهي انهن ۾ روحاني ۽ هڪ غير معمولي طاقت کي بيان ڪيو ويو آهي، البته غَيبت واري زماني ۾ پڻ اهڙيون طاقتون موجود آهن.                                              

 


(1) جيڪي انسان امام زمانه (عج) جي ياد،انتظار ۽ توسل  لاءِ جيڪي محفلون ۽ مجلسون قائم ڪندا آهن انهن جي تعداد تمام گھڻي آهي الحمد الله اها تمام ڀلي ڳالهه آهي ته اسان به انهيءَ جا انڪاري نه آهيون ۽ اها به اسانجي مراد نه آهي ته انهن ۾ انتظار جي حالت ڪانهي. اسان اهو ٿا چئون ته انتظار جا مختلف درجا آهن جيڪي انسان انهي جي بلند مرتبي تي پهچي ويندا آهن جن جي تعداد اگرچه تمام ٿوري آهي. اهي به انهي انسانن منجھان آهن. جيڪي تمام بلند مرتبي تي پهتا آهن. انهن تمام وڏي ڪوشش ۽ محنت ڪئي آهي ۽ مشڪلون ۽ تڪليفون برداشت ڪيون اٿن، ان کان پوءِ انهي درجي تي پهتا آهن.(اسان سڀني کي کپي ته انهيءَ مرتبي تي پهچڻ جي ڪوشش ۽ جدو جهد ڪيون)

(2) ڪافي اهڙيون روايتون آهن جن ۾ مولاامام زمانه (ارواحنافداه) جي حڪومت ۾ غير معمولي طاقتن کان فائدي وٺڻ کي بيان ڪيو ويو آهي.

 

    دورو ڪريو : 10958
    اج جا مهمان : 420
    ڪالھ جا مهمان : 23196
    ڪل مهمان : 127595973
    ڪل مهمان : 88870005