امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
توسل جي باري ۾ ڪجھ بنادي نڪته:

توسل جي باري ۾ ڪجھ بنادي نڪته:

جيڪو اهل بيت عليهم السلام  سان توسل جي ذريعي غيب جي قدرت حاصل ڪرڻ چاهيندو هجي يا هي  چاهيندو هجي ته انهن سان توسل ڪرڻ هميشه فائديمند رهي ته ان کي گهرجي ته سڀ کان پهريان توسل جي اصلي (بنيادي)  نڪتن ۽ ان جي شرطن ڏانهن مڪمل توجھ ڪري، ڇاڪاڻ ته ان جا ڪيترائي اثر آهن. توسل ڪرڻ وقت انهن جي رعايت ڪري ته جئين آخرت ۾ ثواب ۽ معنويت حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ دنيا ۾ به انهن جو نتيجو حاصل ڪري سگھي. ۽ جنهن حاجت جي حاصل ڪرڻ لاءِ توسل ڪيو اٿس ان حاجت کي حاصل ڪري سگھي. پر جيڪڏهن انهن نڪتن جو ڪو خيال نه رکيو وڃي ته جيتوڻيڪ ثواب ۽ معنوي اجرت ملي ويندي پر ٿي سگهي ٿو ته ڪجھ حاجتون حاصل نه ٿي سگھن ۽ پنهنجي مقصد تائين نه پهچي سگھي.

هاڻي توسل جي اثرن کي ظاهر ڪرڻ واري شرطن ڏانهن توجھ ڪريو:

دل جي پاڪيزگي.اندروني پاڪائي ۽ دل جي طهارت معنوي اثرن جي طرف توجھ ڪرڻ جي اهم شرطن منجھان هڪ هي آهي. ته نه رڳو توسل ۾ بلڪه دعائن ۽ مناجات ۾ به دل جو روحاني بيمارين کان پاڪ هجڻ پڻ ضروري آهي. ان ڪري جو اولياءِ خدا ۽ خدا جي بارگاهه ۾ قرب رکڻ وارين شخصيتن سان توسل ڪرڻ ۽ دعائون ۾ بي حد اثر ٿئي ٿو. ۽ ان کان بهترين نتيجا حاصل ڪري سگھجن ٿا، ۽ سٺي ڪردار نه رکڻ واري افراد سان توسل ڪرڻ ۾ اهو سڀ ڪجھ نٿو حاصل ٿي سگھي. ان ڪري ته اسان ڪيترن ئي جڳهن تي مشاهدو ڪندا آهيون ته انهن سان توسل ڪرڻ جو ڪو به نتيجو حاصل نه ٿيندو آهي يا جئين حاصل ٿيڻ گهرجي ائين حاصل نه ٿيندو آهي.

مستجاب الدعواة (اهي ماڻهون جن جي دعا قبول ٿيندي آهي) دعائون قبول ٿيڻ جي مهم رازن منجھان هڪ راز انهن جي نفس جو پاڪ و پاڪيزه هجڻ آهي. انهن جي نفس جو پاڪ و پاڪيزه هجڻ ان شيءِ جو سبب ٿيندو آهي ته انهن جون دعائون ۽ توسلَ، شخصي اغراض و مقاصد کان پاڪ آهن.       

نه وڻندڙ اخلاق ۽ روحاني بيماريون انسان جي روح کي وڪوڙي ڇڏينديون آهن جنهن جي ڪري انسان جو روح ترقي ڪرڻ کان بيوس ٿي ويندو آهي، پر خدا جا حقيقي ٻانها روح جي ان مضبوط زنجيرن کي ٽوڙي پنهنجي پاڻ کي آزادي بخشيندا آهن ان ڪري ئي ڪڏهن به انهن جون دعائون ۽ توسلَ ظاهر ۽ خود نمائي جي بنياد تي قائم نه هوندا آهي ۽ اهي انهن گناهن ڪرڻ کان به پرهيز ڪندا آهن جيڪي گناهه انسان جي روح کي بيمار بڻائڻ جا سبب ٿيندا آهن. ان ڪري ئي پنهنجي توسلن ۾ هميشه ڪاميابي حاصل ڪندا آهن.

جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪري غيبي طاقتن کان استفادو ڪريو، ۽ توهان جا توسلَ به فائديمند هجن ته توهان کي دل جي پاڪيزگيءَ جهڙي مهم نڪته ڏانهن توجھ ڪرڻي پوندي.

پنهنجي باطن منجهان عيبن ۽ ريبن کي پاڪ ڪندي پنهنجي رستي تان ڪنڊن ۽ ڪانڊيرن کي صاف ڪري ڇڏيو، ۽ ان کانپوءِ خدا جي رسيءَ کي مضبوطيءَ سان پڪڙي صراط مستقيم تي راهي ٿي وڃون.

ان بناء تي پنهنجي حياتي ۾ هن حساس نڪته کان غافل نه رهو ۽ پنهنجي قيمتي زندگيءَ کي باطني ۽ معنوي بيمارين جي ڪري ضايع نه ڪريو!

جيڪڏهن توهان پنهنجي باطن کي صاف ڪري ڇڏيو آهي سمجهو ته توهان جي هٿ ۾ ڪاميابي جي ڪونجي آهي جنهن کان توهان پنهنجي دعائن ۽ توسلن ۾ استفادو ڪري سگھو ٿا.

 

    دورو ڪريو : 2331
    اج جا مهمان : 25645
    ڪالھ جا مهمان : 32446
    ڪل مهمان : 128585158
    ڪل مهمان : 89382531