امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
توسل ۾ اعتقادي مسئلا:

توسل ۾ اعتقادي مسئلا:

جيڪو به اهل بيت رسول عليهم السلام  سان توسل ڪندو ڄڻ ته ان ضروري اعتقادي مسئلن تي پنهنجي ايمان جو اظهار ڪيو آهي ۽ انهن مسئلن کي قوت بخشي آهي.

1_ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري وڃڻ کانپوءِ اهل بيت عليهم السلام جي زندگي جو عقيدو رکڻ:

الله سائين جو ارشاد آهي:

>وَ لا تَحْسَبَنَّ الَّذينَ قُتِلُوا في‏ سَبيلِ اللَّهِ أَمْواتاً بَلْ أَحْياءٌ عِنْدَ رَبِّهِمْ يُرْزَقُونَ[1]<

خدا جي راهه ۾ قتل ٿي وڃڻ وارن کي مرده نه سمجھون بلڪه اهي زنده آهن ۽ پنهنجي پالڻهار وٽان رزق وٺي رهيان آهن.

2_ معصومين عليهم السلام  جي علم ۽ آگاهي رکڻ تي عقيدو رکڻ ته انسان دنيا جي ڪهڙي به ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندو هجي. اهو انهن هستين سان توسل ڪري سگھي ٿو، ۽ اهي هستيون سڀني انسانن جي حاجتن کان آگاهه آهن، ڇاڪاڻ ته اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ انهي صورت ۾ صحيح ٿي سگهي ٿو جڏهن اسان اهو عقيدو رکندا هجون ته اسان جنهن هنڌ تان به انهن کي پڪاريون اهي اسان جي حاجتن کان پوري طرح آگاهه آهن.

3_ خدا جي طرف کان معصومين عليهم السلام  جي ولايت ۽ قدرت جو عقيدو رکڻ:

هي هڪ اهڙي حقيقت آهي جنهن جي ضمن ۾ اسان پنهنجي باطني ايمان ۽ عقيدي جو اظهار ڪندا آهيون، ڇاڪاڻ ته عقل جي لحاظ کان ان ئي شخص کان مدد گھرڻ صحيح آهي جيڪو مدد ڪرڻ ۽ سهاري ڏيڻ جي قدرت رکندو هجي. انهن هستين سان اسان جي توسل ڪرڻ جي معنى هي آهي ته اسان ان حقيقت کان آگاهي رکون ٿا، ان تي اعتقاد رکون ٿا ۽ ان تي ناز ڪيون ٿا جهڙوڪ آسماني مخلوق انهن تي ناز ۽ فخر ڪندي آهي.

رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  حضرت علي عليه السلام  کي فرمايو:

يَا عَلِي يَتَفَاخَرُونَ أَهْلَ السَّمَاءِ بِمَعْرِفَتِكَ وَ يَتَوَسَّلُونَ إِلَى اللَّهِ بِمَعْرِفَتِكَ وَ انْتِظَارِ أَمْرِكَ[2].

ياعلي! آسمان واري مخلوق تنهنجي معرفت تي فخر ڪري ٿي، تنهنجي معرفت ۽ تنهنجي امر جي انتظار ذريعي ئي خدا سان توسل ڪري ٿي.

ان بناء تي آسمان وارن جي معرفت، فخر ۽ آسمان تي رهڻ وارن جو انتظار ان جي توسل جي سبب ئي آهي.

جي هان! ايستائين جو آسماني مخلوق به ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهي آهي جنهن ڏينهن سموري ڪائنات تي حضرت اميرالمومنين علي ابن ابي طالب عليهما السلام جي ولايت جو پرچم بلند هوندو ۽ حضرت امام مهدي (عج) جي دست قدرت سان ڪابه طاغوتي ۽ شيطاني طاقت بچي نه سگھندي. ان ڏينهن ڪنهن به گھر ۾ غم ۽ غربت نه هوندي ۽ پوري ڪائنات ۾ اهل بيت عليهم السلام  جي معرفت جي پرچار هوندي.

 


[1] . سوره آل عمران آيت 168

[2] . بحارالانوار؛ ج، 40، ص، 64

 

 

    دورو ڪريو : 2351
    اج جا مهمان : 491
    ڪالھ جا مهمان : 32446
    ڪل مهمان : 128534852
    ڪل مهمان : 89357377