امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
دعائن ۽ زيارتن ۾ توسل:

دعائن ۽ زيارتن ۾ توسل:

ماڻهن اهل بيت عليهم السلام سان توسل ڪرڻ جا ايترا ته نتيجا ڏٺا آهن جيڪي ناقابل انڪار آهن. خاندان وحي عليهم السلام  جا تمام محب پنهنجي مشڪلاتن کي انهن ئي بابرڪت هستين سان توسل ڪري حل ڪندا آهن، ۽ اهي ٻين جي حاجتن جي مستجاب ٿيڻ جا شاهد به آهن، انهن سان توسل ڪرڻ جي سبب اهڙيون مشڪلاتون حل ٿي وينديون آهن جن جو اسان جي ناقص عقل جي محدوديت ۾ حل ٿيڻ ممڪن نه آهي.

اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ جي سلسلي ۾ نه رڳو قرآن مجيد ۽ خاندان وحي عليهم السلام  جي روايتن ۾ حڪم بيان ٿيو آهي بلڪه دعائن زيارتن ۾ به اسان کي توسل ڪرڻ جي دعوت ڏني وئي آهي.

فقط اسان هتي ٻن نمونن کي ذڪر ڪرڻ تي اڪتفاء ڪيون ٿا:

حضرت امام حسين عليه السلام  جي زيارت ۾ اسان پڙهندا آهيون؛

أَتَوَسَّلُ إِلَى اللَّهِ بِكَ فِي جَمِيعِ حَوَائِجِي مِنْ أَمْرِ آخِرَتِي وَ دُنْيَايَ وَ بِكَ يَتَوَسَّلُ الْمُتَوَسِّلُونَ إِلَى اللَّهِ فِي حَوَائِجِهِم[1]‏.

آئون پنهنجي سڀني حاجتن ۾ توڻي دنيائي هجن يا اخروي توهان جي وسيلي سان خدا جي بارگاهه ۾ توسل ڪيان ٿو، ڇو جو خدا جي بارگاهه ۾ توسل ڪرڻ وارا پنهنجن حاجتن ۾ سڀ جا سڀ توهان جي وسيلي سان ئي توسل ڪندا آهن.

حضرت امام حسين عليه السلام  سان توسل ڪرڻ ۽ سندس عزاداريءَ ۾ روئڻ سڀني انسانن جي لاءِ فائديمند آهي، ايستائين جو بيحد گناهگار به پنهنجي ڪردار ۽ رفتار ۾ پشيمان ٿي امام حسين عليه السلام  جي طرف توجھ ڪري سگھن ٿا ڇاڪاڻ ته پاڻ سڀني گنهگارن جي بخشش ڪرڻ وارا ڪريم آهن. يقين ڪريو ته امام حسين عليه السلام  تمام بي سهارن جو سهارو آهي.

عرفه جي ڏينهن دعا ۾ پڙهندا آهيون:

أَسْأَلُكَ بِحَقِّ مُحَمَّدٍ نَبِيِّكَ ص وَ بِآلِهِ الطَّاهِرِينَ وَ أَتَوَسَّلُ إِلَيْكَ بِالْأَئِمَّةِ الَّذِينَ اخْتَرْتَهُمْ لِسِرِّكَ وَ أَطْلَعْتَهُمْ عَلَى وَحْيِكَ[2] .

اي منهنجا الله! آئون توکان تنهنجي رسول حضرت محمد صلى الله عليه وآله وسلم  ۽ ان جي پاڪ و پاڪيزه آل جي صدقي ۾ سوال ڪيان ٿو ۽ توکان ان امام عليه السلام  جي وسيلي سان توسل ڪيان ٿو جنهن کي تون پنهنجي رازن لاءِ انتخاب ڪيو ۽ پنهنجي وحِي سان آگاهه ڪيو.

مذهب اهل بيت عليهم السلام  جا پيروڪار نه رڳو انهن شخصيتن کي خدا جي بارگاهه ۾ پنهنجو وسيلو ۽ شفيع قرار ڏيندا آهن ۽ توسل جي ذريعي سان اهل بيت عليهم السلام  جي توجھ ۽ عنايت حاصل ڪندا آهن بلڪه انهن هستين جي پاڪ نالن سان توسل ڪندي انهن جي پاڪ نالين کي خدا جي بارگاهه ۾ تقرب جو وسيلو سمجھندا آهن.

اسان امام رضا عليه السلام  جي زيارت ۾ پڙهندا آهيون:

 السَّلَامُ عَلَى مَنْ أَسْمَاؤُهُمْ وَسِيلَةُ السَّائِلِينَ وَ هَيَاكِلُهُمْ أَمَانُ الْمَخْلُوقِينَ وَ حُجَجُهُمْ إِبْطَالُ شُبَهِ الْمُلْحِدِين‏.....[3] .

انهن تي سلام هجي جن جا پاڪ نالا گھرڻ وارن لاءِ وسيلو آهن ۽ جن جو جسم مبارڪ مخلوقات جي لاءِ امان آهي ۽ جن جو استدلال ملحدين (انڪار) جي شبهات کي باطل ڪرڻ وارو آهي.

ان بناء تي انهن هستين جا پاڪ نالا خدا جي بارگاهه ۾ قرب ۽ ويجهڙيءَ جو ذريعو آهن ان ڪري ئي محبان اهل بيت عليهم السلام  انهن جي ياد ۾ برپا ٿيندڙ مجلسن ۾ انهن جي پاڪ نالن جو ذڪر ڪندا آهن ۽ انهن جي (ذڪر) ورد جي ذريعي پنهنجي دلين کي منور ڪندا آهن.

اسان جا بزرگ نه رڳو انهن معصوم هستين جي پاڪ نالن کان مستفيد ٿيندا آهن بلڪه انهن جي مقدس روضن جي تربت کي به تبرڪ طور تي استفادو ڪندي پنهنجي دردن جي دوا ڪندا آهن.

مرحوم محدث قمي (ره) لکي ٿو ته: مرحوم آيت الله نعمت الله جزائري (ره) پنهنجي پڙهائي واري پهرين زماني ۾ غربت جي ڪري مطالعه ڪرڻ لاءِ ڏيئي ٻارڻ جي به طاقت نه رکندو هو. ان ڪري چنڊ جي روشنيءَ ۾ پڙهندو هو. چنڊ جي روشني ۾ گھڻو مطالعو ڪرڻ جي ڪري اکين جو نور گھٽ ٿي ويو هيس. پاڻ سندس نور جي لاءِ حضرت امام حسين عليه السلام  ۽ عراق ۾ دفن ٻين امامن جي روضن جي پاڪ مٽي کي پنهنجين اکين ۾ سرمي طور استعمال ڪندا هئا جنهن جي برڪت سان سندس اکين جو نور بلڪل صحيح ٿي ويو.

ان کان بعد مرحوم قمي (ره) لکي ٿو ته: جڏهن به منهنجون اکيون گھڻي لکڻ ۽ پڙهڻ  ڪري ڪمزور ٿي وينديون هيون ته آئون به آئمه اطهار عليهم السلام  جي حرم مبارڪ کان استفادو ڪندو هيس ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهل بيت عصمت عليهم السلام  جي حديثن ۽ روايتن کي پنهنجي اکين سان مس ڪندو هيس،  ۽ هاڻي الحمد لله منهنجي اکين جو نور بلڪل صحيح آهي ۽ آءُ اميد ڪيان ٿو ته دنيا ۽ آخرت ۾ منهنجون اکيون انهيءَ برڪت سان سدائين روشن رهنديون[4].

 


[1] . بحارالانوار؛ ج، 98، ص، 168  

[2] . بحارالانوار؛ ج، 95، ص، 230 

[3] . بحارالانوار؛ ج، 99، ص، 52

[4] . فوائد الرضويه، محدث قمي: ص، 695.

 

    دورو ڪريو : 2603
    اج جا مهمان : 8211
    ڪالھ جا مهمان : 23196
    ڪل مهمان : 127611556
    ڪل مهمان : 88877797