امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
توسل قرآن مجيد جي نظر ۾؛

توسل قرآن مجيد جي نظر ۾؛

ان بناء تي پنهنجي مشڪلات ۽ پريشانين ۾ اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪريو ۽ ان ڪريم خاندان جي اڻ کٽ عنايتن کان استفادو ڪريو.

حضرت امام علي ابن موسى الرضا عليه السلام فرمايو آهي؛

إِذَا نَزَلَتْ بِكُمْ شِدَّةٌ فَاسْتَعِينُوا بِنَا عَلَى اللَّهِ وَ هُوَ قَوْلُ اللَّهِ وَ لِلَّهِ الْأَسْماءُ الْحُسْنى‏ فَادْعُوهُ بِها قَالَ قَالَ أَبُو عَبْدِ اللَّهِ عليه السلام : نَحْنُ وَ اللَّهِ الْأَسْمَاءُ الْحُسْنَى الَّذِي لَا يُقْبَلُ مِنْ أَحَدٍ إِلَّا بِمَعْرِفَتِنَا قَالَ فَادْعُوهُ بِها[1].

جڏهن توهان ڪنهن سخت مصيبت ۾ گرفتار ٿي وڃو ته اسان (اهل بيت عليهم السلام ) جي وسيلي سان خدا کان مدد گھرو. اهو ئي خدا جي فرمان جو مفهوم آهي ته خدا فرمايو: ”خدا جي لاءِ ئي بهترين نالا آهن ان ڪري خدا کان انهن ئي نالن جي ذريعي سوال ڪريو“

ان کانپوءِ امام رضا عليه السلام  فرمايو ته حضرت امام جعفر صادق عليه السلام  هن ريت فرمايو آهي:

خدا جو قسم اسان ئي خدا جا اهي بهترين نالا آهيون، سواءِ اسان جي معرفت جي ڪو به عمل قبول نٿو ٿي سگهي، ان کان پوءِ وري هڪ ڀيرو ٻيهر امام صادق عليه السلام  فرمايو: خدا کي انهن جي وسيلي سان پڪاريو.

ان بناء تي اهل بيت عليهم السلام  ئي خدا جا بهترين نالا آهن ۽ هن دور ۾ حضرت بقية الله الاعظم (عجل الله تعالى فرجہ الشريف) ان جو مجسم نمونو ۽ اسان جي مٿان خدا جي عنايتن جو مظهر آهي. اسان کي تقوى ۽ پرهيزگاري اختيار ڪرڻ گھرجي ۽ ان هستيءَ جي خاص عنايتن سان توسل ڪندي خدا جو قرب حاصل ڪرڻ گھرجي.

قرآن مجيد ۾ خدا تعالى جو فرمان آهي؛

 يا أَيُّهَا الَّذينَ آمَنُوا اتَّقُوا اللَّهَ وَ ابْتَغُوا إِلَيْهِ الْوَسيلَةَ وَ جاهِدُوا في‏ سَبيلِهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُون‏[2].

اي ايمان وارو خدا کان ڊڄو ۽ ان تائين پهچن لاءِ وسيلو تلاش ڪريو ۽ ان جي راهه ۾ جهاد ڪيو ته جيئن توهان  اهڙي طرح ڪامياب ٿي سگھو.

اسان اهل بيت عليهم السلام  سان توسّل جي ذريعي عالم غيب کان مدد طلب ڪندا آهيون ۽ انهن عظيم هستين جون عنايتون حاصل ڪندا آهيون. ته جئين دنيا ۽ آخرت ۾ سرخرو ٿي سگھو.

 


[1] . مستدرڪ الوسائل؛ ج، 5، ص، 229

[2] . سورت مائده آيت 35

 

    دورو ڪريو : 2402
    اج جا مهمان : 16849
    ڪالھ جا مهمان : 32446
    ڪل مهمان : 128567568
    ڪل مهمان : 89373736