امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
3_ اهلبيت جي دشمن کان بيزاري ڪرڻ

3_ اهلبيت جي دشمن کان بيزاري ڪرڻ

اهلبيت عليهم السلام جي دشمن کان بيزاري ڪرڻ جيڪڏهن انسان جي دل ۾ انهن هستين جي جنهن جي ڪري الله تعالى هن ڪائنات کي جوڙيو محبت هجي ته اها ڳالھ ممڪن ئي ناهي ته ان جي دشمنن سان به محبت ڪري ڇو جو اهلبيت عليهم السلام جي محبت جنهن به دل ۾ هوندي آهي ان دل ۾ اهلبيت عليهم السلام جي دشمن جي ڪا به جڳھ ناهي هوندي ڇو جو اهو عقل جي لحاظ کان به محال آهي ته جنهن سان محبت ڪئي وڃي ان جي دشمن سان به محبت ڪئي وڃي نتيجو واضح آهي ته يا اهلبيت عليهم السلام  سان محبت ڪندو يا ان جي دشمن سان ٻنهي جي محبت هڪ دل ۾ جمع ٿيڻ ممڪن ئي ناهي،

امام علي عليه السلام فرمائن ٿا ته:

لايَجْتَمِعُ حُبُّنا وَحُبُّ عَدُوِّنا في جَوْفِ إِنْسانٍ، اَللَّهُ عَزَّوَجَلَّ يَقوُلُ: ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِنْ قَلْبَيْنِ في جَوْفِهِ[1].

اسان جي محبت ۽ اسان جي دشمن جي محبت هڪ ئي دل ۾ گڏ نه ٿي سگھي، جئين الله سائين فرمايو؛ ۽ الله تعالى ڪنهن به مرد جي سيني ۾ ٻه دل قرار نه ڏنا آهن هن روايت وانگر ابي جارود، امام محمد باقر عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته:

أَبِي الْجارُودِ عَنْ أَبي جَعْفرعليه السلام في قَوْلِهِ: »ما جَعَلَ اللَّهُ لِرَجُلٍ مِنْ قَلْبَيْنِ في جَوْفِهِ « فَيُحِبُّ بِهذا وَيُبْغِضُ بِهذا، فَأَمَّا مُحِبُّنا فَيُخْلِصُ الْحُبَّ لَنا كَما يُخْلِصُ الذَّهَبَ بِالنَّارِ لا كَدِرَ فيهِ.مَنْ أَرادَ أَنْ يَعْلَمَ حُبَّنا، فَلْيَمْتَحِنْ قَلْبَهُ فَإِنْ شارَكَهُ في حُبِّنا حُبُّ عَدُوِّنا، فَلَيْسَ مِنَّا وَلَسْنا مِنْهُ وَاللَّهُ عَدُوُّهُمْ وَجِبْرِئيلُ وَميكائيلُ وَاللَّهُ عَدُوٌّ لِلْكافِرينَ[2].

ابي جارود امام باقر عليه السلام کان روايت نقل ڪري ٿو ته امام جن الله تعالي جي هن قول کي هن ريت بيان ڪيو (الله ڪنهن به انسان جي سيني ۾ ٻه دليون نه رکيون آهن) امام عليه السلام جن فرمايو: انسان جون ٻه دل نه آهن جو هڪ  سان محبت ڪري ۽ ٻيءَ سان نفرت، اسان سان محبت ڪرڻ وارن جي دل ۾ فقط اسان جي محبت هوندي آهي ۽ انهن جي دل اسان جي دشمن جي محبت کان پاڪ، صاف هوندي آهي. اسان جي محبت انسانن کي ائين پاڪ ڪندي آهي جئين باھ سون کي خالص ڪري ڇڏيندي آهي ان ۾ ڪابه ملاوٽ ناهي هوندي جيڪڏهن ڪو اهو معلوم ڪرڻ چاهي ته اسان سان محبت ڪري ٿو يا نه؟ اهو پنهنجي دل کي آزمائي جيڪڏهن ان جي دل ۾ اسان جي محبت هجي ۽ اسان جي دشمن جي به محبت تکندو هجي  ته اهو اسان منجھان ناهي ۽ اسان ان جا نه آهيون، الله تعالى، جبرئيل ۽ ميڪائيل عليهما السلام به اهڙن ماڻهن کان نفرت ڪندا آهن الله تعالي ڪافرن سان محبت ناهي ڪندو، ان مان واضح ٿئي ٿو ته محبت (جنهن جي بهترين نشاني اهلبيت عليهم السلام جي پيروي ڪرڻ آهي) انسان جو انهن هستين ۾ جذب ٿي وڃڻ انهن جي پيروي ڪرڻ  ۽ انهن جي دشمن کان بيزاري اختيار ڪرڻ آهي، انسان اهڙي محبت جي ڪري اهلبيت عليهم السلام جي ذات مبارڪ سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي پوءِ هن جي نظر، فڪر، سوچ ۽ من ۾ محبوب ۽ محبوب جي پسند واريون شيون هونديون آهن اها حالت انسان ۾ محبت جي ڪري  پيدا ٿيندي آهي جئين بيبي خديجه J رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  جي سفر ڪرڻ مهل فرمايو:

قَلْبُ الْمُحِبِّ إِلَى الْأَحْبابِ مَجْذوُبٌ وَجِسْمُهُ بِيَدِالْأَسْقامِ مَنْهوُبٌ[3].

محب جي دل محبوب ۾ جذب ٿئي وڃي ٿي ايتري تائين جو ان جو جسم بيمارين سان وڪوڙيل هوندو آهي.

جڏهن انسان انهن بزرگن ۽ پاڪ هستين جي محبت ۾ گرفتار ٿي وڃي ٿو ۽ انهن جي دشمن سان نفرت ڪرڻ لڳندو آهي.

 ان باري امام جعفر صادق عليه السلام  فرمائن ٿا ته:

... إِنَّ أَصْلَ الْحُبِّ، اَلتَّبَرّي عَنْ سِوَى الْمَحْبوُبِ[4].

محبت جي اصل محبوب کان سواءِ سڀني کان ڪنارو ڪرڻ آهي.

 جڏهن انسان پنهنجي محبوب کان علاوھ ٻين کان پري ٿيندو ته انسان پنهنجي محبوب کي ٻين کان افضل سمجھندو امام صادق عليه السلام ان باري ۾ فرمائن ٿا ته:

دَليلُ الْحُبِّ ايثارُ الْمَحْبُوبِ عَلى ما سَواهُ[5].

محبت جي دليل محبوب کي ٻين کان افضل سمجھڻ آهي.

اهڙي محبت انسان کي معنويت ۽ روحانيت جا ڪمال عطا ڪندي آهي ان محبت جي ڪري انسان تي اهلبيت عليهم السلام جي عنايت ٿيندي آهي جنهن جي ڪري انسان عام حالت مان نڪري ڪري ملڪوتي حالات ۾ پهچي ويندو آهي ان محبت ۽ عنايت جي ڪري اوهان جي دل ۾ دشمن اهلبيت عليهم السلام سان نفرت ۾ واڌارو پيدا ٿيندو آهي.

 


[1]. سوره احزاب آيت 4 ، بحارالانوار ج 24 ص 318 ڪنزالفوائد 23 

[2] . بحارالانوار ج 27 ص 51

[3] . بحارالانوار ج 16 ص 29

[4] . بحارالانوار ج 29 ص 251 ، مصباح الشريعه ص 65

[5] . بحارالانوار ج 70 ص 22 ، مصباح الشريعه ص 2

 

    دورو ڪريو : 2626
    اج جا مهمان : 7760
    ڪالھ جا مهمان : 24593
    ڪل مهمان : 128793771
    ڪل مهمان : 89486851