امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
آسماني موجودات ۽ اهلبيت جي گھراڻي جي محبت:

آسماني موجودات ۽ اهلبيت عليهم السلام

 جي گھراڻي جي محبت

فقط بزرگن جي عظمت نه بلڪه سڀني شريفن جي شرافت ۽ عزت جو سبب اهلبيت عليهم السلام جي محبت آهي ايتري تائين جو الله تعالى جي مقرب فرشتن کي به عزت، عظمت ۽ ڪمال اهلبيت عليهم السلام جي محبت جي ڪري حاصل ٿيو آهي.

پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو:

هَلْ شَرَفَتِ الْمَلائِكَةُإِلاَّ بِحُبِّها لِمُحَمَّدٍ وَعَليٍّ وَقَبوُلِهالِوِلايَتِهِما؟...[1].

 ڇا ملائڪن جي شرافت محمد ۽ علي عليهما السلام جي محبت ۽ ولايت کي قبول ڪرڻ کان علاوه ڪنهن ٻئي شيء جي ڪري آهي؟

 ان حديث مان واضح ظاهر ٿئي ٿو ته فرشتن جي عزت ۽ عظمت ان محبت جي ڪري آهي جيڪا هو محمد ۽ علي عليهما السلام سان ڪن ٿا:

آئينه مهر روشن از ياد على است

اوراد ملك بر آسمان ناد على است

جڏهن ته هي روايت فقط ملائڪن جي باري آهي ليڪن ٻين روايتن مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته سڀ آسماني مخلوق توڻي اهي فرشتا هجن يا وري ڪا ٻئي مخلوق، سڀ جا سڀ اهلبيت عليهم السلام جي محبت جي ڪري خدا جي بارگاهه ۾ مقرب آهن. جئين اسان چيو ته محبت، محبوب جي صفتن کي محب ۾ ظاهر ڪري ٿي، اهلبيت عليهم السلام  جي هڪ صفت هي آهي ته اهي سڀني کان وڌيڪ الله تعالى جي قريب آهن ان ڪري ئي اها مخلوق انهن هستين سان محبت ڪندي پنهنجي پاڻ کي الله تعالى جي قريب ڪري ٿي.

اسان هي جملا زيارت جامعه ڪبيره ۾ پڙهندا آهيون:

يَتَقَرَّبُ أَهْلُ السَّماءِ بِحُبِّكُمْ وَبِالْبَرائَةِ مِنْ أَعْدائِكُمْ.

آسماني مخلوق توهان جي محبت ۽ توهان جي دشمن سان بيزاري ڪندي الله تعالى جي قريب ٿئي ٿي.

اوصاف على است كه انتهايش نبود

مدّاح  على به  جز  خدايش  نبود

تا حشر”اديب“ اگر ز وصفش خوانى

يك  حرف  ز دفتر  ثنايش  نبود

 



[1] . بحارالانوار ج 21 ص 227  تفسير امام حسن عسڪري عليه السلام ص 152.

 

    دورو ڪريو : 2366
    اج جا مهمان : 3878
    ڪالھ جا مهمان : 18687
    ڪل مهمان : 128288778
    ڪل مهمان : 89234328