امام صادق عليه السلام : جيڪڏهن مان هن کي ڏسان ته (امام مهدي عليه السلام) ان جي پوري زندگي خدمت ڪيان هان.
محبت جي ڪشش

قُلْ لا أَسْئَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى‏

انهن (مسلمانن) کي چئو اي منهنجا حبيب! توهان تي جو به منهنجي رسالت جو اجر نه آهي منهنجي اهل بيت عليهم السلام جي مودت کانسواءِ.

محبت جي ڪشش

محبت پنهنجي ڪشش جي ڪري، محبت ڪرڻ واري (مُحب) کي پنهنجي محبوب ڏانهن متوجھ ڪري ٿي ۽ مُحب پنهنجي  فڪر ۽ عقيدي کي محبوب جي من ۾ داخل ڪري ٿو.  ان بنا تي محبت جيتري وڌيڪ هوندي محب ۽ محبوب جي درميان ايتري ئي روحاني هيڪڙائي وڌيڪ ٿي ويندي آهي، ان ڪري جيتري محبت وڌيڪ هوندي آهي ان ۾ اهڙي ڪشش پيدا ٿيندي آهي جيڪا محبوب ۽ محب کي هڪ ٻئي ڏانهن متوجھ ڪندي آهي ان جي ڪري انهن ٻنهي جا اثرات هڪ ٻئي تي اثر انداز ٿيندا آهن ، جئين ٻن جاڙن ٻارن ۾ وڌيڪ محبت هوندي آهي انهن ٻنهي جي درميان هڪ قريبي رشتو هوندو آهي ان حالت ۾ ان اثر کي تمام سهڻي نموني سان سمجھي سگهجي ٿو ڪجھ سال پهريان لنڊن ۾ رهڻ واري هڪ ڇوڪري بيمار ٿي اها ايتري ته بيمار ٿي جو اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو اتي ڊاڪٽرن معائنو ڪرڻ کان پوءِ چيو ته اها ڇوڪري ڳورهاري آهي ليڪن عجيب ڳالھ اها هئي ته ان ڇوڪري جي اڃان شادي به ڪونه ٿيل هئي!!!

 ڪجھ ٽيسٽون ڪرڻ کانپوءِ اها ڳالھ به واضح ٿي ته اها ڳورهاري به ناهي پر اها ڇوڪري اسپتال جي بستر تي درد جي ماري ڪڏهن ساڄي ته ڪڏهن کاٻي ڪروٽون پئي ورتيون ان جي سموري بدن مان پگھر جاري هيو .ڊاڪٽرن جي اڻ ٿڪ محنت کانپوءِ ان ڇوڪري کي ڪجھ آرام آيو ؛ کلي ڪري چيائين الله جو شڪر هاڻي مان آرام سان آهيان مونکي پٽ ڄميو آهي .

 ڊاڪٽرن سوچيو ته شايد اسان جو واسطو ڪنهن چري ڇوڪري سان پيو آهي ليڪن بعد ۾ خبر پئي ته نينگر چري به ناهي ان کان پوءِ خبر پئي ته ان ساڳئي وقت جنهن وقت ان ڇوڪري کي لنڊن ۾ درد ٿيو ان جي جاڙي ڀيڻ جيڪا آسٽريا جي شهر (وين) ۾ حمل جي ڪري اسپتال ۾ داخل ٿي جنهن کي هڪ پٽ ڄميو هيو[1]

اهڙا حالات ماڻهن ۾ محبت جي ڪري پيدا ٿيندا آهن، ڪڏهن وڌيڪ محبت، محب کي مادي قيدن کان آزاد ڪري هزارين ميل پري پنهنجي محبوب سان ملائي ٿي جهڙي ريت ڪڏهن ڪڏهن بخار جي گرمائش جسم مان روح جي نڪرڻ يا نه ڏسڻ وارڻ شين کي درڪ ڪرڻ جو سبب بڻجي ٿي، اهڙي طرح محبت جي گرمي محبت ڪرڻ واري کي ظاهري عالم مان ٻاهر ڪڍي محبوب تائين ملائي ٿي محبوب سان ملڻ ان جو ديدار ڪرڻ ان جذبي ۽ ڪشش جي ڪري هوندو آهي جيڪو محبت جي شدت جي ڪري پيدا ٿئي ٿو ڪڏهن محبت علمي مجهولات کي ڪشف ڪرڻ ۾ مدد ڪندي آهي ڇو جو دانشورن جو مجھولات کي ڪشف ڪرڻ ۾ ان علم سان محبت ۽ چاھ انهن کي ان مقصد تائين پهچائي ٿي واضح لفظن ۾ ائين چئي سگھجي ٿو وڌيڪ محبت ۽ چاهت انهن کي دقيق علمي مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ٿي  جنهن جي نتيجي ۾ اهي دانشور مجھولات کي ڪشف ۽ جديد مسئلن جي ڳولها ۾ ڪاميابي ماڻڻ ٿا.

 


[1] عجائب حس ششم ص 34

 

    دورو ڪريو : 2337
    اج جا مهمان : 6724
    ڪالھ جا مهمان : 19024
    ڪل مهمان : 127562192
    ڪل مهمان : 88853114