امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
وسيع نماز

وسيع نماز

تمام ڀلو ٿيو جو حرم امام موسى ڪاظم عليه السلام جي چاٻي ابو جعفر وٽ هئي، منهنجي درخواست قبول ڪئي ۽ حرم جا در بند ڪري ڇڏيائين، هتي (يعني امام موسى ڪاظم عليه السلام جي حرم ۾ خلوت ۽ خاموشي جو ٻيو ئي رنگ آهي.

نزديڪي ۽ ٻاجهه جو رنگ!

ڄڻ ته هوا ۽ برسات پڻ اهڙي نزديڪي جي باري ۾ منهنجي ضرورت کي ڄاڻي ٿي...

ٻاهر هوا ايڏي ته گرم آهي جو ڪير به گَهِٽِيءَ  ۾ ۽ حرم جي صحن ۾ نٿو اچي سگهي! ۽ منهنجي لاءِ اها هڪ تمام ڀلي فرصت هئي ته آئون ان تنهائي ۾، دعا جا هٿ بلند ڪيان ۽ پنهنجي پروردگار کان درخواست ڪيان ته...

اي منهنجا پالڻهار! آئون ڍاڍو پريشان آهيان...

تون ڄاڻين ٿو ته منهنجي گردن تي ابو منصور جو قرض ايترو ته گهڻو آهي جو مان کيس ادا نٿو ڪري سگهان، ۽ هو طلب ڪري رهيو آهي ۽ آئون ان کان فرار پيو ڪيان.

اي منهنجا رب پاڪ! آئون خوفزده آهيان، مونکي پناهه ڏي... منهنجي عزت ۽ آبرو جي حفاظت ڪر... اي غني الله! منهنجي حاجت کي پورو ڪر.

اي بزرگ ترين! پنهنجي بندي آڏو مونکي پست ٿيڻ نه ڏي...

ائين اوچتو پيرن جي آواز آئي؟! پر دروازا ته ابو جعفر بند ڪري ڇڏيا هيا!...

ڪيڏي نه ڀلي آواز آهي هن جوان جي _ نامعلوم روضي ۾ ڪٿان کان داخل ٿيو هيو!

سبحان الله، اڄ تائين مون ايڏي سهڻي شخصيت نه ڏٺي هئي!

سندس اڇو لباس اکين کي وڻندڙ هيو، سندس عمامو ۽ عبا کيس سهڻي پئي لڳي!

تعجب ٿيو!

ان هر هڪ اولوالعزم نبيءَ تي سلام موڪليو، پاڪ امامن تي درود موڪليائين، پر...

ڇو حجت خدا (حضرت مهدي عج) جو نالو نه کنيائين؟

يا ڀلجي ويو آهي يا کين سڃاڻي نٿو.

سبحان الله! ڪيڏي نه ڀلي نماز پڙهي رهيو هيو!

امام محمد تقي عليه السلام جي قبر مطهر ڏانهن وڃي پيو، مونکي پڻ سندس پٺيان وڃڻ گهرجي...

امام عليه السلام جي پڻ زيارت ڪيائين، دعا ۽ نماز انجام ڏنائين...

منهنجي دل ڌڙڪي پئي... هو ڪير آهي؟

فرمايائين: اي ابوالحسين فرزند ابو العلا! ڇو تون دعاي فرج نٿو پڙهين؟

مون عرض ڪيو: مولا اها دعا ڪهڙي آهي؟

فرمايائين: ٻه رڪعت نماز پڙهه ۽ ان کانپوءِ چئو:

يَا مَنْ أَظْهَرَ الْجَمِيلَ وَ سَتَرَ الْقَبِيحَ يَا مَنْ لَمْ يُؤَاخِذْ بِالْجَرِيرَةِ وَ لَمْ يَهْتِكِ السِّتْرَ يَا عَظِيمَ الْمَنِّ يَا كَرِيمَ الصَّفْحِ يَا حَسَنَ التَّجَاوُزِ يَا وَاسِعَ الْمَغْفِرَةِ يَا بَاسِطَ الْيَدَيْنِ بِالرَّحْمَةِ يَا مُنْتَهَى كُلِّ نَجْوَى وَ يَا غَايَةَ كُلِّ شَكْوَى يَا عَوْنَ كُلِّ مُسْتَعِينٍ يَا مُبْتَدِئاً بِالنِّعَمِ قَبْلَ اسْتِحْقَاقِهَا يَا رَبَّاه‏.

ڏهه ڀيرا:يَا سَيِّدَاه.‏ٍ

ڏهه ڀيرا:يَا مَوْلَيَاه.‏ٍ

ڏهه ڀيرا:يَا غَايَتَاهٍْ.

ڏهه ڀيرا:يَا مُنْتَهَى غَايَةِ رَغْبَتَاه.‏ٍ

ڏهه ڀيرا:أَسْأَلُكَ بِحَقِّ هَذِهِ الْأَسْمَاءِ وَ بِحَقِّ مُحَمَّدٍ وَ آلِهِ الطَّاهِرِينَ ع إِلَّا مَا كَشَفْتَكَرْبِي وَ نَفَّسْتَ هَمِّي وَ فَرَّجْتَ غَمِّي وَ أَصْلَحْتَ حَالِي.

ان کان بعد جيڪا چاهين ٿو دعا ڪر، پوءِ پنهنجو ساڄو ڳِٽو زمين تي رک ۽ سوڀيرا چئو:

يا مُحَمَّدُ يَا عَلِيُّيَا يا عَلِيُّيَا يا مُحَمَّدُ اكْفِيَانِي فَإِنَّكُمَا كَافِيَاني َوَانْصُرَانِي فَإِنَّكُمَا نَاصِرَانيَ.

پوءِ پنهنجو کاٻو ڳٽو خاڪ تي رک ۽ سو ڀيرا چئو:

أ َدْرِكْنِي‏. 

يا تمام گهڻو تڪرار ڪر، ان کان بعد چئو:

الْغَوْثَ الْغَوْثَ الْغَوْثَ

۽ هن ذڪر کي هڪ ساهه جي برابر تڪرار ڪر، پوءِ سر سجدي مان کڻ، انشاء الله خداوند عالم پنهنجي ڪرم سان تنهنجي حاجت کي پورو ڪندو.

 


 با استفاده از : <صحيفه مهديه> لکندڙ: سيد مرتضي مجتهدي سيستاني

 

حوالو: ماهنامه موعود شماره 109

 

 

بازدید : 2919
بازديد امروز : 1159
بازديد ديروز : 6042
بازديد کل : 93245884
بازديد کل : 71196249