امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
سنئين واٽ

بسم الله الرحمن الرحيم

اڪيلي الله جي ساراهن کان بعد ان پيغمبر صلي الله عليه وآله جي پاڪ ذات تي صلواتون ۽ سلام جنهن کي ڌڻي تعالى جهان ۽ جهان وارن لاءِ رحمت بڻايو، اها ذات ڪير به نه آهي سواءِ حضرت محمد عربي صلي الله عليه وآله جي ، سندس پاڪ ۽ پاڪيزه ڪٽنب ۽ وفادار ساٿين تي به درود ۽ سلام.

هي ڪتاب جيڪو اوهان جي آڏو آهي“ بغداد جي عالمن جي ڪانفرنس” جي نالي سان لکيو ويو . قصو هن ريت آهي ته سلطان شاه سلجوقي برک عالم نظام الملڪ جي اڳواڻي ۾ سڀني شيعه ۽ سني عالمن کي ان ڪانفرنس لاءِ گڏ ڪيو.

بادشاه ضدي، هٺيلو ، ۽ بي فڪر انسان ڪونه هو جو اکيون بند ڪري پنهنجي وڏن جي پيروي ڪري بلڪه پاڻ محقق ، ڪامياب ۽ علم ۽ ڄاڻ جو پياسو انسان هو، ان هوندي عيش عشرت ۽ شوق شڪار جو پڻ شوقين هو.

 ٻئي طرف سندس وزير نظام الملڪ ڏاهو بزرگ ، دنيا کان پري ارادي جو پختو نيڪ ڪمن ۽ نيڪ ماڻهن سان محبت ڪرڻ وارو ۽ حقيقتن جي کوجنا ڪندڙ هو ۽ پيغمبرجي پاڪ خاندان عليهم السلام سان پڻ ڏاڍي الفت هئس. ان بغداد ۾ نظاميه مدرسي جو بنياد رکيو ۽ طالبعلمن لاءِ ماهوار وظيفي جو پڻ بندو بست ڪيو هو، غريبن ۽ مسڪينن سان پڻ رواداري رکندو هو.

هڪ دفعي حسين بن علي نالي هڪ ناميارو عالم(جيڪو شيعن جو هڪ برک عالم ليکيو ويندو هو ) سلطان شاه سلجوقي وٽ ڪنهن ڪم سانگي ويو، جڏهن بادشاهه وٽان واپس ٿي وريو ته درٻارين منجهان ڪنهن سندس شان ۾گستاخي ڪئي.

بادشاهه کائنس پڇيو ته ان بزرگ جي شان ۾گستاخي ڇوڪيئي؟

ان وراڻيو : بادشاهه سلامت کي خبر ناهي ڇا ؟ ته هي انهن ڪافرن منجهان آهي جن تي الله جو ڏمر ۽ لعنت آهي؟

بادشاهه وڏي اچرج مان پڇيو ته ڇا هي مسلمان ناهي؟

ان شخص جواب ڏنو : نه نه ! حقيقت ۾ اهو هڪ شيعو آهي.

بادشاهه چيو : شيعو وري ڇاهي؟  ڇا شيعه مسلمانن جو هڪ فرقو ناهي؟

ان چيو : نه بلڪل نه ! حقيقت ۾ شيعا ابوبڪر ، عمر ۽ عثمان کي نبي اڪرم صلي الله عليه وآله جو جانشين ڪونه ٿا مڃين.

بادشاهه چيو: ڇا ڪو اهڙو به  مسلمان آهي جيڪو انهن کي رسول الله صلي الله عليه وآله جو خليفو نه مڃيندو هجي؟

چيائين: هائو ! رڳو انهن شيعن جو اهو عقيدو آهي.

بادشاهه چيو : جيڪڏهن شيعا انهن صحابين کي خليفو نٿا مڃين ته پوءِ ماڻهو انهن کي مسلمان ڪيئن ٿا سمجهن ؟.

ان شخص چيو : انڪري ئي ته مون عرض ڪيو ته اهو شخص ڪافرن منجهان آهي.

بادشاهه سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين اسان جي وزير نظام الملڪ کي حاضر ڪيو وڃي ته جيئن خبر پوي ته حقيقت ڇا آهي؟

بادشاهه پنهنجي وزير نظام الملڪ کي گهرائي ان کان شيعن بابت پڇا ڪئي ته ڇا اهي مسلمان آهن؟

وزير جواب ڏنو : سنين جو پاڻ ۾ ان مسئلي بابت اختلاف آهي ڪجهه چون ٿا ته اهي مسلمان آهن ، ڇو ته اهي به خدا جي هيڪڙائي ۽ حضرت محمد صلي الله عليه وآله جي نبوت جو اقرارڪن ٿا ۽ نماز روزو پڻ بجا آڻن ٿا ۽ وري ڪجهه جو عقيدو آهي ته شيعه ڪافر آهن.

بادشاهه پڇيو ته: شيعن جو انگ ڪيترو آهي؟

وزير چيو: پڪي انگ اکر جي ته خبر ناهي پر لڳ ڀڳ اڌ مسلمان شيعه آهن.

بادشاهه چيو : ڇا اڌ مسلمان ڪافر آهن؟!

وزير: ڪجهه عالم سڳورا انهن کي ڪافر ٿا سمجهن پر آءٌ انهن کي ڪافر ڪونه ٿو سمجهان.

بادشاهه چيو: اي وزير ڇا شيعه ۽ سني عالمن کي گڏ ڪري سگهين ٿو؟! ته ڏسون ته حقيقت ڇا آهي؟

وزيرچيو: اهو ڪم ڏاڍو ڏکيو آهي  مونکي ان ڪم سان بادشاهه سلامت جي جان ۽ سندس حڪومت جو ڊپ ٿو لڳي.  

بادشاهه چيو : ڇو؟

وزير وراڻيو : شيعه سني مسئلو ڪو سادو مسئلو ناهي بلڪه حق ۽ ناحق جو  مسئلو آهي ان تي پهريان به وڏي رتو ڇاڻ ٿي آهي، ڪيترائي ڪتبخانه ساڙيا ويا۽ ڪيتريون ئي زائفون ڪنيزون ڪيون ويون ۽ انسائيڪلوپيڊيا لکيا ويا آهن ۽ وڏيون وڏيون جنگيون پڻ لڳيون آهن.

بادشاهه کي ان ڳالهه تي عجب لڳو ٿوري سوچ ويچار کان پوءِ چيائين ته توکي ته ڀلي ڀت ڄاڻ آهي ته الله سائين اسانکي هيءَ وسيع حڪومت عطا ڪئي آهي ۽ هٿياربند لشڪر پڻ اسان جي اختيار ۾ ڏنو اٿس بس الله سائين جي انهن نعمتن جو شڪرانو بجا آڻڻ گھرجي.

۽ اسان جو شڪرانو اهو آهي ته حقيقت تائين پهچون ۽ ڀٽڪيلن جي سنئين واٽ ڏانهن رهنمائي ڪريون انهن ٻنهين (شيعه ۽ سني ) فرقن مان هڪ بر حق ۽ ٻيو باطل ۽ ڪوڙو هئڻ گھرجي اسان جو فرض ٿو بڻجي ته حق کي ڳولهي ان جي پيروي ڪريون ۽ باطل کي سڃاڻي کيس ڦٽو ڪريون. جڏهن شيعه، سني عالمن کي گڏ ڪري اها گڏجاڻي تشڪيل ڏنئه ته امن فوج ، سرڪاري محررن ۽ حڪومت جي ٻين عهديدارن کي پڻ گهرائينداسين ۽ جي ڏٺوسون ته سني برحق آهن ته طاقت جي زور تي شيعن کي سني ٿيڻ تي مجبور ڪنداسين.

وزير: جيڪڏهن شيعه سني ٿيڻ کان انڪار ڪن ته پوءِ ڇا ڪندؤ؟

بادشاهه : ته انهن کي قتل ڪنداسين.

وزير : ڇا اهو ٿي سگھي ٿو ته مسلمانن جي اڌ تعداد کي قتل ڪري ڇڏجي؟

بادشاهه: ته پوءِ ڇا ڪجي ؟

وزير : کين سندن حال تي ڇڏي ڏيو.

بادشاهه ۽ وزير جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ته ختم ٿي وئي پر جوان بادشاهه سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پريشاني جي عالم ۾ رات گھاريائين ۽ سڄي رات اک اک سان ڪونه لڳس.

ٻئي ڏينهن فجر جو بادشاهه سندس وزير نظام الملڪ کي گهرائي چيو ته مونکي تنهنجي صلاح وڻي آهي اسين شيعه سني عالمن کي دعوت ڏئي سندن بحث مباحثي کي ڪن ڏئي ٻڌون ٿا ، خبر پئجي ويندي ته ڪير حق تي آهي ، جيڪڏهن حق سنين جي پاسي هوندو ته شيعن کي چڱي نصيحت ذريعي حق جي طرف اچڻ جي دعوت ڏينداسين ۽ ڌن و دولت وسيلي کين پاڻ ڏانهن ڇڪينداسين ، جهڙي ريت پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله ڪافرن جي دلين کي اسلام ڏانهن موهڻ لاءِ ساڻن ورتاءُ ڪندا هئا، ۽ اهڙي ريت اسلام ۽ مسلمانن جي وڏي خدمت ڪنداسين .

وزير چيو: اها ته چڱي ڳالهه آهي ليڪن مونکي ڊپ ٿو لڳي.

بادشاهه: ڊپ وري ڇاجو ؟

وزير : ڊڄان ٿو ته شيعا ڪامياب ٿي وڃن ۽ سندن دليل اسان جي دليلن کان ڳرا ٿي وڃن ۽ ماڻهو شڪ ۽ شبهن ۾ پئجي وڃن .

بادشاهه: ڇا اهو ٿي سگهي ٿو جو شيعا ڪامياب ٿي وڃن ؟

وزير: هائو! ڇو جو شيعن وٽ به پنهنجي مذهب جي عقيدن جي برحق هئڻ بابت قرآن مجيد ۽ حديث شريف مان پختا دليل ۽ چٽا برهان موجود آهن.

بادشاهه وزير جي جواب مان مطمئن نه ٿيو ۽ چيائين : اسين ٻنهين فرقن جي عالمن کي گڏ ڪنداسين ته جيئن اسان لاءِ حق وائکو ٿئي ۽ حق کي ناحق کان الڳ ڪري سگهون .

آخرڪار وزير هڪ مهيني جي مهلت گهري پر جوان بادشاهه قبول نه ڪيو ۽ آخر ۾ کيس پندرهن ڏينهن جي مهلت ڏنائين.

انهن پندرهن ڏينهن ۾ وزير اهل سنت جي ڏهن وڏن عالمن کي گڏ ڪيو جيڪي تاريخ ، فقه، حديث ،اصول ۽ مناظري جي علمن ۾ پاڻ مڃايل هئا ۽ شيعن جي پڻ ڏهن وڏن عالمن کي دعوت ڏني.

اها پهرين ڪانفرنس شعبان جي مهيني ۾ بغداد جي نظاميه مدرسي ۾ منعقد ٿي ان گڏجاڻي ۾ طئي ٿيو ته بادشاهه جي سڏايل ڪانفرنس هيٺين شرطن سان منعقد ٿيندي :

1) ڪانفرنس صبح کان وٺي رات  تائين جاري رهندي ؛ نماز، کاڌي ، ۽ ٿوري آرام کانسواءِ ان ۾ ٻيو ڪوبه وقفو ڪونه ٿيندو.

2) گفتگو ۽ تقريرون ٻڌل سڌل ۽ مشهورڳالهين جي بنياد تي نه بلڪه پڪن حوالن ۽ معتبر ڪتابن جي بنياد تي هئڻ گهرجن.

3) هن ڪانفرنس ۾ جيڪا به تقرير ۽ گفتگو ٿيندي اها لکي ويندي.

ڪانفرنس لاءِ مقرر ڪيل ڏهاڙي بادشاهه ۽ وزير ؛ فوج ، پوليس ۽ ٻين وڏن عهديدارن سان گڏ اچي ويٺا ، سني عالم بادشاهه جي ساڄي پاسي کان ۽ شيعه عالم سندس کاٻي پاسي کان ٿي ويٺا ڪانفرنس جي شروعات وزير نظام الملڪ پنهنجي هنن لفظن سان ڪئي.

بسم الله الرحمن الرحيم

حضرت ختمي مرتبت صلي الله عليه وآله ۽ سندس پاڪ آل ۽ سندس وفادار ساٿين تي صلوات ۽ سلامن بعد !

هتي ڳالهين جي مٽا سٽا هر قسم جي ذاتي مفادن کان آجي ۽ سالم هئڻ گهرجي، هن ڪانفرنس ۾ موجود ڌرين جو مقصد حق تائين رسائي هئڻ گهرجي ، ڪهڙي به صورت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي صحابين کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو وڃي.

(شيخ عباسي نالي) سني عالمن جي چڱي مڙس چيو ته : آءٌ اهڙي مذهب وارن سان بحث نٿو ڪري سگهان جيڪي سڀني صحابين کي ڪافر ٿا سمجهن.

(حسين بن علي علوي ) شيعه عالمن جي اڳواڻ چيوته: اهي وري ڪير آهن جيڪي سڀني صحابين کي ڪافر ٿا سمجهن؟

عباسي چيو: توهان شيعا ئي ته آهيو جيڪي هڙني صحابين کي ڪافر سمجهندا آهيو.

سيد علوي : اهو تون ٿو چوين! اها ڳالهه حقيقت کان سراسر وانجهيل آهي ڇا علي عليه السلام ، سلمان ، ابن عباس ، مقداد ، ابوذر وغيره صحابي نه هئا ڇا تون چوڻ چاهين ٿو ته اسين انهن کي ڪافر ٿا سمجهون ؟!

عباسي : سڀني صحابين مان منهنجو مقصد ابوبڪر ، عمر، عثمان ۽ سندن پوئلڳ آهن .

علوي: تو پنهنجي ڳالهه پاڻ رد ڪئي ڇا منطق ۾ثابت ناهي ته موجبه جزئيه قضيي جو نقيض سالبه ڪليه هوندو آهي؟

تون هڪ دفعو چوين ٿو ته شيعه سڀني صحابين کي ڪافر ٿا سمجهن ۽ وري ٻيهر ٿو چوين ته شيعه ڪجهه صحابين کي ڪافر ٿا سمجهن !

نظام الملڪ ڪجهه چوڻ پئي گهريو ليڪن علوي کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڪونه ڏنو ۽ چوڻ لڳو ته جيسين اسين ڳالهائڻ کان بي وس نه ٿيون ڪنهن کي به وچ ۾ ڳالهائڻ جو حق ناهي ڇو ته ان ريت اسان جو بحث رلي ملي ويندو ۽ ڳالهه پنهنجي اصل محور کان نڪري ويندي ۽ نتيجي تائين نه پهچي سگهندي.

علوي اڳتي چيو: اي عباسي تنهنجي اها دعوا ته شيعه صحابين کي ڪافر ٿا سمجهن چٽو ڪوڙ آهي.

عباسي وٽ جواب جو چارو ڪونه رهيو ۽ سندس منهن شرم کان ڳاڙهو ٿي ويو آخر ۾ چيائين:ان ڳالهه کي ڇڏ ليڪن اهو ته واضح آهي ته توهان شيعا ابوبڪر ، عمر ۽ عثمان کي گهٽ وڌ ڳالهائيندا آهيو.

علوي چيو: ڪي شيعا انهن کي گهٽ وڌ چوندا آهن ته ڪي وري ايئن ڪونه ٿا ڪن .

عباسي وجهه وٺي چيو: تون ڪهڙي گروهه مان آهين؟

علوي چيو : آءٌ ان گروهه منجهان آهيان جيڪي ايئن ڪونه ٿا ڪن ليڪن اهو به مڃيان ٿو ته جيڪي کين گهٽ وڌ ڳالهائين ٿا انهن وٽ به دليل موجود آهن ۽ منطقي ۽ عقلي دليلن مطابق ان نتيجي تي پهتا آهن. شيعن جي ان گروهه جو انهن ٽن کي ڳالهائڻ نه ڪفر جو سبب آهي ۽ نه وري فسق جو ۽ نه ئي گناهه صغيره آهي.

عباسي چيو : بادشاهه سلامت ڏسو ٿا ته هي همراه ڇا ٿو چوي؟

علوي چيو : اي عباسي ! بحث کي بادشاهه ڏانهن موڙڻ  هڪ قسم جو مغالطو آهي ، بادشاهه اسان کي گڏ ڪيو آهي ته اسين پنهنجي دليلن بابت ڳالهايون ته جيئن آخر ۾ حق جي خبر پوي ۽ جيڪو حق کي نه مڃي  هٿيارن جي زور تي کيس حق قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو وڃي.

بادشاهه چيو: علوي ٺيڪ ٿو چوي ان مدعا جي رد ۾ تو وٽ ڪهڙا دليل آهن ؟

عباسي : اهو ته واضح آهي ته جيڪو به صحابه کي گهٽ وڌ چوي اهو ڪافر آهي.

علوي : ٿي سگهي ٿو تو وٽ اها ڳالهه واضح هجي ليڪن منهنجي لاءِ اهو واضح ڪونهي.

جيڪو دليل ۽ اجتهاد جي بنياد تي اهو ڪم ڪري ته تنهنجي نظر مطابق اهو ڪافر ڇو هئڻ گهرجي ؟!

۽ هوڏانهن ڇا تون ان ڳالهه کي نٿو مڃين ته جنهن تي رسول صلي الله عليه وآله لعنت ڪري اهو لعنت جو حقدار آهي؟

عباسي : ها ان ڳالهه تي منهنجو ايمان آهي.

علوي : رسول خدا صلي الله عليه وآله ابوبڪر ۽ عمر تي لعنت ڪئي آهي.

عباسي : رسول خدا صلي الله عليه وآله انهن تي ڪٿي لعنت ڪئي آهي ؟ اهو ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله تي سراسر ڪوڙ مڙهڻ ٿيو.

علوي : اهل سنت جا تاريخدان چون ٿا ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله اسامه جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر تيار ڪيو ۽ ابوبڪر ۽ عمر کي پڻ ان لڪشر جو حصو بڻايو ۽ فرمايو: جيڪو به اسامه جي لشڪر جي خلاف ورزي ڪري ۽ ان کان منهن موڙي ان تي الله جي لعنت هجي. ليڪن انهن ٻنهين ان لشڪرجي خلاف ورزي ڪئي ، اهڙي ريت رسول الله صلي الله عليه وآله جي لعنت انهن کي به وڃي پهتي ، جنهن تي رسول الله صلي الله عليه وآله لعنت ڪري ته مسلمانن تي به فرض آهي  ته ان تي لعنت ڪن.

ان تي عباسي ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيو ۽ ڪجهه به ڪونه ڪڇيو.

بادشاهه پنهنجي وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا علوي جي ڳالهه صحيح آهي؟

وزير چيو : مؤرخن[1] ايئن لکيو آهي.

علوي اڳتي چيو : جيڪڏهن ڪجهه صحابين کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ لعنت ڪرڻ حرام ۽ ڪفر جو سبب هجي ته پوءِ معاويه بن ابي سفيان کي ڪافر ڇونه ٿا چئو ۽ مٿس فسق ۽ فجور جي فتوى ڇونه ٿا لڳايو ؟ جڏهن ته هو چاليهن سالن تائين علي بن ابي طالب عليه السلام کي گهٽ وڌ ڳالهائيندو رهيو ۽ انجي اها سنت ستر سالن تائين هلندي رهي.

بادشاهه چيو : ان ڳالهه کي ڇڏي ڪنهن ٻئي موضوع بابت گفتگو ڪريو.

عباسي : توهان شيعن جي هڪ بدعت هي آهي ته قرآن کي ڪونه ٿا مڃيو.

علوي : بلڪه اها بدعت توهانجي آهي جو قرآن کي ڪونه ٿا مڃيو ۽ منهنجي ان دعوى جو دليل هي آهي جو چئو ٿا ته “قرآن کي عثمان گڏ ڪيو ”. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ قرآن جمع نه ٿيو هجي جڏهن ته پاڻ سڳورا صلي الله عليه وآله پنهنجي خاندان ۽ ساٿين کي قرآن جي ختم جو حڪم ڏيندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته اول کان وٺي آخر تائين قرآن جي تلاوت ڪن ۽ فرمائيندا هئا جيڪو به قرآن جو ختم ڪڍندو ته ان جو هي ثواب آهي.

ڇا اهو ٿي سگهي ٿوجو قرآن جي جمع ٿيڻ کان بغير ان جي ختم جوحڪم ڏجي؟

ڇا تمام مسلمان ڀٽڪيل هئا جو عثمان اچي انهن کي گمراهي کان ڇوٽڪارو ڏنو؟

بادشاهه وزير کي چيو: هي جيڪو علي چوي ٿو ته سنين جي نظريي مطابق قرآن کي عثمان جمع ڪيوڇا اهو صحيح آهي؟!

وزير چيو : مفسر ۽ مؤرخ ايئن ئي ٿا چون.

علوي چيو :ڄاڻي وٺو ته قرآن مجيد جنهن صورت ۾ آهي ان ئي صورت ۾ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ جمع ڪيو ويو ۽ ان مان هڪ اکر به گهٽ وڌ نه ٿيو آهي ، ليڪن سني چون ٿا ته قرآن ۾ گهٽتائي ۽ واڌارو ٿيوآهي ۽ ان جون آيتون هيٺ مٿي ٿيل آهن ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله انکي جمع نه ڪيو بلڪه عثمان بادشاهه ٿيڻ بعد پهريون ڀيرو اهو ڪم ڪيو.

عباسيءَ موقعي مان فائدو وٺندي چيو : بادشاهه سلامت ڇا توهان نه ٻڌو ته هن شخص عثمان کي خليفو نه پر بادشاهه سڏيو.؟!

علوي چيو : هائو! عثمان خليفو ڪونه هو .

بادشاهه چيو ڇو؟ !          

علوي چيو : شيعن جو عقيدوآهي ته ابوبڪر، عمر ۽ عثمان جي خلافت ناحق هئي.

بادشاهه (اچرج مان) پڇيو: ته ڇو؟!

علوي : ڇوته عثمان عمر جي مقرر ڪيل ڇهن ڄڻن جي ڪاميٽي ذريعي حڪومت حاصل ڪئي جڏهن ته ڪاميٽي جي هڙني ميمبرن به عثمان کي خليفو ڪونه چونڊيو هو بلڪه انهن مان ٽن يا چئن ڄڻن کيس منتخب ڪيو انڪري عثمان جي خلافت جو جواز فقط عمر ذريعي ئي ثابت ٿئي ٿو.

جڏهن ته عمر پاڻ ابوبڪر جي وصيت موجب حڪومت تي پهتو انڪري عمر جي حڪومت جو راز به ابوبڪرجي وصيت تي ٻڌل آهي.

هوڏانهن ابوبڪر پاڻ تلوار جي چمڪ ۽  زور تي هڪ مختصر گروهه جي چونڊڻ ذريعي زبردستي حڪومت تي پهتو انڪري ابوبڪر جي خلافت به تلوار ۽ طاقت جي ٽيڪ تي هئي.

اهو ئي سبب هو جو عمر ابوبڪر جي خلافت جي باري ۾ چيو ته“ماڻهن جو ابوبڪرجي بيعت ڪرڻ تڪڙن ۽ جاهليت جي اڻ سوچيل ڪمن مان هڪ ڪم هو الله سندس شر کان مسلمانن کي محفوظ رکي انڪري اڄ کان بعد جيڪو به اهڙي  قسم جي بيعت برپا ڪري ته کيس قتل ڪري ڇڏيو.”

ابوبڪر پاڻ به چيو: مونکي ڇڏيو ۽ پنهنجي بيعت واپس وٺو جيستائين علي توهان وٽ موجود آهي آءٌ توهان مان بهترين ناهيان. انڪري ئي شيعن جوعقيدو آهي ته انهن ٽنهين جي خلاف منڍان باطل ۽ بي بنياد هئي.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : علوي جيڪي ڳالهيون ابوبڪر ۽ عمر ڏانهن منسوب ڪيون آهن ڇا اهي حقيقت آهن؟

وزير چيو : هائو ! مؤرخن ايئن ئي چيو آهي.

بادشاهه پڇيو : پوءِاسين انهن کي محترم ڇو ٿا سمجھون؟

وزير چيو: پنهنجي نيڪ وڏڙن جي پيروي ڪندي.

علوي : بادشاهه سلامت وزير کان پڇو ته حق جي پيروي ضروري آهي يا پنهنجي اڳوڻن وڏڙن جي ؟ جيڪڏهن وڏن جي پيروي حق جي مقابلي ۽ ان خلاف هجي ته پوءِ ڇا هيءَ آيت ان کي شامل ڪونه ٿي ٿئي.

“إِنَّا وَجَدْنَا آبَاءَنَا عَلَى أُمَّةٍ وَإِنَّا عَلَى آثَارِهِمْ مُقْتَدُونَ”[2]

اسان پنهنجي ابن ڏاڏن کي ان مذهب تي ڏٺوسين ۽ اسين به انهن جي پيروي ٿا ڪريون.

بادشاهه چيو : اي علوي جيڪڏهن اهي ٽي رسول صلي الله عليه وآله جا خليفا نه آهن ته پوءِ رسول صلي الله عليه وآله جوخليفوڪيرآهي ؟

علوي چيو: رسول صلي الله عليه وآله جو خليفو فقط ۽ فقط علي بن ابيطالب عليه السلام آهي.

بادشاهه چيو : ڪهڙي دليل مطابق؟

علوي چيو: ڇوته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن انکي پاڻ کان بعد خليفو ۽ جانشين مقرر ڪيو هو ڪيترين ئي جاين تي سندس خليفي هئڻ جي وضاحت ڪيائون ، انهن مان هڪ مڪي ۽ مديني جي وچ تي غدير خم نالي جاءِ تي ماڻهن کي ڪٺو ڪري علي عليه السلام کي بلند ڪري مسلمانن کي فرمايو:

“جنهن جنهن جو آءٌ سرپرست آهيان علي عليه السلام انجو سرپرست آهي ؛ اي الله ان سان محبت ڪر جيڪو کيس پنهنجو سرپرست مڃي ان سان محبت ڪري ۽ جيڪو به ان سان دشمني ڪري ان سان تون به دشمني ڪر ۽ جيڪو به انجي مدد ڪري تون به ان جي مدد ڪر ۽ جيڪو بهان کي ڇڏي ڏئي ۽ سندس مدد نه ڪري تون به ان شخص کي

 ڇڏي ڏج. ”[3]

انکان پوءِ منبر تان هيٺ لهي اتي موجود مسلمانن کي (جن جو انگ هڪ لک چوويهه هزار کان به مٿي هو) فرمايائون ته علي عليه السلام کي اميرالمؤمنين جي لقب سان سلام ڪريو (۽ ڪنهن ٻئي کي اميرالمؤمنين نه چئو ) . مسلمان هڪ ٻئي پويان ايندا علي عليه السلام کي “اي اميرالمؤمنين اوهان تي سلام هجن” چوندا پئي ويا.

 ابوبڪر ۽ عمر به آيا ۽ علي عليه السلام کي اميرالمؤمنين چئي سلام ڪيائون ۽ عمر چيو:

“ اي امير المؤمنين توهان تي سلام هجن اي ابو طالب جا فرزند توکي مبارڪ هجي جو هينئرکان تون منهنجو ۽ هر مؤمن مرد ۽ زائفان جو مولا ٿي ويوآهين.”

ان سبب رسول الله صلي الله عليه وآله جو اڪيلو قانوني ۽ شرعي خليفو علي بن ابي طالب عليه السلام آهي.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا علوي جي ڳالهه صحيح آهي ؟!

وزير چيو: هائو! تاريخدانن ايئن ئي لکيو آهي .

بادشاهه چيو: ان بحث کي اتي ختم ڪري ٻيو ڪو بحث شروع ڪريو .

عباسي چيو : شيعا قرآن جي تحريف جا قائل آهن .

علوي چيو : نه بلڪه توهان سنين ۾ اهو مشهور آهي ۽ اوهين قرآن جي تحريف جا قائل آهيو.

عباسي چيو ته اهو سراسر ڪوڙ آهي.

علوي چيو : ڇا پنهنجي ڪتابن ۾ لکيل ڪونه ڏٺو اٿئه ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله تي غرانيق بابت آيتون نازل ٿيون پوءِ اهي آيتون نسخ ٿي ويون ۽ بعد ۾ قرآن مان حذف ٿي (نڪري ) ويون؟

بادشاهه وزير کان پڇيو ڇا علوي جي اها دعوى صحيح آهي؟

 وزير چيو : ها ! مفسرن اهي ڳالهيون لکيون آهن

بادشاهه چيو: ته پوءِ تحريف ٿيل قرآن تي ڪيئن ٿو اعتمادڪري سگهجي؟

علوي چيو : اي بادشاهه! اوهان جي علم ۾ هئڻ گهرجي ته اسين ان تحريف کي ڪونه ٿا مڃيون . اهو فقط سنين جو عقيدو آهي انڪري قرآن اسان وٽ قابل اعتماد آهي ۽ سنين وٽ ناهي.

عباسي چيو : قرآن جي تحريف بابت توهان جي ڪتابن ۾ به ڪجهه روايتون موجود آهن ۽ توهانجي عالمن کان نقل ٿيل آهن.

علوي چيو : اهي روايتون هڪ ته ٿورڙيون آهن ٻيو سڀئي هٿ جون گهڙيل آهن ۽ دشمنن جي فريب ذريعي  گهڙيون ويون آهن ته جيئن شيعن خلاف افواهه هلائي کين بدنام ڪيو وڃي .

ٻئي طرف انهن روايتن جا راوي ۽ سَنَدون سڀ جو سڀ صحيح ڪونه آهن ۽ جيڪو به عالمن کان نقل ڪيو ويو آهي اهو يا ته صحيح ناهي يا عالم معتبر ڪونه آهن، اسانجا وڏا عالم جن جو قول اعتبار جوڳو آهي اهي هرگز تحريف جا قائل ڪونه آهن ۽ جيڪو توهين چئو ٿا ته:

الله تعالى بتن جي ساراهه ۾ آيتون موڪليون ۽ فرمايو: (ليڪن الله اهڙين اوڻاين کان مٿاهون آهي )“اهي وڏي مرتبي وارا بت آهن فقط انهن ۾ شفاعت جي اميد آهي.”  اسان جا عالم ان کي قبول ڪونه ٿا ڪن.

بادشاهه چيو : ان بحث کي اتي پورو ڪيو ۽ ٻيو ڪو موضوع شروع ڪريو.

علوي چيو : سني حضرات الله تعالى ڏانهن اهڙين شين جي نسبت ڏين ٿا جيڪي ان جي جلال ۽ عظمت جي مناسب نه آهن.

عباسي چيو: مثال طور ڇا؟

علوي چيو: مثال هي ته چئو ٿا ته ، خدا جو جسم آهي ۽ انسان وانگر کلي ڳالهائي ٿو ، کيس هٿ، پير، اکيون ۽ شرمگاه آهي ۽ قيامت ڏهاڙي پنهنجي ڄنگھه جهنم ۾ وجھندو؛ مٿين آسمان کان دنيا واري آسمان ڏانهن اچي ٿو ۽ پنهنجي گڏهه تي سوار ٿئي ٿو . و.....

عباسي چيو : ان ۾ ڪهڙو عيب آهي ، جڏهن قرآن شريف انکي بيان ڪيو آهي ۽ فرمائي ٿو “وَجَاءَ رَبُّكَ”[4] ۽ تنهنجو پالڻهار آيو. ۽ فرمائي ٿو “يَوْمَ يُكْشَفُ عَنْ سَاقٍ [5]” جنهن ڏينهن پني تان پردو هٽايو ويندو، اهڙي ريت فرمائي ٿو“يَدُ اللَّهِ فَوْقَ أَيْدِيهِمْ”[6] الله جو هٿ سندن هٿن مٿان آهي.

حديث ۾پڻ آيو آهي ته قيامت ڏهاڙي الله پنهنجي ٽنگ جهنم ۾ وجھندو.

علوي چيو جيڪو چئو ٿا ته حديث ۾ آيو آهي اهو اسانجي نظر ۾باطل ، ڪوڙ ۽ تهمت آهي ڇو ته ابوهريره ۽ ان جهڙن ٻين رسول الله صلي الله عليه وآله تي گھڻا ئي ڪوڙ مڙهيا ۽ ڪم اتي وڃي پهتو جو عمر به کيس حديث نقل ڪرڻ کان منع ڪيو ۽ کيس سزا پڻ ڏنائين .

بادشاهه وزير ڏانهن نهاريندي پڇيو ته ڇا اهوسچ آهي ته عمر ابوهريره کي حديث نقل ڪرڻ کان جھليو هو ؟

وزير چيو : اها ڳالهه تاريخن ۾ آئي آهي ته کيس حديث نقل ڪرڻ کان روڪيو هئائين.

بادشاهه چيو : ته پوءِ اسين ابوهريره جي حديثن تي ڪيئن اعتماد ڪريون؟

وزير چيو : ڇوته عالم سڳورا سندس حديثن تي اعتماد ڪندا آيا آهن.

بادشاهه چيو : ان جو مطلب ته عالم سڳورا عمر کان وڌيڪ ڏاها ۽ ڄاڻو آهن ڇو ته عمر ابوهريره کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله تي ڪوڙ مڙهڻ ڪري حديثن جي نقل ڪرڻ کان روڪيو پر اسان جا عالم ان جي ڪوڙين حديثن تي عمل ڪندا رهن ٿا.

عباسي چيو : اي علوي ٺيڪ آهي جيڪڏهن الله تعالى بابت جيڪي حديثون بيان ڪيون ويون آهن اهي ڪوڙيون هجن ته پوءِ قرآن جي آيتن بابت ڇا ٿو چوين؟

علوي چيو : قرآن مجيد جون ڪجھه آيتون محڪم آهن جيڪي قرآن جو بنياد آهن ۽ وري ڪجھه آيتون متشابهه آهن ۽ قرآن جو هڪ ظاهر آهي ته وري ان ۾ ڳجھه ۽ راز پڻ آهن.

 جيڪي آيتون محڪم ۽ ظاهر آهن انهن جي ظاهري معنى تي عمل ڪيو ويندو ۽ جيڪي متشابهه آهن انهن کي بلاغت جي فن جي بنياد تي ڏسنداسين ته انهن ۾ مجاز يا ڪنايو ته استعمال ڪونه ٿيو آهي؟  يا انهن جي ڪا ڳجهي معنى ته ڪونه آهي ؟ جيڪڏهن ايئن نه ڪيوسين ته آيتن جي نه عقلي طور ۽ نه ئي شرعي طور ڪا درست معنى نڪري سگھندي.

مثال طور: جيڪڏهن “جاءَ ربڪ” تهنجو پالڻهار آيو جي ظاهري معنى کي ڏسنداسين ته عقل ۽ شريعت ٻنهين جي ابتڙ آهي ڇوته عقل ۽ شريعت جي حڪم موجب الله هرجاءِ تي موجود آهي ۽ ڪابه جاءِ ان جي وجود کان خالي ڪونهي جڏهن ته آيت جي ظاهري معنى موجب سمجھه ۾ ٿو اچي ته الله جوجسم آهي ۽ اهو واضح آهي ته هر جسم کي هڪ خاص جاءِ جي ضرورت هوندي آهي ان ظاهري معنى جو نتيجو اهو ٿيندو ته جيڪڏهن الله آسمان تي هوندو ته زمين تي ڪونه هوندو ۽ وري جيڪڏهن زمين تي هوندو ته آسمان الله جي وجود کان خالي هوندو ۽ اها ڳالهه عقل ۽ شرع جي مطابق غلط آهي.

انهن منطقي جوابن سامهون ڳالهه عباسي جي وس کان نڪري وئي ۽ جواب ڏئي نه سگھيو ؛ آخرڪار چيائين آءٌ ان ڳالهه کي نٿو مڃيان اسان کي قرآن جي آيتن جي ظاهري معنى تي عمل ڪرڻ گهرجي.

علوي چيو: ته پوءِ متشابهه آيتن جو ڇا ڪندين؟ ڇوته قرآن مجيد جي سڀني آيتن جي ظاهري معنى تي عمل نٿو ڪري سگهجي جيڪڏهن ايئن ڪندين تنهنجو دوست شيخ احمد عثمان [7] جيڪو توسان گڏ ويٺو آهي اهو جهنمين مان هئڻ گهرجي.

عباسي چيو: ڇو؟

علوي چيو: ڇو ته الله تعالى فرمائي ٿو: وَمَنْ كَانَ فِي هَذِهِ أَعْمَى فَهُوَ فِي الآخِرَةِ أَعْمَى وَأَضَلُّ سَبِيلا[8]. جيڪو به هن دنيا م انڌو هوندو اهو آخرت ۾ به انڌو ۽ وڌيڪ ڀٽڪيل هوندو.

جڏهن شيخ احمد عثمان هن دنيا ۾ انڌو آهي ته هن آيت جي ظاهري معنى موجب آخرت واري جهان ۾ اڃا به وڌيڪ انڌو ۽ ڀٽڪيل هئڻ گهرجي. اي شيخ احمد صاحب ڇا تون ان ڳالهه کي  قبول ڪرين ٿو ۽ ان تي راضي آهين؟

شيخ چيو : نه ! ڪڏهن به نه! هن آيت ۾ انڌي مان مراد حق جي واٽ تان ٿڙيل شخص آهي.

علوي چيو: ان مان واضح ٿيو ته انسان قرآن جي هڙني آيتن جي ظاهري معنى تي عمل نٿو ڪري سگهي.

ڪانفرنس جي ان حصي ۾ آيتن جي ظاهري معنى بابت لفظي جهيڙو وڌي ويو ليڪن علوي پنهنجي پختن دليلن ذريعي عباسيءَ کي شڪست ڏيندو پئي آيو ايتري تائين جو بادشاهه چيو ته بس ان موضوع کي ڇڏي ڪنهن ٻئي موضوع بابت گفتگو ڪريو.

 علوي چيو : اوهان سنين جي غلط عقيدن مان هڪ هي آهي ته الله تعالى ماڻهن کي گناهن ۽ برن ڪمن انجام ڏيڻ تي مجبور ٿو ڪري ۽ وري انهن گناهن ۽ ڪڌن ڪمن جي ڪري کين سزا به ڏئي ٿو.

عباسيءَ چيو : ها! اهوصحيح آهي ڇو ته الله تعالى پاڻ فرمائي ٿو : “وَمَنْ يُضْلِلِ اللَّهُ فَلَنْ تَجِدَ لَهُ سَبِيلا”[9] ۽ الله جنهن کي گمراهه ڪري ۽ اهو پڻ فرمائي ٿو “طَبَعَ اللَّهُ عَلَى قُلُوبِهِمْ” [10] الله سندن دلين تي مهرون هڻي ڇڏيون آهن.

علوي چيو: جيڪو چوين ٿو ته قرآن ۾آيل آهي ، توکي به چڱي پر سڌ آهي ته قرآن ۾ مجازُ ۽ ڪنايه استعمال ٿيل آهن ، انهن کي ڳولهي سمجهڻ گهرجي ، هتي گمراهه جي معنى هي آهي ته الله تعالى غلط ڪم ڪندڙ انسان کي پنهنجي حال تي ڇڏي ٿو ڏئي ته ڀلي گمراهه رهي اها ڳالهه ان وانگر آهي جيئن چيو ويندو آهي ته“حڪومت ماڻهن کي خراب ڪري ڇڏيو آهي” ان جو مطلب اهو ناهي ته حڪومت اچي ماڻهن کي خراب ڪيو آهي بلڪه مقصد هي آهي ته حڪومت ماڻهن کي سندن حالت تي ڇڏي ڏنو ۽ انهن سان حڪومت جو ڪو واسطو ڪونهي، ۽ ڇا تو الله تعالى جو اهو فرمان نه ٻڌو آهي؟ ته فرمائي ٿو:

 “إِنَّ اللَّهَ لا يَأْمُرُبِالْفَحْشَاءِ”[11] بيشڪ الله بڇڙائيءَ جو حڪم نٿو ڪري.

۽ فرمائي ٿو:

   “إِنَّا هَدَيْنَاهُ السَّبِيلَ إِمَّا شَاكِرًا وَإِمَّا كَفُورًا”[12] بيشڪ اسان ان (انسان) کي (سڌي) واٽ جي هدايت ڪئي آهي هاڻ هو شڪر گذار آهي يا انڪاري اهڙي ريت فرمائي ٿو : “وَهَدَيْنَاهُ النَّجْدَيْنِ ”[13] ۽ ان کي اسان  ٻن رستن جي هدايت ڪئي سون . ۽ ٻئي طرف عقل به نٿو مڃي ته الله تعالى گناهه جو حڪم ڏئي ۽  وري ان کي انجام ڏيڻ ڪري انسان کي سزا ڏئي.

اهو ڪم ته عام انسان کان به پري آهي پوءِ ان عظيم ۽ هرعيب کان پاڪ رب انکي ڪيئن ٿو انجام ڏئي سگهي؟ بادشاهه رڙ ڪري چيو نه نه ! ممڪن ئي ناهي جو الله انسان کي گناهه لاءِ مجبور ڪري وري ان کي گناهه جي بدلي سزا ڏئي ، اهو ته چٽو ظلم آهي ۽ الله هر قسم جي ظلم ۽ ڏاڍ کان پاڪ ۽ مٿاهون آهي .“ وَأَنَّ اللَّهَ لَيْسَ بِظَلامٍ لِلْعَبِيدِ”[14] ۽ الله ٻانهن تي ظلم ڪرڻ وارو ناهي البته آءٌ نٿو سمجهان ته اهل سنت جو به عباسي وانگر اهو نظريو هجي.

ان وقت وزير کان پڇا ڪيائين ته ڇا اهل سنت جو اهو نظريوآهي؟

وزير چيو: هائو ! اهل سنت وارن جو اهو عقيدو مشهور آهي.

بادشاهه چيو: اهڙي ڳالهه ڇو ٿا ڪن جنهن کي عقل به تسليم نٿو ڪري؟

وزير چيو: پنهنجي ان عقيدي بابت انهن وٽ دليل ۽ تاويلون موجود آهن.

بادشاهه چيو : جيڪي به دليل ۽ تاويلون آڻين عقل انهن کي قبول نه ڪندو منهنجي خيال ۾ فقط علوي وارو عقيدو ئي ٺيڪ آهي ته الله تعالى ڪنهن کي به گناهه ۽ ڪفر لاءِ مجبور نٿو ڪري جو بعد ۾ وري کيس سزا ڏئي.

علوي چيو: ٻيو هي ته سني چون ٿا ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن کي پنهنجي نبوت ۾ شڪ هو.

عباسي چيو: اهو سڌو سنئون ڪوڙ آهي.

علوي چيو: ڇا توهان اها روايت نقل نه ڪندا آهيو ۽ توهانجي ڪتابن ۾ موجود ناهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله فرمايو: جڏهن به مون ڏانهن جبرائيل نازل ٿيو ته مون هر دفعي شڪ ڪيو ته اهو عمر بن خطاب تي نازل ٿو ٿئي. توهان اها روايت نقل ڪريو ٿا جڏهن ته قرآن مجيد ۾ ڪيتريون ئي آيتون آهن جيڪي دلالت ٿيون ڪن ته الله تعالى پنهجي پيغمبر صلي الله عليه وآله کان سندس رسالت جو پيمان ورتو.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪندي چيو : ڇا اهو صحيح آهي ۽ سنين جي ڪتابن ۾اها روايت آئي آهي؟

وزير چيو: سنين جي ڪتابن ۾ اها روايت آئي آهي. [15]

بادشاهه چيو اهو ته کليو ڪفر آهي.

علوي چيو : ٻيو هي ته اهل سنت وارن پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن بيبي عائشه کي پنهنجي ڪلهن تي  ويهاري دهلارين ۽ ڳائڻ وڄائڻ وارن سان گڏجي خوشيون ملهائيندا هئا ڇا اهو رسول الله صلي الله عليه وآله جي عظيم مان ۽  مرتبي جي مناسب آهي؟

عباسيءَ چيو : اها ڳالهه آنحضرت صلي الله عليه وآله جي بلند مقام کي ڪنهن به قسم جو ڇيهو نٿي رسائي.

علوي چيو : تون هڪ عام ماڻهو آهين ان هوندي ڇا تون  اهو ڪم ڪندين؟

بادشاهه چيو : جنهن کي حياءَ شرم جو ڪجهه واس به آيل هوندو اهو ايئن ڪونه ڪندو، رسول الله صلي الله عليه وآله ته حياءَ، غيرت ۽ ايمان جو سرچشمو آهن.

ڇا اهو صحيح آهي ته سنين جي ڪتابن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون لکيل آهن؟

وزيرچيو: هائو! ڪجهه ڪتابن ۾ اهڙي قسم جون ڳالهيون لکيل آهن.

بادشاهه : ته پوءِ اسان اهڙي نبيءَ تي ڪيئن ايمان آڻيون جنهن کي پنهنجي نبوت ۾ شڪ هجي ؟

عباسي چيو : انهن روايتن جي تاويل ڪرڻ گهرجي .

علوي چيو : ڇا اهڙين روايتن جي تاويل ممڪن آهي؟!

اي بادشاهه ڏسو ٿا ته سني اهڙي قسم جي خرافات ۽ غلط عقيدن ۽ واهيات ڳالهين تي عقيدو رکن ٿا!

عباسي چيو : ڪهڙن غلط عقيدن ۽ خرافات جي ڳالهه ٿو ڪرين؟

علوي چيو: جيڪي هيئنر تائين ٻڌايا جن ۾ چئو ٿا ته:

1) الله تعالى انسان وانگر آهي ۽ هٿ پير اٿس ۽ چرپر ڪري ٿو ۽ ڪڏهن وري چرپر کان آجو آهي.

2) قرآن ۾ تحريف ۽ گهٽتائي ۽ واڌارو ٿيو آهي.

3) رسول اڪرم صلي الله عليه وآله اهڙا ڪم ڪيا جو هڪ عام ماڻهو به نٿو ڪري سگهي ۽ عائشه کي پنهنجي ڪلهن تي ويهاريو اٿس.

4 ) رسول اڪرم صلي الله عليه وآله کي پنهنجي نبوت ۾ شڪ هو.

5) علي کان پهريان جن حڪومت ڪئي انهن اها حڪومت تلوار ۽ طاقت جي زور تي هٿ ڪئي ۽ تخت تي چڙهي ويٺا ۽ حڪومت سندن حق ڪونه هئي.

6) سنين جا ڪتاب ابوهريره ۽ ٻين دجال صفت حديث گهڙيندڙن جي حديثن سان ٽمٽار آهن .... ۽ اهڙي قسم جا ٻيا عقيدا.   

بادشاهه چيو: ان موضوع کي  اتي پورو ڪيو ۽ ٻيو ڪو بحث شروع ڪريو .

 علوي چيو : سني رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي مقدس ذات ڏانهن اهڙين شين کي منسوب ڪن ٿا جيڪي هڪ عام انسان جي به شايان شان ڪونه آهن.

عباسي چيو: مثال طور ڇا؟

علوي چيو : مثال طور چون ٿا ته سورت “عَبَسَ وَتَوَلَّى ”[16] رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي باري ۾ نازل ٿي آهي.

عباسيءَ چيو ته ان ۾ ڪهڙو مسئلو آهي؟

علوي چيو: مسئلو هي آهي ته جيڪا آيت فرمائي ٿي ته “وَإِنَّكَ لَعَلى خُلُقٍ عَظِيمٍ”[17] ۽ بيشڪ تو وڏي اخلاق جو مالڪ آهين ۽ ٻي آيت فرمائي ٿي “وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلا رَحْمَةً لِلْعَالَمِينَ  ”[18] اسان توکي ته جهانن لاءِ رڳو رحمت طور موڪليو آهي ڇا عقل ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته جنهن رسول صلي الله عليه وآله کي الله عظيم اخلاق جو مالڪ ۽ جهانن لاءِ رحمت ڄاڻائي، اهو رسول صلي الله عليه وآله هڪ نابينا مؤمن سان ايئن نامناسب ۽ غير انساني سلوڪ اختيارڪري؟

بادشاهه چيو : اها ته نامعقول ڳالهه آهي  جو بشريت جو رسول ۽ رحمت نبي صلي الله عليه وآله اهڙو ڪم ڪري .اي علوي هاڻ تون ٻڌاءِ اها آيت ڪنهن جي باري ۾ نازل ٿي آهي؟

علوي چيو: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي اهلبيت: (جن جي گهر ۾ قرآن نازل ٿيو) طرفان صحيح روايتن ۾ بيان ٿيو آهي ته اها سورت عثمان بن عفان جي باري ۾ نازل ٿي آهي . جڏهن عبدالله بن ام مڪتوم عثمان وٽ ويو ۽ ان عبدالله بن ام مڪتوم کان منهن موڙي ان ڏانهن پٺي ڏني ته اها سورت نازل ٿي.

اتي سيد جمال الدين (هڪ شيعه عالم ) جيڪو اتي موجود هو اٿي چوڻ لڳو : ان سورت جي باري ۾ مون سان هڪ واقعو پيش آيو اهو هي ته: هڪ ڏينهن هڪ عيسائي مونکي چيو ته اسان جو نبي عيسى عليه السلام توهانجي نبي کان بهتر آهي، مون چيو اهو ڇو ؟

عيسائي جواب ڏنو: ته توهانجو نبي (نعوذ بالله) بد اخلاق هو ۽ انڌن ماڻهن لاءِ منهن ٺاهيندو ۽ انهن کان منهن موڙيندو هو. جڏهن ته اسانجو نبي عيسى عليه السلام ڀلي اخلاق وارو  ۽ انڌن کي شفا ڏيندو هو.

مون چيو : اي عيسائي ! اسانجي عقيدي موجب اها سورت پيغمبر صلي الله عليه وآله بابت نه پر عثمان بن عفان بابت نازل ٿي آهي  اسانجو نبي صلي الله عليه وآله ملڻ جلڻ جوتمام ڀلو ۽ هڙني سٺين صفتن جو مجسمو هو ۽ اهڙين خاصيتن جو ڌڻي هو جو الله تعالى سندس شان ۾ فرمائي ٿو: (وَإِنَّكَ لَعَلى خُلُقٍ عَظِيمٍ) بيشڪ تون وڏي عظيم اخلاق وارو آهين ۽ فرمائي ٿو 0 (وَمَا أَرْسَلْنَاكَ إِلا رَحْمَةً لِلْعَالَمِينَ) ۽ ا سان توکي جهانن لاءِ رڳو رحمت ڪري موڪليو آهي.

عيسائي چيو:  مون جيڪو بيان ڪيو اهو بغداد جي هڪ مسجد جي خطيب کان ٻڌو آهي.

مون چيو: اسان وٽ مشهور آهي ته ڪجهه بدڪار ۽ ڪوڙن راوين ان قصي کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله ڏانهن منسوب ڪيو آهي جيئن عثمان جي چهري تان اها گندگي هٽائين. ۽ رسو ل اڪرم صلي الله عليه وآله ڏانهن ڪوڙيون نسبتون ڏئي پنهنجي بادشاهن ۽ خليفن جي صفائي پيش ڪن.!

بادشاهه چيو : ان ڳالهه کي ڇڏي ڪا ٻي ڳالهه ڪريو.

عباسي چيو: شيعا ٽن خليفن جي ايمان جو انڪار ٿا ڪن ۽ اهو صحيح ناهي ڇو ته جيڪڏهن اهي مؤمن نه هجن ها ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله سندن ناٺي ڇو ٿين ها.؟ يا کين پنهنجيون نياڻيون ڇوڏين ها؟

علوي چيو: شيعن جو عقيدوآهي ته انهن دل سان ايمان ڪونه آندو هو پر ظاهري طور زبان سان اسلام جو اظهار ڪيو هئائون ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله شهادتين پڙهڻ واري هر ماڻهوءَ کي قبول ڪندا هئا ۽ ساڻس مسلمانن وارو ورتاءُ ڪندا هئا. (پوءِ ڀلي اهو منافق ڇونه هجي). ان ئي سبب نبي صلي الله عليه وآله سندن ناٺي ٿيو ۽ کين ناٺي بڻايائين.

عباسيءَ چيو: ابوبڪر جي ايمان نه آڻڻ جو اوهان وٽ ڪهڙو دليل آهي؟

علوي چيو : ڪيترائي قطعي دليل  موجود آهن . انهن مان هڪ هيءُ ته ان ڪيترين ئي جاين تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله سان خيانت ڪئي جيئن اسامه جي لشڪر ۾ شريڪ ٿيڻ کان ڪنڌ ڪڍرايائين ۽ اتي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي حڪم جي نافرماني ڪيائين ۽ واضح آهي ۽ قرآن ڪريم به فرمائي ٿو  ته جيڪو به رسول صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪري اهو ايمان وارو ڪونه آهي.

(فَلا وَرَبِّكَ لا يُؤْمِنُونَ حَتَّى يُحَكِّمُوكَ فِيمَا شَجَرَ بَيْنَهُمْ ثُمَّ لا يَجِدُوا فِي أَنْفُسِهِمْ حَرَجًا مِمَّا قَضَيْتَ وَيُسَلِّمُوا تَسْلِيمًا) [19]     

بس تنهنجي نپائڻهار جو قسم تيسين ايمان ڪونه آڻيندا جيسين اهي پنهنجي اختلافن ۾ توکي ٽياڪڙ نه مڃين  ۽ جيڪو تو فيصلو ڪيو ان بابت به پنهنجي دل ۾ (پنهنجي لاءِ) ڪو نقصان نه سمجهن ۽ پوري طرح تسليم ٿي وڃن . ان حساب سان  ابوبڪر رسول صلي الله عليه وآله جي فرمان کان ڪنڌ ڪڍرايو ۽ نافرماني ڪئي ۽ اهو اهڙن ماڻهن مان ٿي ويو جيڪي ان آيت جومصداق آهن.

ان کان به وڌيڪ هي ته جنهن به اسامه جي لشڪر کي پٺي ڏني رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن ان تي لعنت ڪئي آهي ۽ اهو پهريان به بيان ڪيو ويو ته ابوبڪر اسامه جي لشڪر کي پٺي ڏني ۽ ان ۾ شرڪت ڪونه ڪئي.

ڇا رسول اڪرم صلي الله عليه وآله ڪنهن مؤمن تي لعنت ڪندو؟

ظاهرآهي ته نه !

بادشاهه چيو: ان طرح علوي جي ڳالهه صحيح آهي ته ابوبڪر مؤمن ڪونه هو.

وزيرچيو: ابوبڪرجي ان خلاف ورزي بابت اهل سنت وارا توضيح پيش ڪن ٿا.

بادشاهه چيو: ڇا توضيح ۽ تاويل ڪنهن حرام ڪم کي حلال ڪري سگهي ٿي ؟ جيڪڏهن تاويلن جو دروازو کولينداسين ته پوءِ هر مجر۾۽ ڏوهاريءَ وٽ پنهنجي جرم جي ڪانه ڪا تاويل ۽ توضيح ضرور هوندي ، چور چوندو ته مون غربت ۽ هٿين خالي هئڻ سبب چوري ڪئي، شرابي چوندو غمگين هئس پنهنجي غم کي ٽارڻ لاءِ شراب پيتو، زاني چوندو..... اهڙي ريت معاشري جو نظام بگڙي ويندو ۽ ماڻهن ۾ گناهه ۽ ڏوهن جي جرات پيدا ٿيندي نه ... نه ... انهن توضيحن ۽ تاويلن جو ڪو فائدو ناهي.

عباسي جوچهرو ڳاڙهو ٿي ويو ۽ پريشان هو ته ڇا چوي آخرڪار چيائين ته عمرجي مؤمن نه هئڻ بابت توهان وٽ ڪهڙو دليل آهي؟

علوي چيو : ان ڳالهه جا ته ڪيترائي دليل آهن انهن مان هڪ هيءُ ته ان پاڻ پنهنجي  مؤمن نه هئڻ جو اقرار ڪيوآهي.

عباسي چيو: اهو وري ڪٿي ؟

علوي چيو: جڏهن ان چيو ته “مون صلح حديبيه واري ڏينهن جيترو محمد صلي الله عليه وآله جي نبوت ۾ شڪ ڪيو ايترو ڪڏهن به ڪونه ڪيوهو.”

عمر جي ان ڳالهه مان لڳي ٿو ته هو آنحضرت صلي الله عليه وآله جي نبوت بابت هميشه شڪ ۽ ٻڏ تر مبتلا رهيوآهي ۽ صلح حديبيه واري ڏهاڙي سندس شڪ ڪجهه اونهو ۽ گهڻو هيو.

اي عباسي توکي پنهنجي رب جو  قسم جيڪو حضرت محمد صلي الله عليه وآله جي نبوت ۾ شڪ ڪري ڇا اهو مؤمن آهي ؟

عباسي چپ ڪئي ۽ ڪنڌ کڻي هيٺ ڪيائين.

بادشاهه وزير ڏانهن نهاري چيو : ڇا عمر بابت علوي جي اها ڳالهه ڇا درست آهي؟

وزيرچيو: راوين ايئن روايت بيان ڪئي آهي.

بادشاهه چيو: عجيب آهي ! واقعاً عجيب آهي آءٌ عمر کي پهرين مسلمانن مان سمجهندو هئس ۽ سندس ايمان کي ثابت ايمان سمجهندو هئس ليڪن هينئر واضح ٿيو ته سندس ايمان به ٻڏتر جو شڪار هو.    

عباسيءَ چيو: بادشاهه سلامت صبرڪريو ۽ پنهنجي عقيدي تي مضبوط رهو هن علوي جوڪوڙ اوهانکي ڌوڪونه ڏئي.  

بادشاهه کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ پنهنجو چهرو عباسي کان ڦيرائي ڇڏيائين ۽ چوڻ لڳو اسان جو وزير نظام الملڪ چوي ٿو ته علوي سچو آهي ۽ عمر جو اهو قول اسان جي ڪتابن ۾ موجود آهي ۽ هي نادان (عباسي ) چوي ٿو ته علوي ڪوڙو آهي ڇا اهو تعصب کان علاوه ٻيو ڪجهه ٿي سگهي ٿو؟!

ميڙ تي موت جي خاموشي ڇانئجي وئي ، بادشاهه ڪاوڙجي ويو ۽ عباسي جي گفتي کان ناراض هو ... عباسي ۽ ٻيا عالم ڪنڌ هيٺ ڪيون ويٺا هئا ۽ وزير پڻ چپ هو .... علوي ڪنڌ مٿي ڪيو بادشاهه ڏانهن پئي نهاريائين ته ڏسي ته نتيجو ڇا ٿو نڪري.

عباسي تي سخت گهڙيون گذري رهيون هيون ۽ تمنا پئي ڪيائين ته ڪاش زمين ڦاٽي کيس ڳهي وڃي يا ملڪ الموت اچي سندس روح ڌڙ کان ڌار ڪري، ڏاڍو شرمندو هو ۽ مٿس ڏکيو وقت ٿي گذريو.

سندس مذهب جو غلط هئڻ ثابت ۽ سندس خرافاتي عقيدا بادشاهه ، وزير ، ۽ درٻارين لاءِ وائکا ٿي چڪاهئا ليڪن ڇا پيو ڪري سگهي.؟!

بادشاهه ته ان کي سوال جواب ۽  حق ۽ ناحق کي ڄاڻڻ لاءِ گهرايو هو؛ آخرڪار عباسي ڪنڌ مٿي ڪيو ۽ پاڻ کي تيار ڪري پڇيائين ته: اي علوي تون ڪيئن ٿو چوين ته عثمان دل سان ايمان ڪونه آندو هو؟ جڏهن ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله سندس نياڻي رقيه ۽ ٻي نياڻي ام ڪلثوم جي شادي عثمان سان ڪرائي هئي.

علوي چيو گهڻائي دليل موجود آهن جن مطابق عثمان جو دل سان ايمان نه آڻڻ ثابت آهي . بس اهوئي ڪافي آهي ته مسلمان جن ۾ صحابي به هئا کيس قتل ڪرڻ تي متفق ٿي ويا ۽ کيس قتل ڪيائون.

توهان پاڻ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله کان نقل ٿا ڪريو ته پاڻ فرمايائون : “منهنجي امت ناحق ۽ باطل تي متفق نه ٿيندي .” هاڻ ٻڌاءِ ته مسلمان جن ۾ صحابه پڻ هئا ڪنهن مؤمن جي قتل تي متفق ٿيندا؟!

ٻئي طرف عائشه عثمان کي يهودين سان شباهت ڏني ۽ کيس قتل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ چيائين ته نعثل  (يهودين جي هڪ شخص جونالو) کي قتل ڪيو. ڇوته هو پڪ سان ڪافر ٿي چڪو آهي . نعثل کي قتل ڪريو، الله انکي نابود ڪري ۽ الله جي رحمت کانئس پري هجي.

اهڙي ريت عثمان پيغمبر صلي الله عليه وآله جي جليل القدر صحابي عبدالله  بن مسعود کي اهڙي مارڪٽ ڪئي جو نري جي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ ان ئي تشدد جي اثر ڪري هيءَ دنيا ڇڏيائين.

اهڙي طرح رسول الله صلي الله عليه وآله جي وڏي وفادار ۽ نامياري ساٿي ابوذر کي جلاوطن ڪيائين. هڪ يا ٻه دفعا مديني کان شام ڏانهن ۽ هڪ دفعو (مڪي ۽ مديني جي وچ تي ) ربذه نالي برپٽ بيابان ڏانهن جلاوطن ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ ابوذر بک ۽ اڃ سبب ان بيابان ۾ پنهنجي جان  ڌڻي حوالي ڪئي. اهو واقعو ان صورت ۾ پيش آيو جڏهن عثمان مسلمانن جي بيت المال ۾غرق هو ۽ انکي پنهنجي اموي ۽ مرواني خاندان ۾ تقسيم پئي ڪيائين ابوذر اها هستي هوجنهن بابت رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن فرمايو:

“مَااَضَلت الخَضرَاءُ وَمَا اقَلَت الغَبرَاءُ عَلى ذِي لَهجَةٍ اَصدَقُ  مِنْ اَبِي ذَر”[20]

آسمان ڪنهن اهڙي شيءِ تي پنهنجي ڇانوَ نه ڪئي آهي ۽ نه وري زمين ڪنهن اهڙي شيءِ کي کنيو آهي جيڪا ابوذر کان وڌيڪ سچي هجي.

علوي جي انهن ڳالهين بابت بادشاهه وزير کان سوال ڪيو ته ڇا اهي صحيح آهن؟

وزير چيو : مؤرخن ايئن بيان ڪيو آهي.

بادشاهه چيو: پوءِ مسلمانن انکي خلافت لاءِ ڪيئن چونڊيو؟

وزير چيو: اهو هڪ ڪاميٽي جي فيصلي سان خليفو ٿيو.

علوي چيو : اي وزير اجازت ڏيو جيڪا ڳالهه حقيقت نه آهي اها نه چئو.

بادشاهه چيو : ڇا ٿو چوين؟

علوي : وزير جي اها ڳالهه صحيح ڪونهي بلڪه عثمان فقط عمر جي وصيت سان ئي خليفو ٿيو ۽ فقط ٽن منافقن يعني طلحه، سعد بن ابي وقاص ۽ عبدالرحمن بن عوف کيس خلافت لاءِ چونڊيو.

ڇا انهن جي راءِ سڀني مسلمانن جي راءِ ٿي سگهي ٿي ؟

تاريخ ۾ اهو به ذڪر ٿيل آهي ته عثمان جي ڪرتوتن ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي صحابين جي بي حرمتي ۽ مسلمانن جي امور بابت ڪعب الاحبار يهودي سان  صلاح مشوري ڪرڻ ۽ مسلمان جي بيت المال کي بني مروان جي خاندان ۾ ورهائڻ سبب اهي ٽي به مٿس ناراض ٿي ويا هئا ۽ کيس قتل ڪرڻ لاءِ ماڻهن کي همٿائڻ ۾ اڳتي اڳتي رهيا.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا علوي جي ڳالهه صحيح آهي؟

وزير چيو: ها! مؤرخن ايئن بيان ڪيو آهي.

بادشاهه چيو: پوءِ تو ڪيئن چيو ته عثمان ڪاميٽي جي چونڊڻ سان خلافت حاصل ڪئي ؟!

وزير چيو : ڪاميٽي مان منهنجو مقصد اهي ٽي ڄڻا هئا.

بادشاهه چيو: ڇا انهن ٽن ڄڻن جو انتخاب سڀني مسلمانن جو انتخاب سمجهيو ويندو؟

وزير چيو: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن انهن ٽن ڄڻن لاءِ جنت جي خوشخبري ڏني آهي .

علوي چيو : اي وزير ! اجازت ڏي ۽ غلط ڳالهه زبان تي نه آڻ “ڏهن ڄڻن کي جنت جي خوشخبري ”واري حديث ڪوڙي آهي ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله تي تهمت مڙهيل آهي.

عباسي چيو : ان حديث کي ڪوڙو ڪيئن ٿو چوين جڏهن ته اعتماد جوڳن راوين ان کي نقل ڪيو آهي .؟

علوي چيو: ڪيترائي دليل آهن جيڪي ان حديث جي ڪوڙي ۽ غلط هئڻ کي ثابت ڪن ٿا جن مان ٽي دليل ٻڌايان ٿو.

1) رسول صلي الله عليه وآله اهڙي ماڻهوءَ کي جنت جي خوشخبري ڪيئن ٿو ڏئي سگهي جنهن پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله کي رنجايو هجي. (منهنجو مقصد طلحه آهي ) ڇو ته ڪافي مفسرن ۽ تاريخدانن  بيان ڪيو آهي ته طلحه چيو هو ته “جيڪڏهن محمد صلي الله عليه وآله مري وڃي ته آءٌ ضرور سندس گهروارين سان نڪاح ڪندس ( يا ايئن چيائين ته ضرور عائشه سان شادي ڪندس ) ان ذريعي هن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله کي رنجايو ۽ الله تعالى هي آيت نازل ڪئي.

 (وَمَا كَانَ لَكُمْ أَنْ تُؤْذُوا رَسُولَ اللَّهِ وَلا أَنْ تَنْكِحُوا أَزْوَاجَهُ مِنْ بَعْدِهِ أَبَدًا إِنَّ ذَلِكُمْ كَانَ عِنْدَ اللَّهِ عَظِيمًا)[21]

توهان کي رسول کي ايذائن جو ڪو حق ناهي ۽ پڻ ان کان بعد هميشه تائين سندس گهروارين سان شادي ڪرڻ (جو به حق نه آهي ) اهو الله (جي بارگاهه) وٽ وڏو (گناهه) آهي.

2) طلحه ۽ زبير علي عليه السلام سان جنگ ڪئي جڏهن ته رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن سندس باري ۾ فرمائن ٿا :

اي علي عليه السلام توسان جنگ مون سان جنگ آهي ۽ تنهنجو ساٿ ڏيڻ منهنجوساٿ ڏيڻ آهي [22]  

جنهن به علي عليه السلام جي فرمانبرداري ڪئي ان ڄڻ منهنجي فرمانبرداري ڪئي ۽ جنهن به علي عليه السلام جي نافرماني ڪئي ان ڄڻ منهنجي نافرماني ڪئي.[23]        

علي عليه السلام قرآن سان آهي ۽ قرآن علي عليه السلام سان آهي اهي ٻئي مون وٽ حوض ڪوثر تائيڻ پهچڻ تائين هڪ ٻئي کان جدا نه ٿيندا[24]

علي عليه السلام حق سان آهي ۽ حق علي عليه السلام سان آهي حق هميشه اتي هوندو جتي علي عليه السلام هجي. [25]

ان بنياد تي جيڪو رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن سان جنگ ڪري ۽ سندس نافرماني ڪري ڇا اهو جنت ۾ وڃي سگهي ٿو ؟ ڇا جيڪو قرآن ۽ حق سان جنگ ڪري اهو مؤمن ٿي سگهي ٿو ؟!

3) طلحه ۽ زبير عثمان کي قتل ڪرڻ لاءِ وڏيون ڪوششون ڪيون ان هوندي ڇا اهو ممڪن آهي ته طلحه زبير ۽ عثمان ٽئي بهشتي هجن جڏهن انهن مان هڪڙن ٻين کي قتل ڪيو آهي ۽ رسول خدا صلي الله عليه وآله کان نقل ٿيل آهي ته قاتل ۽ مقتول ٻئي جهنمي آهن؟!

بادشاهه پوري اچرج مان پڇيو: ڇا علوي جون اهي سڀ ڳالهيون صحيح آهن؟

وزير چپ رهيو ۽ ڪجهه به نه ڪڇيو.

عباسي ۽ سندس ساٿي به چپ رهيا ڇاچون؟!......سچ چون ؟! ڇا شيطان سچ چوڻ جي اجازت ڏيندن جيڪو نفس هميشه برائيءَ جو حڪم ڪندو رهي ٿو ڇا اهو اجازت ڏيندو ته حقيقت آڏو سر نمائين؟ تون ڇاٿو سمجهين ته حق جو اعتراف ڪو سولو ڪم آهي؟!

هرگز نه !..... اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان جاهليت واري تعصب کي ڇڏڻو پوندو ۽ نفساني خواهش جي مخالفت ڪرڻي پوندي ، سواءِ ٿورڙن ماڻهن جي باقي ٻيا ماڻهو ته نفساني خواهشن ۽ باطل جا  پيروڪار آهن.

سيدعلوي خاموشيءَ جي پردي کي چيريندي چيو: اي بادشاهه ! وزير، عباسي ۽ جيڪي به عالم هت موجود آهن اهي منهنجي ڳالهه جي صحيح هئڻ جو اقرار ڪن ٿا ۽ ان ڳالهه کان آگاهه آهن.

جيڪڏهن اهي انڪار به ڪن ته بغداد ۾ٻيا عالم آهن جيڪي منهنجي ڳالهين جي تصديق ڪندا ۽ هن مدرسي جي ڪتب خاني ۾ اهڙا ڪتاب موجود آهن جيڪي منهنجي ڳالهين جي صحيح هئڻ جي تائيد ڪندا ۽ ٻيون به اهڙي قسم جون شاهديون موجود آهن.

جيڪڏهن انهن منهنجي ڳالهين جي صحيح هئڻ جو اقرار ڪيو ته ٺيڪ نه ته آءٌ هينئر ئي اوهان لاءِ اهڙا ڪتاب  حوالا ۽ شاهد پيش ڪريان ٿو.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا اهڙا ڪتاب موجود آهن جيڪي علوي جي ڳالهين جي تصديق ڪن؟!

وزير چيو : هائو!

بادشاهه چيو: ته پوءِ شروعات ۾ ڇو چپ رهين؟!

وزير چيو : مونکي سٺو نٿو لڳي جو رسول صلي الله عليه وآله جي يارن بابت گهٽ وڌ ڳالهايان.

علوي چيو : عجب آهي توکي اها ڳالهه سٺي نٿي لڳي ليڪن الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله ته ان ڳالهه تي ناراض ڪونه ٿا ٿين.

الله تعالى ڪجهه صحابين کي منافق چيو آهي ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله  کي حڪم ٿو ڏئي ته جهڙي ريت ڪافرن سان جنگ ٿا ڪريو اهڙي ريت انهن سان به جنگ ڪريو ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله به پنهنجي ڪجهه صحابين  تي لعنت ڪئي آهي.

وزير چيو : اي علوي ڇا عالمن جو اهو قول نه ٻڌو اٿئه جو چون ٿا ته سڀ صحابي عادل آهن.

علوي چيو: ٻڌو ته آهي ليڪن حقيقت هي آهي ته اها ڪوڙي دعوا ۽ وڏو بهتان آهي. اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو سڀئي صحابي عادل هجن جڏهن ته ڪجهه تي الله لعنت ڪئي آهي ۽ انهن مان ڪجهه تي  رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن لعنت ڪئي آهي.

ٻئي طرف انهن پاڻ به هڪ ٻئي تي لعنت ڪئي آهي ۽ پاڻ ۾جنگيون ڪيون اٿائون ۽ هڪڙن ٻين کي گهٽ وڌ ڳالهايو آهي يا هڪڙن ٻين جي قتل جي سازش ڪئي آهي.

اتي عباسي پنهنجي لاءِ دروازا بند ڏٺا ۽ هڪ ٻئي در کان آيو ۽ چيائين اي بادشاه! علوي کان پڇو ته جيڪڏهن اهي ٽي خليفا مسلمان نه هئا ته پوءِ مسلمانن کين بادشاهه بڻائي سندن اطاعت ڇو ڪئي؟ 

علوي چيو : پهريان ته سڀني مسلمانن انهن کي خلافت لاءِ ڪونه چونڊيو هو بلڪه رڳو سنين ائين ڪيو .

ٻيو ته جيڪي انهن جي خلافت تي عقيدو رکن ٿا يا اڻ ڄاڻ آهن يا وري حق سان ويرَ سبب انهن سان لئون لڳائي اٿن.

اڻ ڄاڻن کي سندن حال ۽ رسوائي جي خبر ڪونه آهي ، بلڪه انهن کي پاڪ ۽ مؤمن ٿا سمجهن ۽ جيڪي حق جا ويري آهن اهي جيسين تعصب ۽ ضد تا هٿ نه کڻندا تيسين کين ڪوبه دليل ۽ برهان فائدو ڪونه ڏيندو. الله تعالى فرمائي ٿو:

(وَإِنْ يَرَوْا كُلَّ آيَةٍ لا يُؤْمِنُوا بِهَا)[26]  جيڪو به اهڃاڻ ڏسن انتي ايمان ڪونه آڻيندا. اهڙي ريت فرمائي ٿو: (سَوَاءٌ عَلَيْهِمْ ءَأَنْذَرْتَهُمْ أَمْ لَمْ تُنْذِرْهُمْ لا يُؤْمِنُونَ.)[27]انهن کي تنهنجو ڊيڄارڻ يا نه ڊيڄارڻ ساڳئي ڳالهه آهي، اهي ايمان ڪونه آڻيندا.

ٽيون هي ته جن انهن کي خلافت لاءِ منتخب ڪيوآهي انهن پنهنجي چوند ۾ غلطي ڪئي آهي جهڙي ريت عيسائين جي هڪ ٽولي غلطي ڪئي ۽ چوڻ لڳا ته عيسىعليه السلام الله جو پٽ آهي ۽ يهودين پڻ چيو ته عزيرعليه السلام الله جو پٽ آهي.

انڪري انسان کي ماڻهن جي غلط ڪمن جي پيروي  ڪرڻ بجاءِ الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله جي اطاعت ڪرڻ گهرجي.

الله تعالى فرمائي ٿو:

(أَطِيعُوا اللَّهَ وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ) [28] الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله جي فرمانبرداري ڪريو.

بادشاهه چيو : ان بحث کي اتي ڇڏي ڪو ٻيو بحث شروع ڪريو.

علوي چيو : اهل سنت جي هڪ وڏي غلطي هي آهي ته علي عليه السلامکي ڇڏي وڃي ٻين جي ڳالهين جي پويان لڳا آهن!.

عباسي چيو : ڇو ؟

علوي : انڪري جو علي عليه السلامکي رسول صلي الله عليه وآله مقرر ڪيو، ليڪن انهن  ٽن کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله مقرر نه ڪيو هو.

علوي بادشاهه کي مخاطب ٿيندي ڳالهه جاري رکي ۽ چيو : اي بادشاهه جيڪڏهن تون پاڻ کان بعد ڪنهن کي بادشاهي لاءِ مقرر ڪرين ته وزير ۽ ٻين عهديدارن کي تنهنجي پيروي ڪندي انکي قبول ڪرڻ گهرجي يا اهو حق اٿن ته تنهنجي طرفان مقرر ٿيل جانشين کي هٽائي پاڻ تنهنجوڪو ٻيو جانشين مقرر ڪن؟!

بادشاهه چيو : واضح آهي ته منهجي فرمان جي پيروي ڪندي کين  منهنجي طرفان مقرر ڪيل جانشين جي پيروي ڪرڻ گهرجي.

علوي چيو : شيعن به ائين ئي ڪيو آهي شيعن ان جانشين يعني علي بن ابي طالب عليه السلام جي پويان لڳا آهن جنهن کي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله ، الله جي حڪم سان مقرر ڪيو ۽ ان کان سواءِ ٻين کي ڇڏي ڏنو اٿن.

عباسي چيو : علي بن ابيطالب عليه السلام خلافت لاءِ مناسب نه هيو ڇوته سندس ڄمار گهٽ هئي ۽ ابوبڪر پوڙهو هو ، ٻئي طرف علي بن ابيطالب عليه السلام عربن جي وڏن کي ماريو ۽ عرب بهادرن کي نابود ڪيو هو انڪري عرب سندس خلافت کي قبول نه ڪن ها، ليڪن ابو بڪر اهي ڪم ڪونه ڪيا هئا.

علوي چيو: اي بادشاهه ٻڌئه ! ته عباسي ڇا چيو؟! چوي ٿو ماڻهو مناسب شخص جي چونڊڻ ۾ الله ۽ سندس رسول کان به وڌيڪ ڏاها آهن انڪري علي عليه السلامکي چونڊڻ واري الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله جي ڳالهه کي ٺڪرائي ڪجهه ماڻهن جي راءِ کي مڃي ٿو جن ابو بڪر کي وڌيڪ مناسب سمجهيو هو.

ڄڻ ته عليم ۽ حڪيم پروردگار کي خبر ڪونه هئي ته افضل ۽ وڌيڪ مناسب ڪير آهي ۽ ڪجهه نادان ماڻهن اچي وڌيڪ مناسب شخص کي منتخب ڪيو . ڇا الله تعالى نه فرمايوآهي ته:

(وَمَا كَانَ لِمُؤْمِنٍ وَلا مُؤْمِنَةٍ إِذَا قَضَى اللَّهُ وَرَسُولُهُ أَمْرًا أَنْ يَكُونَ لَهُمُ الْخِيَرَةُ مِنْ أَمْرِهِمْ وَمَنْ يَعْصِ اللَّهَ وَرَسُولَهُ فَقَدْ ضَلَّ ضَلالا مُبِينًا)[29] جڏهن الله تعالى حڪم ڪيو ته پوءِ ڪنهن به مؤمن يا مؤمنياڻي کي انتخاب جو حق ناهي ۽ جنهن به الله ۽ رسول جي حڪم جي خلاف ورزي ڪئي بيشڪ اهو چٽي گمراهي ۾ ڀٽڪي ويو.

ڇا الله اهو نٿو فرمائي ته :

(يَا أَيُّهَا الَّذِينَ آمَنُوا اسْتَجِيبُوا لِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ إِذَا دَعَاكُمْ لِمَا يُحْيِيكُمْ)[30]

اي ايمان وارؤ! جڏهن الله ۽ رسول توهان کي حياتي ڏيڻ واري شيءِ ڏانهن سڏين ته سندن سڏ ورنايو.

ان گفتگو کان بعد عباسي چيو ته مون ايئن ته نه چيوته ماڻهو الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله کان وڌيڪ ڄاڻو آهن .

علوي چيو: بس پوءِ ته تنهنجي ڳالهه ته اجائي ۽ بي معنى ٿي ويندي ڇوته جيڪڏهن الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله ڪنهن خاص شخص کي خلافت ۽ امامت لاءِ مقرر ڪن ته تنهنجي لاءِ لازمي آهي  ته ان جي پيروي ڪر پوءِ ماڻهو ان کي پسند ڪن يا نه ڪن.

عباسيءَ چيو : پر علي عليه السلامجون صلاحيتون گهٽ هيون.

علوي چيو: پهريون ته تنهنجي ڳالهه جي معنى هيءَ آهي ته الله تعالى علي بن ابيطالب عليه السلام کي چڱي ريت ڪونه پئي سڃاتو . ۽ اها خبر ڪونه هئس ته ان جون صلاحيتون گهٽ آهن ۽ کيس خليفو مقرر ڪيائين، تهنجي ان ڳالهه مان جيڪو مطلب نڪري ٿو اهو ته چٽو ڪفر آهي.

ٻيو ته عليعليه السلام ۾ خلافت ۽ امامت جون صلاحيتون ۽ قابليتون اتم درجي تي موجود هيون. جيڪي علي عليه السلامکان علاوه ڪنهن ۾ به موجود ڪونه هيون.

عباسي چيو : مثال طور ٻڌاءِ ته اهي ڪهڙيون صلاحيتون هيون؟

علوي چيو: سندس صلاحتين جو شمار نٿو ڪري سگهجي ليڪن انهن مان ڪجهه کي بيان ڪجي ٿو.

1) خدا ۽ رسول صلي الله عليه وآله کيس امامت ۽ خلافت لاءِ چونڊيو.

2) تمام صحابين کان وڌيڪ عالم ۽  ڏاهو هو رسول خدا صلي الله عليه وآله  فرمائي ٿو :    

(اَقْضَاكُمْ عَلِيٌّ)[31]

توهان مان عليعليه السلام سڀني کان وڏو عالم ۽  سڀني کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي.

عمر بن خطاب چوي ٿو :“اَقضَانَا عَليٌّ” عليعليه السلام اسان سڀني کان بهتر فيصلو ڪرڻ وارو آهي. 

رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جو فرمان آهي : “اَنَا مَدِينَةُ العَلمِ وَ عَلِيٌّ بَابُهَا فَمَنْ اَرَادَ المَدِِينَةَ وَ الحِكْمَةَ فَليَاتَ البَابَ”[32]

آءٌ علم جو شهر ۽ علي عليه السلام انجو دروازو آهي بس جنهن کي به شهر ۽ ڏاهپ ڏانهن اچڻو آهي ته دروازي وٽ اچي.

پاڻ علي عليه السلام به فرمائن ٿا:

“عَلَّمَنِيْ رَسُولُ اللهِ اَلْفَ بَابٍ مِنَ العِلمِ يَفْتَحُ مِنْ كُلِّ بَابٍ اَلْفُ بَابٍ”[33]

رسول الله مونکي علم جاهزار دروازا سيکاريا ۽ منهنجي لاءِ هر دروازي مان هزار دروازا کلن ٿا.

واضح آهي ته عالم ۽ ڄاڻو شخص ؛ جاهل ۽ ان ڄاڻ کان مٿاهون آهي  الله تعالى فرمائي ٿو :

(هَلْ يَسْتَوِي الَّذِينَ يَعْلَمُونَ وَالَّذِينَ لا يَعْلَمُونَ)[34] ڇا ڄاڻو ۽ اڻڄاڻ هڪجهڙا آهن ؟.

3) عليعليه السلام جن پاڻ کان  علاوه ٻئي ڪنهن جا به محتاج ڪونه هئا ليڪن ٻيا سڀ سندن محتاج هئا ڇا ابوبڪر نه چيو آهي ته : “مونکي ڇڏيو ڇو جو جيسين توهان ۾ علي موجود آهي آءٌ اوهان ۾ بهتر ناهيان.”[35] ؟!

ڇا عمر ستر ڀيرن کان به وڌيڪ نه چيو آهي “ جيڪڏهن علي نه هجي ها ته پڪ سان عمر هلاڪ ٿي وڃي ها.”[36]؟

“اي ابوالحسن الله مونکي اهڙي مشڪل ۾ نه ڦاسائي جنهن  جي حل لاءِ تون نه هجين. ”[37]

“ جنهن مهل عليعليه السلام مسجد ۾ هجي توهان مان ڪنهن کي به فتوى ڏيڻ جو حق ناهي.”

4) علي عليه السلام ڪڏهن به الله جي نافرماني نه ڪئي آهي ۽ الله کانسواءِ ڪنهن جي به عبادت ڪونه ڪئي اٿس ۽ پنهنجي حياتيءَ ۾ ڪڏهن به ڪنهن بت آڏو ڪونه جهڪيو جڏهن ته انهن ٽنهين الله جي نافرماني به ڪئي ۽ الله کانسواءِ ٻين خدائن جي پوچا پڻ ڪيائون  ۽ بتن آڏو سجدا به ڪيا اٿن.

الله تعالى فرمائي ٿو:

(لا يَنَالُ عَهْدِي الظَّالِمِينَ)[38] منهنجو عهدو ظالمن کي نه ملندو واضح آهي ته گنهگار ظالم آهن، انڪري  خدائي عهدي (يعني نبوت ۽ امامت) جا حقدار نه آهن.

5) علي عليه السلام صحيح فڪر وڏي عقل ۽ اسلامي تعليمات مطابق صحيح راءِ جا مالڪ هئا ، جڏهن ته انهن ٽن جو فڪر غيرسالم ٽيڙو ۽ شيطاني تعليمات مان ورتل هو.

ابوبڪر چوي ٿو ته : مون وٽ هڪ شيطان آهي جيڪومونکي ڌوڪو ڏئي ٿو.

عمر ڪيترين ئي جاين تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن جي مخالفت ڪئي آهي. عثمان به بدفڪر هو سندس راءِ پختي ڪونه هئي ، وزغ ابن وزغ (جنهن تي ۽ سندس نسل مان ٿورڙن مؤمن کان علاوه ٻئي سڄي نسل تي رسول الله صلي الله عليه وآله جن لعنت ڪئي هئي)، اهڙي ريت مروان بن حڪم ۽ ڪعب الاحبار جهڙا آس پاس وارا ٻيا ڇاڙتا مٿس اثر انداز ٿيندا هئا.

بادشاهه وزير ڏانهن رخ ڪري چيو: ڇا اهو صحيح آهي ته ابو بڪر چيو ته آهي ته : مون وٽ هڪ شيطان آهي جيڪو مونکي ڌوڪو ٿو ڏئي؟

وزير چيو : ها روايت جي ڪتابن ۾ اها ڳالهه موجود آهي.

بادشاهه وزير ڏانهن نهاريندي چيو : ڇا اهو صحيح آهي ته عمر رسول الله صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪئي؟!

وزير چيو : علوي کان پڇڻ گهرجي ته سندس مطلب ڇاآهي؟

علوي چيو : ها ! سني عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ لکيو آهي ته عمر گهڻين ئي جاين تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن جي حڪمن کي  رد ڪيو ۽ ڪيترين ئي جاين تي پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪيائين انهن مان:

(الف ) جڏهن رسول اڪرم صلي الله عليه وآله عبد الله بن ابيّ  جي جنازي نماز پڙهڻ جو ارادو ڪيو ته عمر سختي ۽ سنگدلي سان آنحضرت صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪئي ۽ جيترو ٿي سگهيو ٿي، پيغمبر اڪرم صلي الله عليه وآله کي ايذائيائين جڏهن ته الله تعالى فرمائي ٿو: (وَالَّذِينَ يُؤْذُونَ رَسُولَ اللَّهِ لَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ)[39] جيڪي رسول الله صلي الله عليه وآله کي ايذائن ٿا  انهن لاءِ ڏکوئيندڙ پيڙا آهي.

(ب) جڏهن رسول الله صلي الله عليه وآله حج تمتع ۽ عمره تمتع جي وچ ۾ فاصلي جو حڪم ڏنو ۽ انهن جي وچ ۾ مردن کي پنهنجي گهروارين ڏانهن وڃڻ جي اجازت ڏني ته عمر پيغمبر صلي الله عليه وآله تي اعتراض ڪيو ۽ هي گستاخ جملا چيا “ڇا ان حال ۾ احرام ٻڌندين جڏهن ته اسان جي آلت مان مني پئي وهي؟!.”

نبي اڪرم صلي الله عليه وآله به ساڻس مخالفت ڪئي ۽ فرمايو : حقيقت هي آهي ته تو هرگز مون تي ايمان ڪونه آندو آهي.

نبي اڪرم صلي الله عليه وآله ان ذريعي سمجهايو ته عمر انهن ماڻهن مان آهي جن اسلام جي ڪنهن ذري تي به ايمان ڪونه آندو آهي .

(ج) عورتن سان متعه جي باري ۾ به مخالفت ڪيائين ۽ الله جي ان حڪم تي به ايمان ڪونه آندائين جڏهن خلافت جي تخت کي غصب ڪري بادشاهي حاصل ڪيائين ته چيائين:  “ٻه متعا رسول الله صلي الله عليه وآله جي فرمان موجب حلال هئا ۽ آءٌ انهن ٻنهين کي حرام ٿو ڪريان ۽ جيڪو به انهن کي انجام ڏيندو تنهن کي سزا ڏيندس.”

جڏهن ته الله تعالى فرمائي ٿو : (فَمَا اسْتَمْتَعْتُمْ بِهِ مِنْهُنَّ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ)[40] جڏهن خواتين مان لاڀ وٺو ته کين سندن اجورو (مهر) ڏيو.

مفسرن بيان ڪيو آهي ته هي آيت متعه جي جائز هئڻ بابت نازل ٿي آهي ۽ مسلمان عمر جي دؤر حڪومت ۾ به ان حڪم تي عمل ڪندا هئا ۽ جڏهن عمر ان کي حرام ڪيو ته مسلمانن ۾ بدڪاري عام ٿي.[41]

عمر پنهنجي ان عمل ذريعي خدائي حڪم ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله جي سنت جو دروازو بند ڪري زنا کي رواج ڏنو ۽ هن آيت جو مصداق ٿيو (وَمَنْ لَمْ يَحْكُمْ بِمَا أَنْزَلَ اللَّهُ فَأُولَئِكَ هُمُ الْكَافِرُونَ ... الظَّالِمُونَ ... الْفَاسِقُونَ)[42] جيڪي الله جي حڪمن جي مطابق حڪم نه ڪن ته اهي ئي ڪافر ...ظالم ....فاسق آهن .

(د) ـ پهريان به بيان ڪيو ويو ته ـ صلح حديبيه ۾ به رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪيائين ؛ ۽ ٻين به ڪيترن ئي موقعن تي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪيائين ۽  پنهنجي نامناسب قول سان پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله کي رنجاياين.

بادشاهه چيو : ته حقيقت هي آهي ته آ۽ به عورتن جي متعه کي پسند ڪو نه ٿو ڪريان .

علوي چيو : ڇا تون اعتراف ڪرين ٿو ته اهو هڪ ديني حڪم آهي يا نه؟

بادشاهه چيو: نه آءٌ ان کي نٿو مڃيان.

علوي چيو ٿه پوءِ هن آيت جي معنى ڇا آهي؟ (فَمَا اسْتَمْتَعْتُمْ بِهِ مِنْهُنَّ فَآتُوهُنَّ أُجُورَهُنَّ). اهڙي ريت عمر جي ان قول جو مطلب ڇا ٿيندو جو چوي ٿو ته رسول الله صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ ٻه متعا حلال هئا آءٌ انهن کي حرام ٿو ڪريان؟!

ڇا عمر جي قول جي معنى هي ناهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ عورتن ۽ ڪنيزن سان متعه جائز هيو ۽ ابوبڪرجي بادشاهي ۾ پڻ جائز هو ايتري تائين جو عمر جي حڪومت جي شروعاتي دؤر ۾ پڻ جائز ۽ رائج  هو ۽ ان ئي منع ڪري انکان روڪيو.

ان باري ۾ ان کان علاوه ٻيا به دليل موجود آهن.

اي بادشاهه عمر پاڻ عورتن سان متعه ڪندو هو ۽ عبدالله بن زبير ته پاڻ متعه جي نڪاح  مان ڄاول هو! .

بادشاهه چيو : اي نظام الملڪ تنهنجو خيال ڇا هي؟

وزير چيو: علوي جا دليل ته صحيح ۽ مڪمل آهن پر جيئن ته عمر ان ڪم کان روڪيو آهي ان ڪري اسان کي انجي فرمانبرداري ڪرڻ گهرجي.

علوي چيو : الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله اطاعت جا وڌيڪ حقدار آهن يا عمر؟!

اي وزير ڇاهي آيت نه پڙهي اٿئه ؟  

(وَمَا آتَاكُمُ الرَّسُولُ فَخُذُوهُ وَمَا نَهَاكُمْ عَنْهُ فَانْتَهُوا)[43]

جيڪوڪجهه رسول اوهانکي ڏئي ان کي وٺو ۽ جنهن کان جهلي ان کان مڙي وڃو.

(وَأَطِيعُوا الرَّسُولَ)[44] ۽ رسول جي فرمانبرداري ڪريو.

(لَقَدْ كَانَ لَكُمْ فِي رَسُولِ اللَّهِ أُسْوَةٌ حَسَنَةٌ)[45] ۽ حقيقت ۾ توهان لاءِ رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي ذات نمونه عمل آهي.

ڇاهي مشهور حديث نه ٻڌي اٿئه؟! :

“حَلالُ مُحَمَّدٍ حَلالٌ اِلَى يَومِ الْقِيَامَةِ وَ حَرَامُ مَحَمَّدٍ حَرَامٌ اِلَى يَومِ الْقِيَامَةِ ”

جنهن شيءِ کي حضرت محمد صلي الله عليه وآله حلال ڪيو اها ڏهاڙي قيامت تائين حلال ۽ جنهن کي حرام ڪيائين اها به ڏينهن قيامت تائين حرام رهندي.

بادشاهه چيو منهنجو اسلام جي هڙني قانونن تي ايمان آهي ليڪن سمجهه ۾ نٿو اچي ته متعه ڪيئن حلال ڪيو ويو آهي؟ ڇا توهان مان ڪنهن جي دل گهرندي ته پنهنجي نياڻي ڪجهه وقت لاءِ ڪنهن ماڻهوءَ کي ڏئي؟ ڇا اهو برو نه ٿو لڳي؟

علوي چيو : اي بادشاهه توهان ان باري ۾ ڇا ٿا چئو جو ڪو ماڻهو پنهنجي نياڻي کي هميشه جي لاءِ ڪنهن ماڻهو کي ڏئي جڏهن ته اها به خبر هجيس ته ڪلاڪ کان بعد هو انکي طلاق ڏئي ڇڏيندو؟

بادشاهه چيو: اهو به سٺو ڪونه آهي.

علوي چيو : سني ته چون ٿا اهڙي قسم جو دائمي نڪاح ته صحيح آهي ۽ ان کان بعد واري طلاق پڻ صحيح آهي.

هاڻ ان دائمي نڪاح ۽ متعه (عارضي نڪاح ) ۾ ان کان سواءِ ٻيو ڪهڙو فرق آهي ته متعه مقرر ڪيل وقت تي پاڻمرادو ختم ٿي ويندو ۽ دائمي نڪاح طلاق ڏيڻ سان ختم ٿيندو.

ٻين لفظن ۾ چئي سگهجي ٿو ته متعه  وارو عقد اجاري جي عقد وانگر آهي ۽  دائمي عقد ملڪيت واري عقد وانگر آهي اجاري جو معاملو وقت جي  پوري ٿيڻ سان پاڻ ختم ٿي وڃي ٿو ۽ ملڪيت شيءِ جي وڪڻڻ سان ختم ٿئي ٿي. 

ان سبب متعه جو قانون هڪ صحيح ۽ سالم قانون آهي ڇو ته اهو انساني جسم جي طبيعي ضرورتن پٽاندڙ مقرر ڪيو ويو آهي. ۽ دائمي عقد جيڪو طلاق ذريعي ختم ٿئي ٿو اهو پڻ صحيح ۽ انسان جي طبيعي ضرورتن جي پوري ڪرڻ جو ذريعو آهي.

اي بادشاهه ! هاڻ توهان کان ٿو پڇان ته جن بيواهه عورتن کي مڙس ڪونه آهي ۽ انهن ڏانهن ڪو شادي لاءِ به ڪونه ٿو وڌي انهن بابت ڇاٿا چئو؟. ڇا متعه انهن کي بڇڙاين کان بچائڻ جو اڪيلو رستو ناهي.؟!

ڇا متعه جي حق مهر ذريعي انکي ڪجهه  مال هٿ نه ٿو اچي  جنهن ذريعي پنهنجو ۽ پنهنجي يتيم ٻارڙن  جو پيٽ گذران ڪري؟!

انهن جوانن ۽ مردن جي باري ۾ ڇاٿا فرمايو جن کي دائمي نڪاح ڪرڻ جي سگهه ڪونه آهي ؟ ڇا متعه انهن کي  شهوت جهڙي ڀڙڪائيندڙ طاقت ۽ فسق و فجور ۽ عياشي کان بچائڻ جو واحد ذريعو ناهي ؟! ڇا متعه زنا ، همجنس بازي ۽ مشتزني جهڙي مؤذي مرضن کان بهتر ناهي؟!

اي بادشاهه منهنجي خيال ۾ زنا ، لواط يا استمناء جيڪي ماڻهن ۾ عام ٿيا آهن انهن جو بنيادي سبب عمر ڏانهن موٽي ٿو ۽ عمر انهن جي گناهن ۾ برابر جو شريڪ آهي ڇو ته ان متعه کي حرام ڪري ماڻهن کي ان کان روڪيو.

ڪيترن ئي روايتن ۾ آيو آهي ته  ماڻهن ۾ زنا ان وقت عام ٿي جڏهن عمر متعه کي حرام ڪيو.

اي بادشاهه توهان جيڪو چيو ته توهان متعه کي پسند ڪونه ٿا ڪريو .... ان جي جواب ۾ عرض ته اسلام ڪنهن کي ان ڪم لاءِ مجبور ته ڪونه ڪيو آهي جهڙي ريت توکي مجبور نه ڪيو اٿس ته پنهنجي نياڻي ڪنهن اهڙي ماڻهوءَ جي دائمي نڪاح ۾ آڻ جنهن بابت ڄاڻين ٿو ته هو ٿورڙي وقت کان پوءِ کيس طلاق ڏئي ڇڏيندو. انکي به ڇڏ پر ڪنهن ڪم بابت تنهنجي يا ٻين ماڻهن جي دلچسپي نه هئڻ يا ان ڪم کان نفرت ان جي حرام هئڻ جو دليل ته نٿي ٿي سگهي ڇو ته الله جو حڪم ثابت آهي ۽ هوا هوس ۽ ماڻهن جي  راءِ يا نفساني خواهشن سان ان ۾ ڪا به تبديلي ڪونه ايندي!.

 بادشاهه وزير ڏانهن نهاريندي چيو : متعه جي جائز هئڻ بابت علوي جو دليل ته مظبوط آهي.

وزير چيو : ليڪن عالمن ته عمر جي راءِ جو احترام ۽ انجي پيروي ڪئي آهي.

علوي چيو :

1) سڀني اسلامي عالمن نه پر رڳو سني عالمن عمر جي پيروي ڪئي آهي.

2) الله جو حڪم پيروي جو وڌيڪ حقدار آهي يا عمر جي ڳالهه؟!

3)  توهان جي پنهنجي عالمن به عمر جي ان قانون کي ٽوڙيو آهي.

وزير پڇيو: اهو وري ڪيئن؟!

علوي چيو : ڇو ته عمر چيو هو ته “ رسول الله صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ ٻه متعا حلال هئا آءٌ انهن  ٻنهين کي حرام ٿو ڪريان: هڪ حج وارو متعه۽ ٻيو خواتين سان متعه، جيڪڏهن عمر جي ڳالهه صحيح آهي ته پوءِ اوهان جي عالمن حج واري متعه بابت ان جي ڳالهه ڇونه مڃي آهي؟ ! انهن عمر جي راءِ جي مخالفت ڪندي چيو آهي ته : عمر جي حرام ڪرڻ باوجود حج وارو متعه صحيح آهي !

جيڪڏهن عمر جو قول غلط آهي ته پوءِ توهان جا عالم عورتن واري متعه جي حرام هئڻ بابت ان جي قول جي پيروي ڇو ٿا ڪن؟!

وزير خاموش ٿي ويو ۽ ڪجهه به نه چيائين.

بادشاهه حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيو: علوي جو جواب ڇونه ٿا ڏيو؟!

 شيعه عالمن مان ـ حسن قاسمي نالي ـ هڪ عالم چيو ته: عمر ۽ سندس پيروڪارن تي اهي اعتراض وارد آهن اهو ئي سبب آهي جو هتي موجود افراد اسان جي علوي سيد جي اعتراضن جو جواب نٿا ڏئي سگهن.

بادشاهه چيو : بس ان موضوع کي ڇڏي ڪنهن ٻئي موضوع بابت بحث ڪيو.

عباسي چيو : اهي شيعا سمجهن ٿا ته عمر ۾ ڪابه فضيلت ڪونه هئي ان جي اها ئي فضيلت ڪافي آهي ته ان اسلام خاطر ملڪ فتح ڪيا.

علوي چيو: اسان وٽ انجا  ڪجهه  جواب آهن :

1) سڀئي حڪمران ۽ بادشاهه پنهنجي حڪومت  جي سرحدن کي وسيع ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن تي چڙهايون ڪندا آهن ڇا اها به ڪا فضيلت آهي؟!.

2) جيڪڏهن کڻي مڃيون ته ملڪن تي چڙهائي ڪري فتح ڪرڻ شان جو سبب هجي ته ڇا ان ذريعي پيغمبر صلي الله عليه وآله جي خلافت تي قبضي ڪرڻ واري مسئلي کي صحيح ڪري سگهجي ٿو.؟!

جڏهن ته پيغمبر صلي الله عليه وآله پنهنجي خلافت ان کي نه پر علي عليه السلامکي سونپي هئي  اي بادشاهه ! جيڪڏهن تون ڪنهن کي پنهنجو جانشين بڻائين ۽ ٻيو ڪير اچي  انکان اهو عهدو کسي قبضو ڪري تخت تي چڙهي ويهي ۽ اچي ملڪ فتح ڪري يا خير جا ڪم ڪري ته ڇا تون انجي فتوحات کي پسند ڪندين؟ يا تنهنجي جانشين کي هٽائي ان جي مقام تي قبضي ڄمائڻ ، تنهنجي ولي عهد کي معزول ڪرڻ ۽ تنهنجي اجازت کان بغير تخت تي ويهڻ سبب مٿس ناراض ٿيندين.؟!

بادشاهه چيو : ظاهر آهي ته ناراض ٿيندس ۽ ان جون فتوحات سندس جرمن جي چُٽن کي ڌوئڻ لاءِ ڪافي نه آهن.

علوي چيو : عمر به ايئن ئي هو ، خلافت ۽ جانشيني جي مقام تي قبضو ڪري پيغمبر صلي الله عليه وآله جي جاءِ تي ٿي ويٺو ۽ ان ڪم بابت رسول الله صلي الله عليه وآله طرفان ڪا به اجازت ڪونه هئس.

3) عمر جون فتوحات هڪ غلطي هئي ۽ توقعات جي ابتڙ  ان جا ناڪاري نتيجا نڪتا ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وآله جن ڪنهن سان به جنگ ڪرڻ ڪونه ويندا هئا سندس سڀ جنگيون دفاعي هيون ۽  دشمن جي حملي کان پوءِ ئي وجود ۾ آيون اهوئي سبب هو جو ماڻهو اسلام جا مشتاق ٿي پيا ۽ ٽولن جا ٽولا اچي اسلام قبول ڪرڻ لڳا ڇو ته ماڻهن کي خبر پئجي وئي هئي ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي.

هيڏانهن وري عمر اچي ملڪن تي حملا شروع ڪيا ۽ تلوار ۽ طاقت جي زور تي انهن کي مسلمان ڪرڻ شروع ڪيو . اهو ڪارڻ ٿيو جو ماڻهو اسلام کان نفرت ڪرڻ لڳا ۽ ان مقدس دين کي امن، سلامتي ، عقل ۽ منطق جي دين سمجهڻ بدلي ڏنڊي ۽ تلوار جو دين سمجهڻ لڳا ان جي ڪري ئي دين جا دشمن گهڻا ٿي ويا  ۽ عمر جون فتوحات اسلام جي بدنامي جو سبب بڻيون ۽ انهن جا ڪيترائي ناڪاري نتيجا نڪتا.

جيڪڏهن اهي ٽئي خلافت کي سندس اصلي قانوني ۽ شرعي مالڪ يعني علي عليه السلام کان نه ڦرن ها ۽ اها عظيم هستي خلافت جون واڳون سنڀالي ها ته يقين سان رسول اڪرم صلي الله عليه وآله کان بعد مسلمانن جي ڪمن ڪارن جو جائزو وٺي ها ۽ پاڻ سڳورن صلي الله عليه وآله جي سيرت تي عمل ڪندي سندن پيروي ڪري ها ۽ ان پروگرام تحت ماڻهو ٽولن جا ٽولا  اسلام قبول ڪن ها ۽ اسلامي حڪومت جو جهنڊو  زمين جي گولي تي پکڙجي وڃي ها ليڪن..... ! لَا حَولَ وَلَا قُوَّةَ اِلا بِاللهَ العَلِيِّ العَظِيمِ.

اتي علوي سيد وڏو ٿڌو ساهه کڻي پنهنجو هڪ هٿ ٻئي هٿ تي هڻي رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي رحلت کان بعد خلافت جي مرتبي کي پنهنجي اصل مالڪ يعني علي عليه السلام کان غصب ڪرڻ سبب اسلام کي پيش آيل مصيبتن تي پنهنجي ڏک ۽ افسوس  جو اظهار ڪيو.

بادشاهه عباسي ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو : علوي جي ڳالهين جو تو وٽ ڪهڙو جواب آهي؟!

عباسي چيو : هينئر تائين مون اهڙيون ڳالهيون ٻڌيون ئي ڪونه هيون.

علوي چيو: هاڻ ته ٻڌئه ! ۽ تنهنجي لاءِ حقيقت وائکي ٿي ته پوءِ هاڻي انهن خليفن کي ڇڏي رسول الله صلي الله عليه وآله جي قانوني خليفي يعني علي بن ابيطالب عليه السلام جي پيروي ڪر.

علوي هڪدم چيو : اي سنيو ! توهان جا ڪم به عجيب آهن بنياد کي ڇڏي وڃي شاخن کي ٿا چنبڙو!.

عباسي چيو : اهو وري ڪيئن؟

علوي چيو: عمر جي فتوحات جا ته گيت ڳائيو ٿا ليڪن علي بن ابي طالب عليه السلام جي فتوحات کي وساري ڇڏيو اٿؤ.

عباسي چيو: علي عليه السلام وري ڪهڙيون جنگيون فتح ڪيون؟!

علوي چيو: رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جون اڪثر جنگيون علي عليه السلام جي هٿان ئي ته  فتح ٿيون. مثال طور جنگ بدر ، خيبر، حنين، احد، خندق وغيره ...

جيڪڏهن اهي فتحون جيڪي اسلام جو بنياد آهن نه هجن ها ته؛ نه عمر هجي ها ۽ نه وري اسلام ۽ ايمان جو ڪو وجود ۽ نالو نشان ....!

 ان جو دليل به رسول الله صلي الله عليه وآله جو اهو فرمان آهي جيڪو پاڻ جنگ خندق ۾ علي عليه السلام جي عمرو بن عبدود جي مقابلي لاءِ وڃڻ وقت فرمايائون : پوري جو پورو ايمان پوري جي پوري ڪفر جي مقابلي لاءِِ ويو آهي اي الله ! جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته تنهنجي عبادت نه ٿئي ته نه ٿيندي (۽ جيڪڏهن چاهين ٿو ته تنهنجي عبادت ٿيندي رهي ته علي عليه السلام کي ڪامياب ڪر. )

ان جي معنى هي آهي ته جيڪڏهن علي عليه السلام قتل ٿي ويو ته مشرڪن ۾ مونکي قتل ڪرڻ جي همت پيدا ٿيندي ۽ سڀني مسلمانن کي پڻ ماري ڇڏيندا ۽ اهڙي طرح اسلام ۽ ايمان جو نالو نشان باقي نه رهندو، اهڙي ريت اهو به فرمايائون ته : “ ضَربَةُ عَلِيٍّ يَومَ الخَندَقِ اَفضَلُ مِن عِبَادَةِ الثَقَلَينِ.”[46] خندق واري ڏهاڙي علي عليه السلام جو هڪ وار تمام جنن ۽ انسانن جي عبادت کان افضل آهي.

ان بنياد تي اهو چوڻ درست آهي ته اسلام جو وجود حضرت نبي صلي الله عليه وآله جي ڪري ۽ بقا علي عليه السلام جي وجود سبب آهي ۽ اهڙي ريت اسلام جي بقاء ۽  دوام الله ۽ علي عليه السلام جي صدقي آهي.

عباسي چيو: جيڪڏهن قبول ڪيون ته تنهنجي ڳالهه صحيح آهي ته عمر غلطي ڪئي ۽ غاصب هو ۽ دين ۾ تبديليون آندائين، پر توهان  ابوبڪر کان نفرت ڇوٿا ڪريو؟!

علوي چيو : ان جا به ڪارڻ آهن جن مان :

1) ان رسول الله صلي الله عليه وآله جي نياڻي ۽ جنت جي خواتين جي سردار حضرت زهراء عليهاالسلام سان جيڪو ورتاءُ  ڪيو.

2) زاني ۽ ڏوهاري (خالد بن وليد ) تي اسلامي حد جاري نه ڪئي.

بادشاهه تعجب مان چيو : ڇا خالد بن وليد ڏوهاري هو؟!

علوي چيو : هائو!

بادشاهه چيو : سندس ڏوهه ڪهڙو هو ؟

علوي چيو : سندس ڏوهه هي هو ته ابوبڪر کيس نبي سڳوري صلي الله عليه وآله جي جليل القدر ساٿي مالڪ بن نويره (جنهن  کي نبي صلي الله عليه وآله جنت جي بشارت ڏني هئي) ڏانهن موڪليو ، ابوبڪر خالد بن وليد کي حڪم ڏنو ته مالڪ ۽ سندس قوم کي قتل ڪري.

مالڪ جيڪو مديني کان ٻاهر رهندو هو جڏهن خالد بن وليد کي سپاه سميت پاڻ ڏانهن ايندو ڏٺوجيڪي ساڻس جنگ لاءِ اڳتي وڌندا ٿي آيا ته  پنهنجي قوم کي هٿيارن  کڻڻ جو حڪم ڏنائين ۽ انهن به هٿيار هٿ ۾ کنيا.

جڏهن خالد انهن وٽ پهتو ته ڌوڪو ڪري الله جو ڪوڙو قسم کڻي چيائين ته آءٌ اوهان بابت ڪو برو ارادو ڪونه ٿو رکان ۽ اوهان سان جنگ لاءِ ناهيون آيا بلڪه اڄ  رات اوهان جا مهمان آهيون.

مالڪ بن نويره خالد جي قسم تي ڀروسو ڪيو ۽ پاڻ سندس قبيلي هٿيار کڻي ڦٽا ڪيا ۽ جڏهن نماز جو وقت ٿيو ته مالڪ ۽ سندس قبيلي نماز جون صفون ٻڌي نماز شروع ڪئي ان وقت خالد ۽ سندس فوج  وجهه وٺي مٿن چڙهائي ڪري سڀني کي کڻي قيد ڪيو ۽ پوءِ خالد انهن سڀني کي ماري ڇڏيو.

ان کان پوءِ خالد، مالڪ جي گهرواريءَ ڏانهن جيڪا هڪ سهڻي عورت هئي لالچي اکيون وڌيون ۽ جنهن رات انجي ور کي قتل ڪيائين ان ئي رات ساڻس زنا ڪيائين ۽ مالڪ ۽ سندس قوم جي مردن جي ڳچين کي ديڳين جي چلهن تي رکي پنهنجي زنا جي وليمي جوکاڌو تيار ڪرائي فوجين سان گڏجي کاڌائين!

خالد جي مديني واپسيءَ تي  عمر چاهيو ته مسلمانن جي قتل ڪرڻ سبب خالد کي قصاص ڪري ۽ مالڪ جي گهرواري سان ڏاڍائي سبب مٿس حد جاري ڪري ، ليڪن (اوهانجي مؤمن ) ابوبڪر ان ڪم جي سخت مخالفت ڪئي ۽ اهڙي  ريت مسلمانن جو رت ضائع ڪيائين ۽ خدائي حدن مان هڪ حد جي جاري ٿيڻ ۾ رڪاوٽ بڻيو.

بادشاهه وزيرڏانهن منهن ڪري پڇيو: علوي جيڪو خالد بن وليد ۽ ابوبڪر بابت چيو ڇا اهو صحيح آهي ؟!

وزير چيو ها! مؤرخن ايئن بيان ڪيو آهي.

بادشاهه چيو : ته پوءِ ڪجهه ماڻهو ان کي الله جي اگهاڙي تلوار ڇو چوندا آهن ؟

علوي چيو : هو ته شيطان جي ٿڙڪندڙ تلوار هو ڇاڪاڻ ته هو علي عليه السلام جو دشمن هو ۽ فاطمه زهرا  عليهاالسلام جي گهرجي دروازي کي ساڙڻ ۾ عمر سان گڏ هو ، ان هوندي به ڪجهه ماڻهو کيس سيف الله ٿا سڏين !!!!

بادشاهه چيو ڇا سني علي عليه السلام جا دشمن آهين ؟

علوي چيو : جيڪڏهن دشمن ناهن ته پوءِ جن علي عليه السلام جو حق کسيو انهن جي ساراهه ڇو ٿا ڪن ، ۽ سندس دشمنن جي چوڌاري ڇو ٿا ڦرندا وتن؟ ۽ علي عليه السلام جي فضائل جو انڪار ڪندي ڪيني ۽ دشمني کي اتي وڃي پهچايو اٿن جو چون ٿا ته “ابو طالب عليه السلام ايمان کان بغير دنيا مان هليو ويو.”

جڏهن ته هو مؤمن هو ۽ سخت ترين حالات ۾ اسلام جي مدد ڪيائين ۽ رسالت کي انجام ڏيڻ ۾ پيغمبر اسلام صلي الله عليه وآله جو ٻانهن ٻيلي رهيو.

بادشاهه چيو : ڇا ابو طالب اسلام آندو هو؟

علوي چيو : ابو طالب عليه السلام ڪافر ته ڪونه هو جو اسلام آڻي ، هو مؤمن هو ليڪن پنهنجي ايمان کي لڪائيندو هو ايستائين جو جڏهن نبي اڪرم صلي الله عليه وآله جن پنهنجي نبوت جو اعلان ڪيو ته پاڻ نبي اڪرم صلي الله عليه وآله جي هٿ تي پنهنجي ايمان جواعلان ڪيائين . انڪري ابوطالب عليه السلام ٽيون مسلمان آهي، پهريون علي بن ابيطالب عليه السلام ٻيو حضرت خديجه عليها السلام پيغمبر صلي الله عليه وآله جي گهرواري ۽ ٽيون ابوطالب عليه السلام.

بادشاهه وزير کي چيو: ڇا ابو طالب عليه السلام بابت علوي جي ڳالهه صحيح آهي ؟!

وزير چيو : ها ڪجهه تاريخدانن اهو ذڪر ڪيو آهي.

بادشاهه چيو: ته پوءِ سنين اهو ڇو مشهور ڪيو آهي ته ابوطالب عليه السلام ڪفر جي حالت ۾ هيءَ دنيا ڇڏي.

علوي چيو: سنين جو علي عليه السلام سان ڪينو ۽ ساڙ سبب ٿيو جو سندس والد بابت اهڙيون گٿيون ڳالهيون ڪن جهڙي ريت سندن ڪينو ئي سبب ٿيو جو ان جي فرزندن جنت جي جوانن جي سردارن امام حسن عليه السلام ۽ امام حسين عليه السلام کي شهيد ڪيائون . ايتري تائين جو جيڪي سني ڪربلا جي ميدان ۾  امام حسين عليه السلام کي شهيد ڪرڻ آيا هئا چيائون پئي ته توکي تنهنجي پيءُ سان دشمني ۽ جنگ بدر ۽ حنين ۾ اسان  جي وڏن سان جيڪا حالت ڪئي هئائين ان سبب توکي قتل ٿا ڪريون.

بادشاهه وزير ڏانهن نهاري چيو: ڇا امام حسين عليه السلام جي قاتلن ايئن چيو آهي؟

عباسي چيو : مؤرخن لکيو آهي ته امام حسين عليه السلام جي قاتلن ايئن چيو هو.

بادشاهه عباسيءَ کي چيو : خالد جي باري ۾ تنهنجو جواب ڇا آهي؟

عباسي چيو : ابو بڪر ان ۾ ئي مصلحت ڏٺي.

علوي تعجب مان چيو: سبحان الله اها ڪهڙي مصلحت آهي جو خالد بي گناهه مسلمانن کي قتل ڪري ۽ سندن گهروارين سان زنا ڪري ۽ ان وقت سزا ڏيڻ ۽ حد جاري ڪرڻ کانسواءِ کيس آزاد ڪري ڇڏين . اهو ته ٺهيو پر وري ٻيهر اسلامي لشڪر جي سپه سالاري به ان کي ئي سونپين ۽ ابوبڪر سندس باري ۾ چوي ته هو اهڙي تلوار آهي جنهن کي الله تعالى ٻاهر ڪڍيو آهي ! الله جي تلوار ڪافرن کي ماريندي آهي يا مسلمانن کي ؟ اسلام جي تلوار مسلمانن جي ننگ ۽ ناموس جي حفاظت لاءِ اٿندي آهي يا انهن جي زائفن سان ڏاڍائي ڪندي آهي؟!

عباسي چيو : ٺيڪ آهي ابوبڪر غلطي ڪئي ليڪن اهو به واضح آهي ته عمر انجي غلطين کي ٺيڪ ڪندو هو.

علوي چيو: عمر خالد تي حد جاري ڪرڻ گهري ٿي ۽ ان لاءِ وسائل به فراهم ڪيا هئائين ته جيئن مٿس زنا جي حد جاري ڪري ۽ مسلمانن جي بي گناهه قتل ڪرڻ سبب کيس قتل ڪري پر اهو ڪيائين ڪونه؛ انڪري اهو به ابوبڪر وانگر آهي. 

بادشاهه چيو: اي علوي! تون گفتگو جي شروعات ۾ چيو هو ته ابوبڪر رسول صلي الله عليه وآله جي نياڻي حضرت زهراء 3سان ناروا سلوڪ ڪيو اهو ناروا سلوڪ ڇا هيو؟

علوي چيو :  ابوبڪر ڌمڪين ، تلوار ، ڊيڄارڻ ۽ زبردستي ڪري ماڻهن کان پنهنجي لاءِ بيعت وٺڻ کان بعد عمر ، قنفذ ، خالد بن وليد ، ابوعبيده جراح ۽ ٻين منافقن جي ٽولي کي علي عليه السلام ۽ فاطمه عليها السلام جي گهر طرف روانو ڪيو . عمر حضرت زهراء عليهاالسلام جي در تي( جنهن در تي رسول الله صلي الله عليه وآله ڪيترائي ڀيرا بيهي چوندا هئا اي نبوت جا ڪٽنب توهان تي سلام؛ ۽ اجازت کانسواءِ ان گهر ۾ داخل ڪونه ٿيندا هئا) ڪافي ڪاٺيون گڏ ڪري انهن کي باهه ڏني ۽ دروازي کي پڻ باهه ڏني جڏهن فاطمه زهراء عليها السلام عمر ۽ سندس ٽولي کي موٽائڻ لاءِ در جي پويان اچي بيٺي ته عمر دروازي کي سائڻ عليها السلام جي طرف ڌڪو ڏنو ۽ سائڻ عليها السلام  عمر جي ان زوردار ڌڪي سبب دروازي ۽ ديوار جي وچ ۾ چيڀاٽجي وئي ۽ سندس فرزند (محسن) سقط ٿي پيو ۽ دروازي جي هڪ ڪلي سندس سيني ۾ کپي وئي ان وقت بيبي عليهاالسلام دانهن ڪري چيو ته اي بابا! اي رسول الله ! ڏس ته توکان پوءِ خطاب جي پٽ ۽ ابي قحافه جي پٽ طرفان مون تي ڪهڙيون مصيبتون ٿيون ڪڙڪايون وڃن؟.

عمر پنهنجي حوارين ڏانهن  ڏسندي چيو فاطمه عليهاالسلام کي ماريو .

جلاد جي ان حڪم سان رسول صلي الله عليه وآله جي پياري نياڻي عليهاالسلام  تي تازيانن جي برسات شروع ٿي ، خاتون جنت عليهاالسلام  کي ايترو ماريو ويو جو سندس بدن رت ٿي ويو.

انهن بي رحم ڌَڪن ۽ تازيانن جا نشان سائڻ عليهاالسلام جي پاڪ بدن تي ثابت رهيا ۽ ايترو بيمار ۽ غمگين ٿيون جو پنهنجي بابي کان بعد ڪجهه ڏينهن بعد ئي هن دنيا کي الوداع چيو. اهڙي طرح حضرت فاطمه زهراء عليهاالسلام نبي صلي الله عليه وآله جي خاندان جي شهيد خاتون آهي . حضرت فاطمه عليهاالسلام عمر جي هٿان قتل ٿيل آهي.

بادشاهه چيو: جيڪو علوي چيو ڇا اهو سچ آهي؟

وزير: ها! مون پڻ تاريخ جي ڪتابن ۾علوي واريون ڳالهيون ڏٺيون آهن.

علوي چيو : شيعا انڪري ئي ابوبڪر ۽ عمر جا دشمن آهن ۽ ساڻن نفرت ڪن ٿا.

(علوي وڌيڪ چيو) جيڪي شيون تنهنجي لاءِ ابوبڪر ۽ عمر جي ان جرم کي ثابت ڪري سگهن ٿيون انهن مان هڪ هي آهي ته مؤرخن لکيو آهي:

حضرت زهراء عليهاالسلام هن دنيا مان ان حال ۾ رحلت ڪئي جو ابوبڪر ۽ عمر کان ڪاوڙيل هئي.

وري هوڏانهن رسول الله صلي الله عليه وآله جو فرمان آهي ته :

“اِنَّ اللهَ يَرْضَا لِرِضَاهَا وَ يَغْضَبُ لَغَضَبِهَا ”[47]

پڪ سان الله فاطمه جي راضپي سان راضي ٿئي ٿو ۽ سندس ڏمر سان ڏمرجي ٿو. اهو ڪيترين ئي روايتن ۾ آيو آهي.

اي بادشاهه! توکي ڀليءَ ڀت خبر آهي ته جنهن تي الله ڏمريل هجي ان جي پڄاڻي ڪهڙي ٿيندي؟!

بادشاهه وزير ڏانهن نهاريندي چيو: ڇا اها روايت صحيح آهي ته حضرت زهراء عليهاالسلام ابوبڪر ۽ عمر سان ناراضگي جي حالت ۾ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو؟!

وزير چيو: هائو! محدثن ۽ تاريخ نويسن انکي لکيوآهي.

علوي چيو : منهنجي ڳالهه جي صحيح هجڻ جي تصديق ڪرڻ لاءِ هي قصو به تنهنجي رهنمائي ڪندو ؛ حضرت زهراء عليها السلام علي عليه السلام کي وصيت ڪئي هئي ته ابوبڪر ، عمر ۽  سندن ٻيا ساٿي جن مٿس ظلم ڪيو سندس جنازي ۾ شريڪ نه ٿين ۽ نه سندس جنازي نماز پڙهن ۽ نه وري سندس جنازو ڏسن.

اهڙيءَ ريت وصيت ڪيائين ته حضرت علي عليه السلام سندس قبر کي لڪائي ته جيئن سندس قبر تي به حاضري ڀري نه سگهن ، حضرت علي عليه السلام به انهن  سڀني وصيتن تي عمل ڪيو.

بادشاهه چيو: اها ته ڏاڍي عجيب ڳالهه آهي ڇا سچ ۾ علي عليه السلام ۽ فاطمه عليها السلام ائين ڪيو؟

وزير چيو : مؤرخن ايئن لکيو آهي.

 علوي چيو: ابوبڪر ۽ عمر حضرت زهراء عليها السلام کي ٻي به تڪليف ڏني.

عباسي چيو: ٻي ڪهڙي تڪليف؟ !

علوي چيو : حضرت زهراء عليها السلام جي ملڪيت (فدڪ) تي قبضو ڪيائون.

عباسي چيو: تو وٽ ڪهڙو دليل آهي جو چوين ٿو ته انهن ٻنهين فدڪ تي قبضو ڪيوهو؟

علوي چيو : تاريخون ان ڳالهه سان ڀريون پيون آهن ته فدڪ رسول الله صلي الله عليه وآله سائڻ عليها السلام کي بخشيو هو اهڙي ريت اهو باغ رسول الله صلي الله عليه وآله جي رحلت تائين سائڻ جي هٿ ۾ رهيو ، حڪومت تي اچڻ کان پوءِ ابوبڪر عمر کي ان باغ ڏانهن موڪليو ۽ ان سائڻ عليهاالسلام  جي عملدارن کي زوريءَ تلوارن ۽ طاقت جي ڏڍ تي فدڪ کان ٻاهر ڪڍيو.

حضرت زهراء عليهاالسلام ان ڳالهه تي ابوبڪر ۽ عمر سان احتجاج ڪيو ليڪن انهن سائڻ جي هڪ به نه ٻڌي ۽ کيس (درٻار مان) هٿين خالي  موٽائي ڇڏيو.

انڪري سائڻ عليهاالسلام آخري عمر تائين ساڻن ڪونه ڳالهايو ۽ انهن سان ناراضگي جي حالت ۾ رحلت ڪئي.

عباسي چيو : ليڪن عمر بن عبد العزيز پنهنجي حڪومت جي زماني ۾ باغ فدڪ فاطمه عليهاالسلام جي اولاد کي موٽائي ڏنو هو.

علوي چيو: ڪهڙو فائدو ؟ جيڪڏهن ڪير تنهنجي گهر تي قبضوڪري ۽ تنهنجي مرڻ کان بعد ٻيو ڪير اچي اهو گهر تنهنجي پونئرن کي موٽائي ڏئي ته ڇا ان جو اهو ڪم قبضو ڪندڙ جي ڏوهه جي معافي جو سبب ٿي سگهي ٿو؟!

بادشاهه چيو : توهان ٻنهين (علوي ۽ عباسي ) جي ڳالهين مان اهو ٿو لڳي ته ابوبڪر ۽ عمر فدڪ تي قبضو ڪيو هو.

عباسيءَ چيو : ها تاريخن ۾ ايئن لکيل آهي.

بادشاهه چيو : ايئن ڇو ڪيائون؟ !

علوي چيو : ڇو ته خلافت تي قبضي جو پڪو پهه ڪيو هئائون ۽ اهو به ڄاڻن پيا ته جيڪڏهن فدڪ فاطمه عليها السلام جي هٿ ۾ رهيو ته ان جي آمدني (جيڪا  ڪجهه تاريخن مطابق ان وقت هڪ لک ويهه هزار سونن دينارن کان به مٿي هئي ) ماڻهن ۾ ورهائيندي ۽ اهڙي طرح ماڻهو علي عليه السلام جي در تي گڏ ٿيندا ۽ اها ئي ڳالهه ابوبڪر ۽ عمر کي ڪونه ٿي وڻي.

    بادشاهه چيو : جيڪڏهن اها ڳالهه صحيح هجي ته پوءِ انهن جي بادشاهي ۽ خلافت جو قصو ته عجيب آهي  ! جيڪڏهن انهن ٽن جي خلافت صحيح ناهي ته پوءِ تنهنجي خيال ۾ خلافت ڪنهن جو حق آهي؟

علوي چيو: حقيقت هي آهي ته رسول صلي الله عليه وآله ؛ الله جي حڪم سان پاڻ پنهنجا جانشين ۽ خليفا مقرر ڪيا آهن جن جو ذڪر حديث جي ڪتابن ۾ آيل حديث ۾ موجود آهي.  پاڻ فرمايائون : (مونکان پوءِ) منهنجا جانشين قريش مان ۽ بني اسرائيل جي نقيبن جيترا ( يعني ٻارنهن) آهن.

بادشاهه وزيرکي چيو : ڇا اهو صحيح آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله ايئن فرمايو آهي؟

وزير چيو : هائو!

بادشاهه چيو : اهي ٻارنهن ڪير آهن؟

عباسي چيو: چارڄڻا ته مشهور آهن يعني ابوبڪر، عمر، عثمان ۽ علي عليه السلام .

بادشاهه چيو : ٻين جا به نالا ٻڌاءِ؟

عباسي چپ ٿي ويو.

علوي چيو : هينئر توکي سنين جي ڪتابن ۾آيل حديث مطابق انهن جا نالا ٿو ٻڌايان:

علي ،حسن ،حسين، علي ، محمد ، جعفر ، موسى، علي ، محمد ، علي، حسن  ۽ مهدي عليهم السلام.

عباسي چيو: اي بادشاهه ٻڌ ته ! شيعه چون ٿا ته مهدي عليه السلام حال حيات آهي ۽ سن 255 هجري کان وٺي هن دنيا ۾ زندگي پيو گذاري ڇا اها ڳالهه عقل سان ٺهڪي ٿي ؟ ۽ اهڙي ريت چون ٿا ته ويجهڙو ئي آخرالزمان ۾ ظهور ڪندو ۽ زمين جهڙي ريت ظلم ۽ ڏاڍ سان ڀريل هوندي اهڙي ريت انکي عدل ۽ انصاف سان ڀري ڇڏيندو.

بادشاهه علوي ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا حقيقت ۾ توهان جواهو عقيدوآهي؟

علوي چيو : ها ايئن ئي آهي ڇو ته رسول صلي الله عليه وآله اهو فرمايو آهي ۽ سني شيعه راوين انکي نقل ڪيو آهي.

بادشاهه چيو:  اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هڪ انسان ايترا سال جيئرو هجي؟

علوي چيو: هينئر تائين حضرت مهدي عجل الله تعالي فرجه جي زندگي کي هڪ هزار سال به نه ٿيا آهن جڏهن ته قرآن مجيد حضرت نوح عليه السلام جي باري ۾ فرمائي ٿو ؛ ( فَلَبِثَ فِيهِمْ أَلْفَ سَنَةٍ إِلا خَمْسِينَ عَامًا.)[48]

بس ان (نوح) انهن ۾ پنجاهه سال گهٽ هڪ هزار سال گهاريا.

ڇا الله تعالى کي ايتري طاقت ڪونهي جوڪنهن کي ايتري ڄمار عطا ڪري ؟! ڇا موت ۽ حياتي الله جي هٿ ۾ ناهي؟!  ۽ ڇا الله جيڪو چاهي نٿو ڪري سگهي ؟ ٻئي طرف رسول الله صلي الله عليه وآله حضرت مهدي (عج) بابت اهو فرمايو آهي، ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله تصديق ٿيل سچوآهي.

بادشاهه وزير ڏانهن منهن ڪري چيو : ڇا اهوصحيح آهي ته رسول الله صلي الله عليه وآله  ايئن فرمايو آهي ؟ (جيئن علوي چوي ٿو ).

وزير چيو هائو![49]

بادشاهه عباسي کي چيو: بس جيڪي حقيقتون اسان تائين پهتون آهن ۽ اسان سنين وٽ موجود آهن ( علوي جي ڳالهه موجب) ته حضور ڪريم صلي الله عليه وآله حضرت مهدي عليه السلام بابت اها خبر ڏني آهي ته پوءِ تون انجو انڪار ڇوٿو ڪرين؟!

عباسي چيو : ڊڄان ٿو ته عوام جاعقيدا لڏي پون ۽ ماڻهن جون دليون شيعن ڏانهن مڙي وڃن.

علوي چيو: بس ان مطابق تون هن آيت جومصداق آهين:

(إِنَّ الَّذِينَ يَكْتُمُونَ مَا أَنْزَلْنَا مِنَ الْبَيِّنَاتِ وَالْهُدَى مِنْ بَعْدِ مَا بَيَّنَّاهُ لِلنَّاسِ فِي الْكِتَابِ أُولَئِكَ يَلْعَنُهُمُ اللَّهُ وَيَلْعَنُهُمُ اللاعِنُونَ)[50] اسان جيڪي اهڃاڻ ۽ هدايتون، موڪليون آهن جيڪي انهن کي لڪائن ٿا انکان بعد جو اسان انهن کي ڪتاب ۾ ماڻهن لاءِ بيان ڪيو آهي انهن تي الله ۽ لعنت ڪرڻ وارن جي لعنت آهي.

ان حساب سان توتي الله جي لعنت آهي.

 وري علوي چيو: اي بادشاهه عباسي کان پڇو ته هڪ عالم لاءِ ضروري آهي ته الله جي ڪتاب ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله جي فرمانن جي حفاظت ڪري يا ماڻهن جي اهڙن عقيدن جي جيڪي قرآن ۽ سنت جي خلاف آهن؟!

عباسي چيو: آءٌ ماڻهن جي عقيدن جي حفاظت ڪندس جيئن سندن دليون شيعن ڏانهن نه جهڪن ڇاڪاڻ ته شيعا بدعتي آهن.

علوي فرمايو: حقيقت ۾ توهان جا معتبر ڪتاب اسان کي ٻڌائن ٿا ته اوهان جو اڳواڻ (عمر)  پهريون شخص هوجنهن اسلام ۾ بدعت شروع ڪئي ۽ پاڻ انجي وضاحت ڪئي اٿس ۽ چوي ٿو: 

“هي ڪم سٺي بدعت آهي”.

اهو نماز تراويح بابت چيائين جڏهن ماڻهن کي حڪم ڏنائين ته (رمضان المبارڪ جي) نافله نماز کي جماعت سان پڙهن جڏهن ته پڪ هئس ته ان ڪم کي الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله حرام ڪيوآهي ؛ اهڙي ريت ؛ عمر جي اها بدعت الله ۽ سندس رسول صلي الله عليه وآله جي چٽي مخالفت هئي.[51] ٻئي طرف ڇا عمر آذان ۾ بدعت نه آندي جو“حي على خير العمل” کي ان مان ڪڍي “الصلاة خير من النوم” جواضافو ڪيائين ڇا عمر  نه هو جنهن الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪندي زڪوات مان “المؤلفة القلوب” جوحصو ڪٽي ڇڏيو؟!

ڇا عمر جي بدعت نه هئي جنهن الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله  جي مخالفت ۾ حج جي متعه کي حرام ڪيو؟

ڇا عمر الله ۽ رسول صلي الله عليه وآله جي احڪامن جي ڀڃڪڙي ڪندي عورتن جي متعه کي حرام نه ڪيو؟!

ڇا اها عمر جي بدعت نه هئي جو هڪ زنا ڪار مجرم (خالد بن وليد ) تي حد جاري نه ڪيائين  ۽ ان ڪم سان الله ۽ ان جي رسول صلي الله عليه وآله جي مخالفت ڪيائين؟!

۽ اي عمر جا پيروڪارؤ! ۽ اهڙي قسم جون ٻيون بدعتون....

هاڻ ٻڌاءِ اوهان بدعتي آهيو يا اسان شيعا؟!

بادشاهه وزير کي چيو: علوي جيڪي عمر جون بدعتون ڳڻايون ڇا اهي صحيح آهن؟!

وزير چيو ها.ئو!ٰ ڪجهه عالمن پنهنجي ڪتابن ۾ اهي لکيون آهن. بادشاهه چيو : ته پوءِ اسين اهڙي ماڻهوءَ جي پيروي ڇو ڪريون جنهن دين ۾ بدعتون آنديون؟!

علوي چيو : جيڪو دليل توهان بيان ڪيو ان ئي مطابق اهڙي ماڻهوءَ جي پيروي ڪرڻ حرام آهي. رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جن فرمايو آهي : هر بدعت گمراهي آهي ۽ هر گمراهيءَ جي جاءِ جهنم جي باهه آهي. بس جيڪي به عمر جي بدعتن جي ڄاڻ رکندي سندس بدعتن جي پيروي ڪن ته يقيناً جهنم جي باهه جا ساٿاري آهن.

عباسيءَ چيو : ليڪن چئني مذهبن جي اڳواڻن عمر جي ڪمن جي تائيد ڪئي آهي ۽ ان کي صحيح چيوآهي.

 علوي چيو : اي بادشاهه اها وري هڪ ٻي بدعت آهي.

بادشاهه پڇيو: ڪيئن؟!

علوي چيو: انهن مذهبن جا اڳواڻ يعني ابوحنيفه ، مالڪ بن انس، شافعي ۽ احمد بن حنبل پيغمبر صلي الله عليه وآله جي زماني ۾ ڪونه هئا بلڪه نبي صلي الله عليه وآله کان لڳ ڀڳ ٻه سؤ سال پوءِ هن دنيا ۾ آيا آهن.

هاڻي ٻڌايو ته جيڪي مسلمان انهن ۽ رسول الله صلي الله عليه وآله جي وچ واري زماني ۾ هئا انهن سڀني جا عقيدا غلط۽ باطل هئا؟!

ڪهڙي دليل مطابق مذهب فقط اهي چار ئي هئڻ گهرجن ۽ ٻين فقيهن جي پيروي جائز نه هجي ؟ ڇا رسول الله صلي الله عليه وآله  اهڙي ڪا وصيت ڪئي آهي؟!

بادشاهه چيو : عباسي ! ان بابت ڇا ٿو ڇوين؟

عباسي چيو : اهي چار ٻين سڀني کان وڌيڪ ڄاڻو هئا.

بادشاهه چيو : ڇا ٻين سڀني عالمن جو علم انهن چئن کان گهٽ آهي؟

عباسيءَ چيو: ها! ليڪن شيعه جعفر صادق عليه السلام جي پيروي ٿا ڪن.

علوي چيو : اسين شيعا جعفر صادق عليه السلام جي مذهب جي پيروي ڪريون ٿا.ڇوته ان جو مذهب رسول الله صلي الله عليه وآله جو مذهب آهي، ڇو جو ان خاندان مان آهي جنهن بابت الله تعالى فرمائي ٿو:

(إِنَّمَا يُرِيدُ اللَّهُ لِيُذْهِبَ عَنْكُمُ الرِّجْسَ أَهْلَ الْبَيْتِ وَيُطَهِّرَكُمْ تَطْهِيرًا)[52] حقيقت ۾ الله تعالى ارادوڪيو آهي ته توهان اهل بيت کان هر قسم جي پليتيءَ کي پري رکي ۽ توهان کي هر طرح پاڪ رکي.

البته اسان شيعا ٻارنهن امامن جي پيروي ڪندا آهيون. ليڪن امام صادق عليه السلام کي تفسير ، حديث ، ۽ ٻين علمن کي نشر ڪرڻ جو موقعو ٻين امامن کان وڌيڪ مليو ـ ڇاڪاڻ ته سندس زماني جي حالات سبب کين ڪجهه وڌيڪ آزادي هئي ـ ايتري تائين جو سندن درس ۾چار هزار کان به وڌيڪ شاگرد حاضر ٿيندا هئا.[53] ۽ کين اهو پڻ موقعو مليو جو اسلام جا اهي بنياد مظبوط ڪري سگهيا جيڪي بني اميه ۽ بني عباس طرفان لوڏيا ويا هئا. ان ئي سبب شيعن کي “جعفري” سڏيو وڃي ٿو ۽ امام جعفر صادق عليه السلام  ڏانهن منسوب ڪيو وڃي ٿو جيڪو اسلام کي نئين سر زنده ڪرڻ وارو آهي.

بادشاهه عباسيءَ کي چيو: اي عباسي تو وٽ ڪهڙو جواب آهي؟

عباسي چيو: چئن مذهبن جي اڳواڻن جي پيروي اسان سنين جي هميشه جي عادت آهي.

علوي چيو : ايئن ناهي بلڪه ڪجهه بادشاهن توهان کي ان ڪم تي مجبور ڪيو آهي. ۽ اوهان به بغير ڪنهن دليل ۽ برهان جي انهن جي انڌي تقليد ڪئي آهي!

عباسي چپ ٿي ويو.

علوي چيو: اي بادشاهه جيڪڏهن عباسي ان ئي حال ۾ مري وڃي ته پڪ سان جهنمين مان آهي.

بادشاه پڇيو ته : ڪٿان سمجهيئه ته هو جهنمي آهي؟

علوي چيو: ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وآله جي حديث آهي ته جيڪو پنهنجي زماني جي امام جي سڃاڻ کان بغير مري وڃي ته پڪ سان اهو جاهليت جي زماني جي مُردن واري موت مئو.

اي بادشاهه ان عباسي کان پڇ ! ته سندس زماني جو امام ڪير آهي؟

عباسي چيو: اها حديث رسول الله صلي الله عليه وآله کان نقل نه ٿي آهي.

بادشاهه وزير کي چيو:ڇا هي حديث رسول الله صلي الله عليه وآله کان نقل ٿي آهي؟ [54]

وزير چيو: ها هي حديث رسول الله صلي الله عليه وآله کان نقل ٿي آهي.

بادشاهه ڪاوڙ ۽ غضب مان چيو اي عباسي آءٌ توکي اعتماد جهڙو ماڻهو سمجهندو هئس ليڪن هينئر تنهنجو ڪوڙو هئڻ ثابت ٿي ويو.

عباسي چيو: آءٌ پنهنجي زماني جي امام کي سڃاڻان ٿو.

علوي چيو : اهو ڪير آهي؟

عباسي چيو : بادشاهه.

علوي چيو: اي بادشاهه توکي به خبرهئڻ گهرجي ته هي ڪوڙ ٿوڳالهائي ۽ رڳو تنهنجي چاپلوسي لاءِ ايئن ٿو چوي.

بادشاهه چيو: ها مونکي خبرآهي ته ڪوڙ ٿو ڳالهائي ، مونکي پنهنجي حال جي خبر آهي ته آءٌ لائق ڪونه آهيان جو ماڻهن جو امام ٿي سگهان ڇو ته  آءٌ ڪجهه ڪونه ٿو ڄاڻان ۽ پنهنجو اڪثر وقت شوق شڪار ۽ حڪومت جي ڪمن ٿوگذاريان.

بادشاهه چيو: توهان جي نظر ۾ هن زماني جو امام ڪير آهي؟

علوي چيو: ته منهنجي نظر ۾ هن زماني جو امام “حضرت مهدي اروحنا فداه” آهي. جيئن ته سندن باري ۾  رسول اڪرم صلي الله عليه وآله جي حديث به پهريان نقل ڪئي وئي.

انڪري جنهن انکي  سڃاتو اهو مسلمان ٿي مئو ۽ جنهن کيس نه سڃاتو اهوجاهليت واري موت مئو ۽ جهنم جي باهه جو ٻارڻ هوندو ۽ جاهليت جي زماني واري ماڻهن سان اٿاريو ويندو.

اتي سلطان شاهه سلجوقي جي چهري تي رونق آئي ۽ سندس منهن تي خوشي جا نشان ظاهر ٿيڻ لڳا ، حاضرين ڏانهن منهن ڪري چيائين اي جماعت ! ڄاڻي وٺو ته آءٌ ٽن ڏينهن  جي هن گفتگو مان مطمئن ٿيو آهيان ۽ معرفت ۽ يقين حاصل ڪيو آهي ته شيعه پنهنجي سڀني عقيدن ۽ قول ۾ سچا ۽ حق تي آهن ۽ سني مذهب باطل ۽ سندن عقيدا منحرف آهن ۽ آءٌ انهن ماڻهن منجهان آهيان جيڪي جڏهن ڪٿي حق حق ڏسندا آهن ته ان جو اعتراف ۽ پيروي ڪندا آهن. اهڙو ماڻهو ناهيان جو دنيا ۾ باطل وارن سان هجان جو آخرت ۾جهنم ۾ وڃان انڪري اوهان جي سامهون اعلان ٿو ڪريان ته آءٌ  شيعو ٿيوآهيان ۽ جيڪو به چاهي مون سان گڏ شيعه ٿي ؛ الله جي برڪت ۽ رضوان تائين پهچي پاڻ کي گمراهي جي انڌيري مان ڪڍي حقيقت جي نور ڏانهن وٺي اچي سگهي ٿو.

وزير نظام الملڪ چيو: مون به اهو ڄاتو پئي ۽ منهنجوعقيدو هو ته شيعه مذهب حق ۽ سچو آهي ۽ مون پنهنجي تحقيقات جي شروع ۾ ئي اهو سمجهيو هوانڪري آءٌ به اعلان ٿوڪريان ته آءٌ شيعه آهيان

اهڙي ريت اڪثرعالم ، وزير ۽ حاضر جرنيل جن جو انگ ستر کن هو شيعا ٿي ويا.

سلطان شاه سلجوقي ۽ سندس وزير نظام الملڪ  ۽ ٻين وزيرن ۽ فوجي جرنيلن ۽ شاهي دربار جي ليکڪن جي شيعه ٿيڻ جي خبر پوري اسلامي سرزمين ۾ واءُ جيان پکڙجي وئي ۽ ان سبب ڪيترائي ماڻهو شيعه ٿي ويا ۽ وزير نظام الملڪ (جيڪو مؤلف جو سهرو پڻ آهي) حڪم ڏنو ته (نظاميه) مدرسن ۾ سڀئي استاد شيعه مذهب جي تعليم ڏين.

ليڪن ڪجهه سني عالم پنهنجي پراڻي طريقئه ڪار ۽ باطل مذهب تي هلندا رهيا ۽ هن آيت جومصداق رهيا.

(فَهِيَ كَالْحِجَارَةِ أَوْ أَشَدُّ قَسْوَةً)[55] اهي پٿرن جهڙيون آهن بلڪه انهن کان به وڌيڪ سخت. !

انهن سلطان شاهه سلجوقي ۽ سندس وزير خلاف سازش ڪئي ۽ ان ڪانفرنس جي نتيجي کي نظام الملڪ مٿان هنيائون ڇو ته ان جي ئي عقل ۽ تدبير سان اسلامي حڪومت هلندي هئي.

آخرڪار انهن سنين جو پليت هٿ هڪ سازش سان گڏ آستين مان ٻاهر نڪتو ۽ ٻارنهن  رمضان المبارڪ سن 485 هجري تي نظام الملڪ کي شهيد ڪيائون ۽ انکان پوءِ بادشاهه کي پڻ شهيد ڪيائون.

“انا لله وانا اليه راجعون”

اهي ٻئي بزرگ حقيقت  ۽ ايمان سبب  الله جي راه ۾ ماريا ويا انهن ٻنهين ۽ هر ان شخص کي شهادت مبارڪ هجي جيڪي حق جي واٽ ۾ ماريا وڃن ٿا.

شيخ نظام الملڪ جي شان ۾ هڪ وڏو قصيدو چيو ويو جنهن جو ڪجهه حصو هي آهي.

وزير نظام الملڪ هڪ قيمتي موتي هو جنهن کي رحمان پروردگار شرافت ۽ وڏائي مان ٺاهيو هو.

هو وڏو املهه هو ليڪن  زماني انجو قدر ڪونه ڄاتو ۽ کيس وري صدف ۾ موٽائي ڇڏيو.

بحث ۽ گفتگو کان بعد حق کي قبول ڪيائين ۽ اها گفتگو جنهن چٽن برهانن سان حق کي وائکو ڪيو ته :

تشيع جو دين حق جودين آهي ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، ليڪن ٻيا دين  گذرندڙ سراب آهن.

ليڪن پراڻو ۽ گندو ڪينو سبب ٿيو جو ان کي شهيد ڪيائون ۽ هو اونداهي رات ۾ چمڪندڙ چنڊ ۾ تبديل ٿي ويو.

مٿس خدا جا هزارين سلام ابدي بهشت ۽ ان جي ڪمرن ۾ هميشه سندس روح کي نوازش ڏيندا رهن.

اهو ٻڌائڻ به بهترآهي ته آءٌ ان ڪانفرنس ۾ موجود هئس ۽ جيڪو وهيو واپريو انکي لکيو اٿم البته هن مختصر ڪتاب ۾ واڌاريون ڳالهيون ڪٽي ڇڏيون آهن ۽ قصي کي مختصر ڪري لکيوآهي.

ساراهون سڀ الله لاءِ ئي آهن ۽ الله جا سلام ۽ درود هجن محمد صلي الله عليه وآله ۽ سندس پاڪ خاندان ۽ سندس نيڪ صحابين تي.

هن ڪتاب کي بغداد جي نظاميه مدرسي ۾ لکيو اٿم.

                            

 

                             مقاتل بن عطيه

 


[1] طبقات ابن سعد : حصو2 ،ج2،ص 41 ، تاريخ ابن عساڪر :2/391  ، ڪنزالعمال : 5/312، الڪامل ابن اثير2/129.

[2] زخرف : آيت 23

[3] بحار الانوار 3/123

[4] فجر :32

[5] سورت قلم آيت:42

[6] سورت فتح آيت: 10

[7] اهل سنت جو هڪ عالم جيڪو اکين کان انڌو هو .

[8] سورت اسراء:آيت72

[9] سورت نساء آيت:88

[10] سورت توبه آيت:93

[11] سورت اعراف، آيت 28

[12] سورت انسان، آيت3

[13] سورت بلد ، آيت 10

[14] سورت حج، آيت10

[15] ابن ابي الحديد نهج البلاغه جي شرح ۾ ۽ ٻين به ان روايت کي نقل ڪيو آهي .

[16] سورت عبس آيت 1

[17] سورت قلم آيت 4

[18] سورت انبياءآيت 107

[19] سورت نساء آيت 65

[20] الغدير8/294 ،299  ، 305 ،306 .

[21] احزاب :53

[22] احقاق الحق:6/440.،  7/296

[23] احقاق الحق:6/419 ،16/621

[24] بحار الانوار :38/35

[25] احقاق الحق؛4/27

[26] اعراف :146

[27] بقره : 6

[28] نساء : 59

[29] احزاب:36

[30] انفال 24

[31] احقاق الحق:4/321 ،۽ ج15/370

[32] احقاق الحق4/376۽ 5/52

[33] احقاق الحق 4/342 ۽6 /40

[34] زمر:9

 

احقاق الحق 8/240

[37] مستدرڪ حاڪم ڪتاب الصلاة 1/358 الاستيعاب ابن عبد ربه:3/39  و...

[38] بقره: 124

[39] توبه ،61

[40] نساء، آيت24

[41] حضرت علي (ع) فرمائن ٿا :جيڪڏهن عمر متعه کي حرام نه ڪري ها ته ڪو بد بخت انسان ئي زنا ڪري ها .

[42] مائده :44 ،45، 47

[43] سوره حشر :7

[44] نساء:59

[45] احزاب:21

[46] نهاية المعقول ،فخر رازي: 104 ،مستدرڪ حاڪم :3/32، تاريخ بغداد: 3/19 تلخيص المستدرڪ ذهبي:3/32،اوجه المطالب:481 ،احقاق الحق: 6/4 ۽16/402.

[47] بحار الانوار : 43/26 ( ان الله تبارک و تعالى ليغضب لغضب فاطمة و يرضا لرضاها)

[49] ان بابت بيشمارمدرڪ آهن جن مان؛ الملاحم والفتن،باب 19،عقدالدرر:ح66 ،ينابيع المودة:ص491 ، تذڪرة الخواص ابن جوزي:باب6و...

[50] سورت بقره؛آيت 159

[51] صحيح بخاري : باب تراوح جي نماز، الصواعق ابن حجر، عسقلاني  ڪتاب ارشاد الساري في شرح صحيح البخاري : ج5 ص 4 عمر جي ان قول بابت لکي ٿو : عمر ان کي بدعت چيو ڇو ته رسول الله (ص) جي اهڙي ڪا به سنت ڪونه هئي ۽ ابوبڪر جي زماني ۾ ايئن عمل ڪونه ٿيندو هو....

[52] سورت احزاب ،آيت:33

[53] الامام الصادق والمذاهب الاربعة، تاريخ بغداد...

[54] حافظ نيشابوري پنهنجي  صحيح۾ ج8 ص 107تي، ينابيع المودة ص117 ، نفحات اللاهوت:ص3 صحيح مسلم ۽.....

[55] بقره آيت :74

 

 

 

    بازدید : 4371
    بازديد امروز : 3198
    بازديد ديروز : 32446
    بازديد کل : 128540264
    بازديد کل : 89360083