امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
عالم غيب کان مدد:

عالم غيب کان مدد:

ڪيترن ئي مقامن تي اضطراري مسئلن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ عالم غيب کان مدد وٺڻ کانسواءِ ڪا به راهه نه هوندي آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن چاڪو هڏيءَ تائين پهچي ويندو آهي ته تمام مادي وسيلا عاجز ٿي ويندا آهن ان صورت ۾ ڪيئن مادي طاقت کان راهه حل تلاش ڪئي وڃي جڏهن ته مادي طاقتون پنهنجي عجز ۽ ناتوانائي جو اظهار ڪري چڪيون آهن.

اهڙن موقعن ۾ مشڪلاتن کي دور ڪرڻ لاءِ عالم غيب کان مدد وٺڻ گھرجي ۽ خدا جي غطيم غيبي طاقتن سان مشڪلاتن کي حل ڪريو.

اهڙن موقعن ۾ اهل بيت عليهم السلام (جيڪي مخلوق تي خدا جا جانشين آهن) جي ذريعي توسل عالم غيب ۾ مدد وٺڻ لاءِ بهترين ذريعو آهي.

اهڙن مقامن ۾ ڪجھ ماڻهو ”ياعلي، ياحسين عليهما السلام“ چوڻ سان يا وري ”ياصاحب الزمان ادرکني“ چوڻ سان پنهنجي اضطرار ۽ بي چينيءَ کي ختم ڪندا آهن ۽ انهن جي وسيلي سان خدا سان رابطو پيدا ڪري پنهنجي حاجتن تائين پهچندا آهن.

تا دلي  نگيدر، حرف  جانسوزي نگويد

حال ما خواهي بيا از گفتہ ما جستجوکن

ان بناء تي توسل جي معنى خدا سان رابطي لاءِ وسيلو تلاش ڪرڻ، مشڪلن جي حل جي ڳولا ڪرڻ سان گڏوگڏ مادي ۽ معنوي پريشانين جو راهه حل تلاش ڪرڻ. اهل بيت عليهم السلام  جا پيروڪار پوري تاريخ ۾ انبياء پيغمبرن کان وٺي ڪري هڪ عام انسان تائين ۽ ابتداءِ خلقت کان قيامت جي ڏينهن تائين خدا جي قرب لاءِ ۽ پنهنجي مشڪلن جي حل جي ڳولا ڪرڻ لاءِ انهن هستين سان توسل ڪندا آهن.

 

    بازدید : 2226
    بازديد امروز : 15536
    بازديد ديروز : 19532
    بازديد کل : 128848364
    بازديد کل : 89514159