امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
حضرت عباس عليه السلام جي حرم ۾ پريشان عورت:

حضرت عباس عليه السلام

 جي حرم ۾ پريشان عورت:

جڏهن پريشانيءَ ۽ بي چينيءَ جي ڪري اميدون جواب ڏئي وڃن ته ان وقت اهل بيت عليهم السلام  سان توسل جلدي اثرائتو ٿيندو آهي.

ان ڪري مذهب اهل بيت عليهم السلام جا پيروڪار ۽ محب پريشانين ۽ مصيبتن ۾ انهن ئي هستين سان توسل ڪندا آهن ۽ انهن جي توسل سان پنهنجين مشڪلاتن کي آسان ڪندا آهن. هاڻي اسان انهن توسلن جي هڪ بهترين مثال توهان جي سامهون بيان ڪيون ٿا:

ايران جي شهر قم جو هڪ بزرگ شخص بيان ڪري ٿو: هڪ ڏينهن آئون حضرت عباس عليه السلام  جي حرم ۾ زيارت لاءِ مشرف ٿيس. مون اوچتو ڏٺو ته عربن جو هڪ ٽولو هڪ عورت سان گڏ حرم ۾ داخل ٿيو.

ان عورت ضريح کي مضبوطي سان پڪڙيندي وڏي آواز ۾ ڪجھ ڪلما ورد ڪيا جنهن ورد جي ڪري تمام زائر ان ڏانهن متوجھ ٿي ويا. مون غور ڪيو ته اها عورت ۽ سڀ ماڻهون چپ ٿي ويا جهڙوڪ سڀني جو ساھ رڪجي ويو هجي.

اوچتو آواز بلند ٿيو جنهن کي سڀني ماڻهن ٻڌو ۽ ان آواز جو مضمون هي هيو ته: ”منهنجو پيءُ منهنجي ماءُ جو شوهر آهي“ هي آواز ان عورت جي پيٽ ۾ موجود ٻار جي هئي. ان کانپوءَ حرم جي فضا نعرن سان وڄڻ لڳي. عورتن ان عورت ڏانهن وڌندي وڏي مشڪل سان ان عورت کي ڇڏائي هڪ ڪمري ۾ وٺي آيون جيڪو حضرت عباس عليه السلام  جي حرم جي خادمن جو ڪمرو هو.

ان کانپوءِ جڏهن ان ڇوڪري کي اتان وٺي ويا ته رش گھٽ ٿي وئي ڇو جو آئون حرم جي هڪ خادم جو سڃاڻو هيس ان ڪري آئون ان وٽ ويس ۽ ان خادم کان ان واقعي جي باري ۾ پڇا ڪئي ته ان جواب ڏنو:

هي ڪربلا جي اطراف ۾ رهڻ وارن عربن جو هڪ قبيلو آهي. انهن هن ڇوڪريءَ جي شادي سندي سوٽ سان ڪرائي هئي، پر ڇو جو نڪاح جي زماني ۾ هي ماڻهون ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جي پاڻ ۾ ملڻ کي غلط سمجھندا هيا. ان ڪري جوان لڪي ڪري پنهنجي گھرواريءَ سان مليو ۽ ان سان تعلقات قائم ڪيا. جنهن جي ڪري اها ڇوڪري اميد واري ٿي وئي ۽ اهو جوان ڊڄ جي ڪري ڀڄي ويو ۽ ڇوڪري جي اميد واري زماني تائين ظاهر نه ٿيو. ڇوڪريءَ جا گھر وارا جڏهن ان کان ان حمل جي باري ۾ پڇندا هئا ته ڇوڪري اهو چوندي هئي ته آئون پنهنجي شوهر مان اميد واري ٿي آهيان. پر جڏهن قبيلي وارا ان جوان کي ڳولي آيا ته ان خوف جي ڪري انڪار ڪري ڇڏيو.

ڇوڪري جي مائٽن ڇوڪري کي قتل ڪرڻ جو حڪم صادر ڪري ڇڏيو. ڇوڪري ويچاري واويلا ڪندي چيو ته مون ڪو به  گناهه نه ڪيو آهي آئون بي قصور آهيان پر ڪو به ان جي ڳالهه تي ڌيان ڏيڻ وارو نه هو. آخر ۾ ڇوڪري چوي ٿي ته: اسان حضرت عباس عليه السلام  وٽ پنهنجو فيصلو کڻي هلون ٿا جيڪو حضرت عباس عليه السلام  فيصلو ڪيو اسان ان تي عمل ڪنداسين. ان ڪري هو حرم پاڪ ۾ آيا ۽ حضرت عباس عليه السلام  جي موجزي جي سبب ماءُ جي پيٽ ۾ موجود ٻار پنهنجي ماءُ جي وڪالت ڪئي ته منهنجي ماءُ بي قصور آهي[1].

هي هزارن معجزن منجھان هڪ ننڍو معجزو آهي جيڪو خاندان رسالت عليهم السلام  جي لطف ۽ ڪرم سان ظاهر ٿيو.

 


[1] . جامع الدرر؛ ج،2، ص، 408

 

    بازدید : 2429
    بازديد امروز : 944
    بازديد ديروز : 19532
    بازديد کل : 128819199
    بازديد کل : 89499567