امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
توسل ۾ اضطرار جو ڪردار:

توسل ۾ اضطرار جو ڪردار:

ڪڏهن نا اميدي، پريشاني جي شدت ۽ ثابت قدمي ايتري حد تائين ڪارائتي هوندي آهي جنهن سان تمام روحاني بيمارين ۽ باطني زنجيرن کي توڙي سگهجي ٿو ته جئين انسان جو روح معنويت جي نوراني فضا ۾ انبياء ۽ اولياء سان گڏ راز ۽ نياز ڪري سگھون.

هي ڄاڻڻ لاءِ ته ڪهڙي طرح اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪندي بعض گنهگار ماڻهن جون حاجتون پوريون ٿي وينديون آهن ۽ انهن جا گناهه انهن جي حاجتن جي پوري ٿيڻ جي راهه ۾ ڪا به رنڊڪ نه ڪندا آهن ۽ اهي ڪئين پنهنجا   نيڻ وهائي اهل بيت عليهم السلام  ۽ اولياء الله سان توسل ڪري خدا جي توجھ حاصل آهن.

اسان ان جي لاءِ هڪ مثال ذڪر ڪيون ٿا ته جئين انهن جي توسلن جي رازن تان لٽو لاهي سگھون جيڪي پاڪيزه روح جا مالڪ  نه آهن.

جيڪڏهن ڪنهن خلائي شٽل کي خلا ۾ موڪلڻ چاهيون ته ان جي لاءِ هڪ طاقتور وسيلي جي ضرورت پوندي آهي جيڪو خلائي شٽل کي فضا کان ٻاهر ڪڍي زمين جي قوت جاذبه کان بچائي ته جئين اهو آرام سان خلا ۾ چڪر لڳائي سگھي ڇاڪاڻ ته جيستائين ان کي زمين جي قوت جاذبه کان ٻاهر نه ڪڍيو ويندو ايستائين زمين جي قوت جاذبه ان کي پنهنجي طرف ڇڪيندي ۽ ان جي پراز جي طاقت گھٽ ٿي ويندي. قوت جاذبه کان ڪڍڻ لاءِ ان خلائي شٽل ۾ ايتري طاقت هجڻ گھرجي ته اهو زمين جي قوت جاذبه واري قيد کان نڪري آزاد ٿي وڃي.

معنوي ۽ روحاني مسئلن ۾ به ان جي مثال موجود آهي ڇاڪان ته گناهه انسان جي روحاني سير ۽ معنوي نتيجن تائين پهچڻ لاءِ رڪاوٽ بڻجي ويندا آهن ۽ جهڙي طرح زمين جي قوت جاذبه ان خلائي شٽل کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي اهڙي طرح گناهگار انسان جا گناهه به ان کي روحاني پرواز ڪرڻ کان روڪيندا آهن ۽ گناهن جي جاذبيت ان کي پنهنجي طرف ڇڪيندي آهي. پر ڪڏهن ڪڏهن پريشانيون ۽ مصيبتون ايتريون ته گھڻيون ٿي وينديون آهن جو پيريشانين ۽ مصيبتن جي گھڻائي انسان جي گناهن جي جذابيت کان نجات ڏئي ڇڏيندي آهي. جيتوڻيڪ ان جو باطن بيمارين ۽ گناهن سان ڀريل آهي پر ان جي هوندي به گناهن جي قوت جاذبه کان آزادي حاصل ڪرڻ جي ڪري ڪاميابي تائين پهچي ويندو آهي.

ان ڪري توسلات ۾ جلدي ڪامياب ٿيڻ جي لاءِ انسان کي گھرجي ته اهو پنهنجي باطن کي پاڪ ۽ صاف ڪري ته جيئن گذريل گناهن جي قوت نست نابود ٿي وڃي ۽ اهي ان کي پرواز ڪرڻ کان نه روڪي سگھن يا انسان تي ايتريون پريشانيون هجن ته جهڙي طرح خاص مشين خلائي شٽل کي زمين جي قوت جاذبه کان ڪڍي خلا تائين پهچائيندي آهي اهڙي طرح انسان تي پريشانين ۽ مصيبتن جي شدت ايتري گھڻي ٿي وڃي جو ان کي گناهن جي قيد ۽ انهن جي قوت جاذبه کان ٻاهر ڪڍي آزاد ڪري اهڙي صورت ۾ هو اهل بيت عليهم السلام  جي توجھ ۽ عنايتون حاصل ڪري سگھي ٿو.

ان بناء تي توسلن جا نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪڏهن انسان مرد ميدان وانگر همٿ ٻڌي پنهنجي باطن کي صاف ۽ پاڪ ڪري ته اهو پنهنجي مقصد تائين پهچي ويندو ۽ اهڙي ريت مشڪلات جي شدت ايتري ٿي وڃي جو انسان ۾ جدائي جي حالت پيدا ڪري ته اهو اهڙي طرح گناهن جي قوت جاذبه کان نجات حاصل ڪري سگھي ٿو جهڙي طرح خلائي شٽل کي قوت جي ذريعي زمين جي قوت جاذبه کان پري ڪيو ويندو آهي. ان صورت ۾ ان جو توسل نتيجي واري ٿي سگھي ٿو.

 

    بازدید : 2358
    بازديد امروز : 28321
    بازديد ديروز : 28544
    بازديد کل : 128434750
    بازديد کل : 89307318