امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
معرفت، انسان جي يقين ۾ واڌاري جو سبب آهي:

معرفت، انسان جي يقين ۾ واڌاري جو سبب آهي:

اهل بيت عليهم السلام  جي قدرت جي سلسلي ۾ يقين حاصل ڪرڻ انهن هستين جي معرفت جو ٻيو نالو آهي. انهن جي ذريعي حاجتن جي پوري ٿيڻ جو يقين حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي باري ۾ پنهنجي معرفت ۾ واڌارو ڪندي لازمي ۽ ضروري ته ڄاڻ حاصل ڪريو جيڪا اسان سڀني تي واجب آهي.

مرحوم محدث قمي (ره) اهل بيت عليهم السلام  جي معرفت رکندا هئا. پاڻ سندس توسلات جو هڪ بهترين نمونو مرحوم علامه سيد عبد الله شبر (ره) جو هڪ بهترين واقعو بيان ڪري کانپوءِ ذڪر ڪن ٿا ته:

مرحوم عبد الله شبر (ره) بزرگ عماءِ منجھان هئا اهي پنهنجي گھڻي تاليفات جي ڪري پنهنجي زماني ۾ مجلسي ثاني جي نالي سان مشهور هئا. هڪ ڏينهن علامه محقق ۽ مرحوم شيخ اسد الله (صاحب ڪتاب مقابس الانوار) مرحوم عبد الله شبر (ره) سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ويا ۽ مرحوم شبر جي گھڻي تاليفات ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا ڇاڪاڻ ته ان جي مقابلي ۾ انهن جي تاليف بلڪل گھٽ هئي. جڏهن ته اهي هڪ وڏي علمي شخصيت جا مالڪ هئا.

انهن ٻنهي مرحوم عبد الله شبر (ره) کان گھڻي تاليفات ڪرڻ جي باري ۾ سوال ڪيو ته مرحوم شبر جواب ڏيندي فرمايو: مون کي گھڻن ڪتابن لکڻ جي توفيق حاصل ٿيڻ جي علت امام موسى ابن جعفر عليهما السلام جي خاص عنايت جي ڪري آهي. ڇاڪاڻ ته مون امام کي خواب به ڏٺو ۽ کيس مون کي هڪ قلم عطا ڪندي فرمايو: لک. ان وقت کان وٺي آئون تصنيف ۽ تاليف ۾ ڪامياب آهيان. بس مون جيڪو ڪجھ به تحرير ڪيو آهيا هو سڀ ان مبارڪ قلم جي برڪت آهي.

مرحوم محدث قمي (ره) اهو واقعو بيان ڪرڻ کانپوءِ فرمايو:

هيءَ ڳالهه هن ريت آهي ته مرحوم عبد الله شبر (ره) فرمايو: ڇوجو آءُ جڏهن به اهل بيت عليهم السلام  سان توسل ڪندو هيس ته موکي هڪ عظيم توفيق حاصل ٿي ويندي هئي ۽ منهنجو قلم لکڻ لڳندو هو ۽ جڏهن موکي توسل ڪرڻ جي توفيق نه ملندي هئي ته ڪيترائي مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ به آئون ڪو ننڍو ڪتاب به نه لکي سگھندو هيس. بس مون جيڪو ڪجھ به لکيو آهي اهو اهل بيت اطهار عليهم السلام  جي برڪتن ۽ عنايتن جو نتيجو آهي[1].

 


[1] . فوائد الرضويه؛ ص، 250.

 

    بازدید : 2337
    بازديد امروز : 13755
    بازديد ديروز : 45443
    بازديد کل : 128496490
    بازديد کل : 89338195