امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
توسل ۾ يقين جو ڪردار:

توسل  ۾  يقين جو ڪردار:

شڪ کي ختم ڪري يقين کي حاصل ڪرڻ ان مهم مسئلن منجھان آهي جنهن ۾ دل جي پاڪيزگيءَ وارو بحث شامل آهي. پر اسان ان جي بيحد اهميت ڪري ان جي هتي وضاحت ڪيون ٿا ۽ ان ۾ واڌاري ڪرڻ جا طريقا به بيان ڪيون ٿا:

اهل بيت عليهم السلام جي لطف ۽ ڪرم سان توسلن ۾ اعتقاد ۽ يقين گھڻي اهميت جو حامل آهي. جيڪڏهن اسان کي توسلن ۾ انهن بابرڪت هستين جي عنايت جو يقين ٿي وڃي ته اسان آسانيءَ سان پنهنجي مقصد تائين پهچي سگهون ٿا ۽ پنهنجون حاجتون پوريون ڪرائي سگهون ٿا.

انهن هستين جي لطف ۽ ڪرم سان اعتقاد ۽ يقين جا اثر ايترا ته گھڻا آهن جو ڪيترن ئي موردن ۾ پنهنجي حاجت ۽ مقصدن تائين پهچڻ وارا ماڻهون پاڪيزه دل جا مالڪ نه هوندا آهن پر انهن جو يقين ان ڪميءَ کي پورو ڪري ٿو. جيتوڻيڪ انهن جي دل گناهن کان پاڪ نه هوندي آهي پر انهن جو اهل بيت عليهم السلام  جي عنايتن تي يقين انهن جي توسلن جي نتيجي تائين پهچڻ جو سبب بڻجي ٿي.

هن ڪتاب جي ليکڪ جو چوڻ آهي ته آئون 1348 شمسي هجري ۾ ڪجھ مهينن لاءِ زيارتن ڪرڻ جي توفيق حاصل ٿي ۽ آئون حضرت ابا الفضل العباس عليه السلام  جي حرم مبارڪ ۾ اڪثر بيمارن جي شفاياب ٿيڻ ۽ ماڻهن جي حاجتن جي پوري ٿيڻ جو عيني گواه آهيان.

ڪڏهن ماڻهون پنهنجي مريض کي حضرت عباس عليه السلام  جي ضريع مبارڪ سان ٻڌي ڇڏيندا هئا هڪ ڪلاڪ کان پهريان ئي انهن جي حاجت پوري ٿي ويندي هئي ۽ جڏهن انهن جي حاجت پوري ٿي ويندي هئي ته عرب جون عورتون پنهنجي رسم و رواج جي مطابق خوشيءَ جو اظهار ڪندي ضريح ۽ زائرن جي مٿان خشڪ ميون جي بارش ڪنديون هيون ۽ حرم جي فضا ۾ خوشيءَ جا نعرا لڳڻ شروع ٿي ويندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن اهي گھڻو شڪريي جو اظهار ڪندي عراق ۾ رائج پئسا به گهور ڪنديون هيون.

سندن اعتقاد ۽ يقين ان حد تائين هيو جو پاڻ سان گڏ پئسا ۽ خشڪ ميوا گهور ڪرڻ لاءِ کڻي اينديون هيون ۽ جئين ئي مريض کي شفا ملي ويندي هئي اهي ترت هنگامو ڪندي، خشڪ ميوا ۽ پئسا گهورينديون هيون. ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪندي چونديون هيون. ”ابو فاضل نشکرک“  هڪ ڏينهن اهي عرب ڪنهن ديواني جوان کي حرم ۾ وٽي آيا ۽ انهن ان کي ٽي ڏينهن ضريح سان ٻڌي ڇڏيو. ان جا رشتيدار ان جوان جي چوڌاري موجود هئا. هي وڏي تجب جي ڳالهه هئي ته ڇو ايتري وقت گذري وڃڻ کانپوءِ به حاجت پوري نه ٿي آهي!.

هڪ بيمار جو ٽن ڏينهن تائين شفاياب نه ٿيڻ اسان جي لاءِ تعجب جي ڳالهه هئي ان ڪري ته اڪثر ڪري ائين نه ٿيو هو؛ ڇاڪاڻ ته حضرت عباس عليه السلام سان توسل ڪرڻ وارن جو عجيب اعتقاد هو ۽ ان جي لاءِ گھڻي وقت جي ضرورت نه هئي. اهي پنهنجي پوري يقين سان اظهار ڪندا آهن:

”ابو فاضل باب الحوائج“ ۽ حضرت عباس عليه السلام به انهن جون حاجتون پوريون ڪندو هو ڇاڪاڻ ته اهي حضرت عباس عليه السلام جي لطف ۽ ڪرم تي پورو يقين رکندي حضرت سان توسل ڪندا هئا.

ان ڳالهه کي بيان ڪرڻ جو هي مقصد هو ته توسلات ۾ ڪجھ ٻيون شيون به آهن جيڪي دل جي پاڪيزگيءَ جي جڳهه وٺنديون آهن. اهل بيت عليهم السلام  جي لطف ۽ ڪرم جي موقعي تي ۽ ٻين موقعن ۾ ماڻهن جو يقين ۽ اعتقاد انهن هستين جي عنايتن جو سبب ٿيندو آهي.

 

    بازدید : 2375
    بازديد امروز : 0
    بازديد ديروز : 44790
    بازديد کل : 128467677
    بازديد کل : 89323788