امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
توسل ڪرڻ ۾ توجھ ۽ فڪر جو خاص خيال رکڻ:

توسل ڪرڻ ۾ توجھ ۽ فڪر جو خاص خيال رکڻ:

هر عبادت جي انجام ڏيڻ وقت خاص فڪر ڪرڻ، توجھ ۽ مڪمل دقت ان جي اثرن ۾ وڌيڪ اضافي جو سبب ٿيندي آهي. هاڻي اسان جيڪو واقعو توهان جي سامهون بيان ڪري رهيان آهيون اهو دعا ۽ توسل ڪرڻ وقت توجھ ڪرڻ جي اهميت لاءِ دليل آهي.

هڪ شخص جو خدا جي هڪ وليءَ سان واسطو هيو. ۽ ڪڏهن ڪڏهن اهو شخص ان ولي الله کان ماضي ۽ مستقبل جو حال پڇي وٺندو هيو. ان وليءَ جي سچائي ان شخص وٽ ثابت هئي. مون ان شخص کان سوال ڪيو ته اهو ان مقام تائين ڪئين پهتو آهي ۽ اهو جيڪي راز بيان ڪري ٿو اهو پاڻ انهن کي ڪئين ڄاڻي ٿو؟؟.

ان فرمايو: ته اهو شخص پهريان منهنجي شاگردن منجھان هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن مون کان ڪجھ ذڪرَ ياد ڪري انهن کي انجام ڏيندو هيو. جيتوڻيڪ هو انهن ذڪر کي گھڻي دير تائين انجام نه ڏيندو هو ڇاڪاڻ ته اهي ذڪر طولاني ۽ دعائون نه هيا، پر ان شخص جي هڪ عادت هوندي هئي جنهن ڪري ان اها ترقي ڪئي ۽ هاڻي اهو منهنجو استاد آهي. هاڻي آئون ان کان پنهنجي رازن جي باري ۾ پڇندو آهيان ۽ هو انهن جا صحيح جوابَ ڏيندو آهي. جڏهن ته هر ڀيري منهنجي پڇڻ کان پهريان ئي منهنجي سوالن جا جواب ٻڌائي ڇڏيندو هو جن جي باري ۾ آئون سوال ڪرڻ چاهيندو هيس.

روري هن فرمايو: ان جي هي به خاصيت هوندي هئي ته ان کي جيڪو به دعا ۽ ذڪر ٻڌايو ويندو هيو هو انهن کي پوري توجھ سان انجام ڏيندو هو. هو پنهنجي توجھ ۽ حضور قلب جي حالت جي ڪري ئي ان مقام تائين پهتو آهي.

هاڻي توهان حضرت علي عليه السلام  جي هن مختصر ۽ پر عظيم ڪلام ڏانهن توجھ ڪريو. پاڻ فرمائن ٿا:

 الدِّقَّةُ اسْتِكَانَة[1].
مڪمل توجھ ڪرڻ ئي نوڙت آهي.

جيڪو خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام  جي سامهون نوڙت ڪندو آهي، خدا ان کي بلند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ جيڪي به ڪم ناممڪن هوندا آهن خدا انهن کي ان جي لاءِ ممڪن ڪري ڇڏيندو آهي.

جي هان! مڪمل توجھ ڪرڻ سان خدا نا ممڪن کي به توهان لاءِ ممڪن ڪري ڇڏيندو آهي ۽ توهان کي اهڙن بلند مقامات تائين پهچائي ڇڏيندو آهي جن کي توهان ناممڪن يا وري محال سمجھندا آهيون. جهڙي طرح هڪ عام شخص (جنهن جي واقعي ڏانهن اسان اشارو ڪيون ٿا) جيڪو دعا ۽ توسل جي وقت توجھ جي ڪري عالم غيب سان رابطي جھڙي مقام تائين پهچي ويو،

ان ڪري امام جعفر صادق عليه السلام  فرمائن ٿا:

 فَإِذَا دَعَوْتَ فَأَقْبِلْ بِقَلْبِكَ ثُمَّ اسْتَيْقِنِ الْإِجَابَةَ[2] .

جڏهن به دعا گھرو ته توجھ ۽حضور قلب جي حالت ۾ دعا گھرو. پوءِ توهان کي ان جي قبوليت جو يقين ٿي ويندو.

دعا ۽ توسل ۾ توجھ ۽ حضور قلب ائين مفيد آهي جو امام جعفر صادق عليه السلام  فرمائن ٿا ته: توجھ جي حالت ۾ دعا گهرڻ کانپوءِ توهان ان دعا جي قبوليت جو يقين ڪري ڇڏيو!.

ان بناء تي باطني طهارت ۽ پاڪيزگيءَ کانپوءِ دعائن ۽ توسل ۾ فڪر جو خاص خيال رکڻ ۽ حواس جي توجھ جو مسئلو گھڻو مهم ۽ اثر جو حامل آهي.

جهڙي طرح توجھ کان سواءِ عبادتن جو ڪو اهم اثر ظاهر نه ٿيندو آهي اهڙي طرح انهن دعائن ۽ توسلن جو ڪو به اثر ظاهر نه ٿيندو آهي جن ۾ توجھ نه ڪئي وڃي ۽ اهو انسان کي پنهنجي مقصد ۽ حاجت تائين پهچڻ نه ڏيندو آهي.

اهوئي توسل مڪمل اثر رکندو آهي جنهن ۾ توجھ موجود هجي ڇاڪاڻ ته توسل ان ئي صورت ۾ خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام  سان قائم ڪري سگھي ٿو جڏهن اهو توجھ سان هجي ۽ پاڪ دل کان ٻاهر نڪري. اهڙن توسلن جي نتيجي ۾ انسان جا بند رستا به کلي پوندا آهن ۽ بند دروازا به کلي پوندا آهن. جڏهن انسان جو خدا ۽ اهل بيت عليهم السلام  سان توسل قائم ٿي وڃي ته ڪا به دعا پوري ٿيڻ کانسواءِ باقي نٿي رهي سگھي.

ان بنا تي جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته توهان جا توسلَ جلدي پنهنجو اثر ظاهر ڪن ۽ انهن جو ڀلو نتيجو به ظاهر ٿئي ته پنهنجي پاڻ کي ٺاهڻ کان علاوه توسل جي وقت توهان جي توجھ ڪنهن ٻئي پاسي نه هجڻ گھرجي بلڪه مڪمل توجھ ۽ غور و فڪر سان اهل بيت عليهم السلام  جي دامن کي پڪڙيندي پنهنجي حاجتن جي پوري ٿيڻ لاءِ وسيلو قرار ڏيو.

ان جي باري ۾ رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  جن فرمائن ٿا:

نَحْنُ الْوَسِيلَةُ إِلَى اللَّه[3].

اسان ئي خدا جي طرف وسيلو آهيون.

جي هان! هر بلند فڪر ۽ روشن دل انسان جو اهوئي عقيدو

آهي ته اهل بيت عليهم السلام  ان جي پناهه گاهه ۽ خدا جي طرف ان جو وسيلو آهن.

حضرت امام حسين عليه السلام  جي هڪ زيارت ۾ بيان ٿيو آهي:

بِكُمْ يَا آلَ مُحَمَّدٍ أَتَوَسَّلُ الْآخِرَ مِنْكُمْ وَ الْأَوَّلَ[4].

اي آل محمد عليهم السلام ! توهان جي وسيلي سان ئي اسان توسل ڪندا آهيون، توهان منجهان پهرين کان آخريءَ تائين.

اسان انهن معصوم هستين سان ڪڏهن ڪڏهن نه بلڪه هميشه پنهنجي حاجتن ۽ مشڪلن ۾ توسل ڪندا آهيون.

۽ اسان اهڙي طرح زيارت جامعه ڪبيره ۾ به پڙهندا آهيون:

مَنْ قَصَدَهُ تَوَجَّهَ بِكُم[5] .

جيڪو خدا جو قصد ڪندو، اهو توهان جي طرف متوجھ ٿي ويندو آهي.

گذريل ڳالهين مان هي واضح  ٿيو آهي ته پنهنجي حاجت ۽ آرزو جي پوري ٿيڻ جي لاءِ دل جي پاڪيزگيءَ کانسواءِ توجھ، سوچ ۽ فڪر جو خاص خيال رکڻ ضروري آهي. ان بنا تي ”باطني طهارت ۽ فڪري توجھ“ توسل جي اثرن کي ظاهر ڪرائڻ لاءِ ٻه اهم رستا آهن. ان بنا تي دقت (توجهه) ڪريو ته توسل جي ڪيتري عظمت آهي؟ ۽ توسل ڪرڻ واري جي روحاني ڪيفيت ڪهڙي هجڻ گھرجي؟.

جيڪڏهن ڪو شخص وهابين ۽ مغرور ماڻهن وانگر توسل کي اهميت نه ڏي ته اها ان جي باطل سوچ، تنگ نظري ۽ ان جي لاعلمي جي ڪري آهي، جيڪڏهن ڪو شخص هي ڄاڻيندو هجي ته توسل ڇا آهي؟ ۽ توسل ڪهڙي بنيادن تي قائم آهي؟ ته هو انسان جي بهترين روحاني حالتن جو انڪار نٿوڪري سگھي ٿو ۽ ڪهڙي طرح عظيم روحاني خزاني جو انڪار ڪري سگھي ٿو؟.

هڪ مفڪر انسان پرڪشش ۽ روحاني حالات کي رڳو ان بنا تي رد ڪري ته اهو پاڻ انهن کي حاصل نٿو ڪري سگھي. اهو ڪهڙو انصاف آهي؟.

 


[1] . بحارالانوار ؛ج، 66، ص، 379 

[2] . بحارالانوار ؛ج، 90، ص، 305 

[3] . بحارالانوار ؛ج، 25، ص، 22

[4] . بحارالانوار ؛ج، 98، ص، 227

[5] . من ‏لايحضره‏ الفقيه؛ ج،2، ص، 615

 

    بازدید : 2223
    بازديد امروز : 7306
    بازديد ديروز : 9841
    بازديد کل : 94003135
    بازديد کل : 71574885