امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
بيشڪ اسان جو ذڪر ئي خدا جو ذڪر آهي:

بيشڪ اسان جو ذڪر ئي خدا جو ذڪر آهي:

اسان کي گُھرجي ته فقط انهن معصوم هستين جو ذڪر ڪيون، بلڪه مشڪلات ۽ پريشانين ۾ انهن سان توسل به ڪيون. ڇاڪاڻ ته اهل بيت رسول عليهم السلام  نجات جي ڪشتي ۽ بي سهارن لاءِ آسرو آهن. اهي گمراهي جي خوفناڪ طوفان ۾ گرفتار ماڻهن لاءِ نجات جو سامان فراهم ڪندا آهن. ان ڪري اسان کي گھرجي ته انهن معصوم هستين کي پريشاني ۽ مشڪلات جي گھڙيءَ گرفتار امت جي منجي (يعني نجات ڏيڻ وارا) جي طور تي سڃاڻيون.

اميرالمؤمنين حضرت علي ابن ابي طالب عليهما السلام فرمايو آهي؛

أَيُّهَا النَّاسُ شُقُّوا أَمْوَاجَ الْفِتَنِ بِسُفُنِ النَّجَاة[1].

اي انسانون! فتني جي لهرن کي نجات جي ڪشتيءَ سان چيري ڇڏيو.

اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام  هڪ ٻئي روايت ۾ فرمايو آهي؛

مَنۡ رَكِبَ غَيۡرَ سَفِيۡنَتِنَا غَرِقَ [2].

جيڪو به اسان (اهل بيت عليهم السلام ) جي ڪشتيءَ کان بغير ڪنهن ٻئي ڪشتيءَ ۾ سوار ٿيندو اهو غرق ٿي ويندو.

ان بناء تي اسان کي گھرجي ته پنهنجي سڀني مشڪلاتن ۾ ايستائين جو اعتقادي مسئلن ۾ به حقيقي هادي ۽ رهنما کان هدايت وٺون، نه ته اسان گمراهيءَ جي اونداهيءَ ۾ هليا وينداسين.

حضرت امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا؛

مَنۡ يَطۡلُبِ الۡهِدٰايَةَ مِنۡ غَيۡرِ أَهۡلِهٰا يَضِلُّ[3].

جيڪو به هدايت کي اهل ماڻهن کانسواءِ ڪنهن ٻئي کان وٺندو اهو گمراهه ٿي ويندو.

هاڻي انهن ماڻهن جو ڪهڙو حشر ٿيندو جن معاشري جي ڪريل، پست ۽ ناهل ماڻهن جي پيروي کي قبول ڪري اکين جو سرمو بڻايو؟!.

مشڪلات، فتني، فساد ۽ برباد ڪرڻ واري طوفان (جڏهن ته طوفان جون خطرناڪ لهرون خبردار به ڪري رهيون آهن ته) ۾ خدا ۽ اولياء خدا کانسواءِ ڪنهن ٻئي جي پيروي ڪرڻ وارا برباد ٿي ويندا. پر اهل بيت اطهار عليهم السلام  سان توسل ڪرڻ ۽ انهن معصوم هستين کان مدد گھرڻ توهان کي گمراهي ۽ نابودي کان نجات ڏيندي ساحل تائين پهچائيندا.

جيتوڻيڪ سمنڊ جون لهرون ننڍين وڏين سڀني ڪشتين کي گڏوگڏ لهرائينديون آهن پر درياء جو طوفان تمام ڪشتين کي غرق نه ڪري سگھندو آهي. مصيبتون، فتنو ۽ فساد ان ئي وانگر آهي، اهي توڻي ڪيترا به خطرناڪ ڇونه هجن پر پوءِ به سڀني انسانن کي نابود ۽ برباد نه ڪري سگھندا آهن، بلڪه ڪجهه کي نجات جي ڪناري تائين پهچائيندا آهن.

ره  ملک  سعادت  را تواند بي  خطر  رفتن

به دست خود زآئين ادب هر کس عصا دارد

انسانن منجھان ڪجھ اهڙا به افراد موجود آهن جيڪي آخري زماني جي فسادن جي سامهون پنهنجي سيني کي ڍال بڻائيندي پنهنجي عزت ۽ مان ۾ واڌارو ڪندا آهن.

جيڪڏهن توهان اهڙن ماڻهن منجھان هجڻ پسند ڪريو ٿا ته مشڪلات ۽ مصيبتن جي خطرناڪ طوفان جي لهرن ۾ اهل بيت عليهم السلام  جي ڪشتي ۾ سوار ٿي وڃو ۽ خدا جي عظيم و شان ولايت رکڻ وارين پاڪ ۽ پاڪيزه هستين سان توسل جي ذريعي پنهنجي پاڻ کي گمراهي کان نجات ڏيو.

 


[1] . بحارالانوار؛ ج، 28،ص، 233

[2] . غررالحڪم ؛ص،116 

[3] . غررالحڪم ؛ص، 95

 

    بازدید : 2586
    بازديد امروز : 0
    بازديد ديروز : 19653
    بازديد کل : 128856595
    بازديد کل : 89518275