امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
سچي محبت:

سچي محبت:

اسان محبت ۽ ان جي آثار جي باري ۾ جيڪا بحث ڪئي ان مان واضح ٿيو ته ماڻهن جي دلين ۾ اهلبيت عليهم السلام جي محبت پيدا ڪرڻ انهن جي تقوي ۽ ايمان ۾ واڌاري ۽ گناهن جي گھٽجڻ جو سبب آهي، ۽ ان مان هي به واضح ٿيو ته ماڻهن کي گُھرجي ته اهي اهلبيت عليهم السلام جي محبت کي ٻين ماڻهن جي دلين ۾ پيدا ڪن، سچي محبت ۽ دوستيءَ جون ڪجھ نشانيون آهن جن جي ذريعي سان دوستن جي سڃاڻ ڪري سگھجي ٿي ۽ سچي محبت ڪرڻ وارن ۽ ٻين ۾ فرق ڪري سگھجي ٿو ڇاڪاڻ ته محبت اڪسير آهي ان جي ڪري محبت، محب ۾ ڪجھ آثار پيدا ڪندي آهي جيڪا محبوب جي اهميت کي بيان ڪندي آهي سوچ سمجھ وارا ئي ڳالھ کي محسوس ڪندا آهن ته ڪنهن جي محبت کي دل ۾ رکڻ گھُرجي ڇاڪاڻ ته  محبوب کي محب جي ڪردار، رفتار مان معلوم ٿيندو آهي هو مون سان ڪيتري محبت ڪري ٿو .

محبت ۽ دوستي جيتري به وڌيڪ هوندي آهي محب ۾ محبوب جون نشانيون ايتريون ئي ظاهر ٿينديون آهن، ڪڏهن ڪڏهن محبت ايتري وڌيڪ ٿي ويندي آهي جو محب، محبوب کي دنيا جي سڀني شين تي فضيلت ڏيندو آهي اهڙي محبت انسان جي ايمان ۽ عقيدي کي مضبوط ڪندي آهي،  اهبليت عليهم السلام جي محبت خدا تي مڪمل ايمان جي نشانين مان هڪ نشاني  آهي.

پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم  فرمائن ٿا ته:  

لايُؤْمِنُ عَبْدٌ حَتَّى اَكوُنَ أَحَبُّ إِلَيْهِ مِنْ نَفْسِهِ، وَيَكوُنَ عِتْرَتي أَحَبُّ إِلَيْهِ مِنْ عِتْرَتِهِ، وَيَكوُنَ أَهْلي أَحَبُّ إِلَيْهِ مِنْ أَهْلِهِ، وَيَكوُنَ ذاتي أَحَبُّ إِلَيْهِ مِنْ ذاتِهِ[1].

 ماڻهون ان وقت تائين با ايمان نٿو ٿي سگھي جيستائين ان جي نزديڪ مان ان کان وڌيڪ محبوب نه ٿي وڃان ۽ منهنجي اهلبيت سان پنهنجي اهلبيت کان وڌيڪ محبت نه ڪري منهنجي خاندان جي محبت ان جي دل ۾ پنهنجي خاندان کان وڌيڪ هجي منهنجي ذات کي پنهنجي ذات تي وڌيڪ اهميت ڏيندو هجي.

جنهنجي محبت اهڙي هوندي ان جي محبت اسان سان سچي آهي هاڻي اسان جنهن ڪوفي ماڻهوءَ جو واقعو ذڪر ڪيون ٿا ان شخص رسول خدا ۽ اميرالمومنين عليهما السلام جي اولاد ۽ گھراڻي کي پنهنجي اولاد ۽ گھراڻي تي مقدم رکيو، ڪوفي ۾ هڪ سروتمند انسان رهندو هيو جيڪو سيدن ۽ غريبن جي مدد ڪندو هيو ان جي حساب ڪتاب جي بُڪ ۾ اميرالمومنين عليه السلام جي نالي سان هڪ کاتو هيو جيڪو انسان ان کان سامان وٺندو هيو جيڪڏهن ان وٽ پئسا نه هوندا هيا ته هو پنهنجي غلام کي چوندو هيو ته ان جو حساب مولا جي کاتي ۾ لکي ڇڏ گھڻي عرصي کانپوءِ اهو سروتمند انسان غريب ٿي ويو هو پنهنجي گهر ۾ ويهي ڪري پنهنجي حساب ڪتاب واري بُڪ کي غور سان ڏسندو هيو جنهن جنهن وٽ ان جو ڪو قرض هيو جيڪڏهن اهو جيئرو هوندو هو ته هو پنهنجي غلام کي ان ڏانهن موڪلي ڪري قرض جي واپسي لاءِ چوندو هيو جيڪڏهن اهو قرضدار هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو هوندو هو ته ان جو نالو حساب ڪتاب مان صاف ڪري ڇڏيندو هو، هڪ ڏينهن اهو شخص پنهنجي گھر جي دروازي تي ان بُڪ کي ڏسي رهيو هو ته اتان هڪ ناصبي جو گذر ٿيو جنهن ڏسي ڪري چيو سڀ کان وڌيڪ ته تنهنجو قرض دار علي ابن ابيطالب عليهما السلام آهي ان تنهنجي ڪهڙي مدد ڪئي آهي؟

اهو ٻڌي اهو مومن ڏاڍو غمگين ٿي روئيندو پنهنجي گھر ڏانهن واپس ٿيو ان رات هن پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم کي خواب ۾ ڏٺو ته پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم ڪنهن مقام تي موجود آهن امام حسن ۽ امام حسين عليهما السلام ان سان گڏ وڃي رهيا آهن پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم انهن شهزادن کان پڇا ڪئي ته توهان جو بابو ڪٿي آهي؟ اميرالمومنين علي عليه السلام  رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم جي پويان بيٺل هئا مولا جن وراڻيو ؛ يا رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم  مان حاضر آهيان پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو يا علي عليه السلام توهان فلاڻي شخص جو قرض ڇو نه ٿا ادا ڪريو.

مولا جن فرمايو يا رسول الله صلى الله عليه وآله وسلم اهو هن جو دنيا جو حق آهي جيڪو مان کڻي آيو آهيان پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم جن فرمايو هن کي ڏئي ڇڏ اميرالمومنين حضرت علي عليه السلام  خيسي مان هڪ ٿيلي ڪڍي هن کي ڏيئي فرمايو هي تنهنجو حق آهي وٺ رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  جن فرمايو هي وٺ اڄ کان بعد منهنجي اولاد مان جيڪو به تو وٽ اچي ان جي مدد ڪجان ۽ اڄ کان پوءِ تون ڪڏهن به فقير نه ٿيندي  اهو شخص جئين ئي ننڊ مان سڄاڳ ٿو ڇا ڏسي ته اها ئي ٿيلي ان جي هٿ ۾ آهي ان جلدي ئي پنهنجي گھرواري کي سڄاڳ ڪندي چيو جلد ئي ڏيئو ٻار ان ڏيئو روشن ڪيو ۽ مون جئين ئي اها ٿيلي کولي ڇا ڏسان ته ان ۾ هزار اشرفيون موجود آهن منهنجي گھر واري مونکي چيو الله جو خوف ڪر ؛ ڇا تو فقر جي خوف کان ماڻهن کي ڌوڪو ته ناهي ڏنو يا ڪنهن تاجر جو مال ته ناهي چُرايو؟ مون ان کي چيو الله جي قسم ائين ناهي؛ پوءِ مان ان کي پورو خواب وارو واقعو ٻڌايو پوءِ مان حساب وارو بُڪ کوليو ائين ڏٺم ته مولا جي حساب ۾ هزار اشرفيون لکيل هيون نه ان کان گھٽ نه ان کان وڌيڪ.

 فوائد الرضويه ص 311 ان مناسبت سان مولا امام جعفر صادق عليه السلام کان هڪ روايت آهي ته:

مَنْ أَعانَ فَقيرَنا، كانَ مُكافاتُهُ عَلى جَدِّنا محمّد صلى الله عليه وآله وسلم  [2].

جيڪو اسان منجھان ڪنهن فقير جي مدد ڪندو ان جو اجر منهنجي جد رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم  تي آهي .

 


[1] . بحارالانوار ج 75 ص 421

[2] . بحارالانوار ج 100 ص 124

 

    بازدید : 2505
    بازديد امروز : 5441
    بازديد ديروز : 28544
    بازديد کل : 128388996
    بازديد کل : 89284439