امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
4_ وحي جي گھراڻي جي پيروي

4_ وحي جي گھراڻي جي پيروي

وحي جي گھراڻي جي پيروي اهلبيت عليهم السلام  پنهنجي چاهيندڙن کان اها توقع رکن ٿا ته اهي ٻين کان وڌيڪ پنهنجي نفس کي پاڪ ڪن ۽ اُهي ڪم انجام ڏين جنهن سان پالڻهار جي ذات راضي ٿئي اهلبيت عليهم السلام جي نظر ۾ جيڪو به انسان انهن سان محبت ڪندو آهي اهو انسان اهلبيت عليهم السلام جي ڪردار سان به محبت ڪندي انهن جي نقش قدم تي پنهنجي زندگي گذاريندي پنهنجي  تقوي ۽ پرهيزگاري ۾ اضافو ڪندو آهي.

اميرالمومنين امام علي عليه السلام فرمائن ٿا:

 مَنْ أَحَبَّنافَلْيَعْمَلْ بِعَمَلِنا وَلْيَتَجَلْبَبِ الْوَرَع[1].

جيڪو به اسان سان محبت ڪري ٿو ان کي گھُرجي ته اسان جي ڪردار ۽ رفتار تي عمل ڪندي تقوي ۽ پرهيزگاري جي لباس سان پنهنجي بدن کي ڍڪي.

 جڏهن اهلبيت عليهم السلام  جي محبت انسان جي ظاهر کان باطن تائين پهچي ٿي ته ان انسان جي ڪردار ۽ رفتار ۾ اها محبت ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي ۽ ان جي روح ۾ اثر ڪندي آهي اهلبيت عليهم السلام جي محبت هميشه انسان جي سٺن ڪمن مان ظاهر ٿيندي آهي، جنهن انسان جي محبت اهلبيت عليهم السلام سان وڌيڪ هوندي  ان جي هر ڪم مان ظاهر ٿيندو آهي ته اهو اهلبيت عليهم السلام جي مڃڻ وارن منجھان آهي.

ان باري ۾ امام رضا عليه السلام  فرمائن ٿا ته:

لاتَدْعُوا الْعَمَلَ الصَّالِحَ وَالْعِبادَةَ اِتِّكالاً عَلى حُبِّ آلِ مُحَمَّدٍعليهم السلام وَالتَّسْليمَ لِأَمْرِهِمْ اِتّكالاً عَلَى الْعِبادَةِ، فَإِنَّهُ لايُقْبَلُ أَحَدُهُما دُونَ الآخِرِ[2].

محمد ۽ آل محمد عليهم السلام جي محبت تي آسرو ڪندي چڱن ڪمن ۽ عبادت کان پاسو نه ڪيو ۽ پنهنجي عبادت تي آسرو (اعتماد) ڪندي انهن جي محبت ۽ انهن جي حڪمن جي سامهون پنهنجا سر جھڪائي ڇڏيو انهن ٻنهي شين مان ڪو به اڪليو قابل قبول ناهي.

 اهو ڪئين ممڪن ٿي سگھي ٿو ته انسان اهلبيت عليهم السلام سان محبت به ڪندو هجي ۽ اهڙا ڪم به انجام ڏيندو هجي جيڪي اهلبيت عليهم السلام کي پسند نه آهن، انسان کي گھُرجي ته اهڙن ڪمن کان پاسو ڪري جيڪي اهلبيت عليهم السلام کي پسند نه آهن سچو محب اهو هوندو آهي جيڪو محبوب جو فرمانبردار هجي امام صادق عليه السلام فرمائن ٿا:

لَوْ كانَ حُبُّكَ صادِقاً لَأَطَعْتَهُ إِنَّ الْمُحِبَّ لِمَنْ يُحِبُّ مُطيعٌ[3].

جيڪڏهن توهان جي محبت سچي هوندي ته اوهان ان جي پيروي ڪندو.

ڇو جو محب ان جو پيروڪار هوندو آهي جنهن سان هو محبت ڪندو آهي اهڙي محبت جيڪا اهلبيت عليهم السلام جي اطاعت ۽ پيروي سان گڏ هجي اها اهلبيت عليهم السلام جي رضا جو سبب ٿيندي آهي.

 ان جي ڪري امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا ته:

 فَأَصْبَحْنا نَفْرَحُ بِحُبِّ الْمُحِبِّ لَنا[4].

 اسان اهڙي نموني سان صبح ڪئي جو اسان پنهنجي چاهيندڙن ۽ دوستن جيڪي اسان سان محبت ڪندا آهن ان جي ڪري خوشحال آهيون.

 جي هان! جيڪوانسان بلند مرتبي تي پهچڻ جي تمنا دل ۾ رکندو هجي ۽ جنهن جو هدف مٿانهون هجي انهن کي معلوم هجڻ گهرجي ته ڪو به خزانو محنت کان سواءِ ناهي ملندو، جيڪو انسان به عظيم مرتبي تي پهچڻ چاهي ٿو ته ان کي حاصل ڪرڻ ۾ هر ضروري ڪم انجام ڏيئڻو پوندو.

امام علي عليه السلام  فرمائن ٿا ته:

 مَنْ أَحَبَّ الْمَكارِمَ، اِجتَنَبَ الْمَحارِمَ[5].

جيڪو به چاهي ٿو ته مڪرم (عزت وارو) ٿيڻ چاهي ٿو ان کي گھرجي  ته حرام ڪمن کان پاسو ڪري.

 حضرت دائود عليه السلام جي روايت ۾ آهي ته الله تعالى فرمايو:

ما لِأَوْلِيائي وَالْهَمُّ بِالدُّنْيا، إِنَّ الْهَمَّ يُذْهِبُ حَلاوَةَ مُناجاتي مِنْ قُلوُبِهِمْ، يا داوُدُ إِنَّ مَحَبَّتي مِنْ أَوْلِيائي أَنْيَكوُنوُا روُحانِيّينَ[6].

 منهنجي محبن کي دنيا جي غمن سان ڪهڙو ڪم؟ ڇو جو دنيا جي محبت انهن کان مناجات دعائن جي لذت کي ختم ڪري ڇڏيندي آهي، مان پنهنجي محبن کان اهو چاهيان ٿو ته اُهي روحاني ٿين ۽ دنيا جي غمن کان پاسو ڪن.

ان جي ڪري خدا ۽ اهلبيت عليهم السلام جي محبن کي دنيا جي مسئلن ۾ مشغول نه ٿيڻ گھُرجي ڇو جو دنيا جي فڪر ۽ ماديات جو شوق انسان کي الله تعالى کان پري ڪرڻ جو سبب ٿئي ٿو دنيا جي محبت انسان کان الله تعالى جو قرب کسي ڇڏيندي آهي، الله سائين ۽ اهلبيت عليهم السلام جي محبت کي به گھٽ ڪري ڇڏيندي آهي پر معنوي ۽ روحاني ڪم انسان کي حقيقت کان آشنائي ڪرائن ٿا ۽ الله تعالى ۽ اهلبيت عليهم السلام جو حقيقي محبوب به ٺاهن ٿا.

 


[1] . شرح غرر الحڪم ج 5 ص 303

[2] . سفينه البحار ج 1 ص 204 ، ماده حبب

[3] . بحارالانوار ج 47 ص 24

[4] . بحارالانوار ج 27 ص 83

[5] . بحارالانوار ج 77 ص 421 ، الارشاد مفيد ص 140

[6] . لايَغْتَمُّونَ بحارالانوار ج 82 ص 143

 

    بازدید : 2375
    بازديد امروز : 0
    بازديد ديروز : 20747
    بازديد کل : 128858783
    بازديد کل : 89519369