امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
اهلبيت جي گھراڻي سان محبت ڪرڻ وارن جون ذميداريون:

اهلبيت عليهم السلام  جي گھراڻي

سان محبت ڪرڻ وارن جون ذميداريون:

1_ مودت پيدا ڪرڻ، اهلبيت عليهم السلام سان محبت ايتري ته مضبوط هجڻ کپي  جو توهان جي دلين ۾ گھر ڪري وڃي توهان جي رڳ رڳ ۾ سرايت ڪري اها محبت ئي انهن پاڪ هستين جي ويجھو ٿيڻ جو وسيلو آهي.

امام علي عليه السلام  جن فرمائن ٿا:

اَلْمَوَدَّةُ قَرابَةٌ مُسْتَفادَةٌ[1].

مودت، اهڙي محبت آهي جنهن سان قرب حاصل ٿيندو آهي.

يعني محبت ايتري ته مضبوط هجڻ گھُرجي جيڪا انسان کي محبوب سان ويجھو ڪري ڇڏي ۽ محبت جڏهن پنهنجيون حدون پار ڪيري ويندي آهي ته ان کي مودت ڇيو ويندو آهي، مودت اها محبت آهي جنهن ۾ مضبوطي آهي ۽ روحاني قرب جو سبب ٿيندي آهي اهليبت عليهم السلام  سان ائين محبت ڪرڻ هر هڪ شخص جي ذميداري آهي، اسان کي اهلبيت سان ائين محبت ڪرڻ گهرجي جيڪا الله تعالى سان تقرب جو وسيلو بڻجي الله تعالى جو قرآن مجيد ۾ ارشاد آهي  ته:

قُلْ لاأَسْأَلُكُمْ عَلَيْهِ أَجْراً إِلاَّ الْمَوَدَّةَ فِي الْقُرْبى[2].

توهان چئو ته مان اوهان کان تبليغ رسالت جي ڪا به اجرت نٿو گھُران سواٰءِ منهنجي قريبن سان مودت (محبت) جي .

هن آيت جي مطابق هر انسان تي واجب آهي ته اهلبيت عليهم السلام رسول صلى الله عليه وآله وسلم  سان اهڙي محبت ڪري جيڪا انسان کي الله تعالي ۽ انهن هستين سان روحاني ۽ معنوي طور تي قريب ڪري،


[1] . بحارالانوار ج 74 ص. 165

[2] . سوره شوري آيت 23

 

    بازدید : 2422
    بازديد امروز : 1838
    بازديد ديروز : 19532
    بازديد کل : 128820976
    بازديد کل : 89500461