امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
اهبليت جي پنهنجن دوستن سان محبت:

اهبليت عليهم السلام جي پنهنجن دوستن سان محبت:

 اسان پنهنجي دلين ۾ اهلبيت عليهم السلام جي محبت رکون ٿا ۽ اها ساڳئي محبت انهن پاڪ هستين جي دلين ۾ به هوندي آهي ڇاڪاڻ ته جيڪو به اهلبيت عليهم السلام جي گھراڻي سان محبت ڪندو آهي اهو انهن پاڪ هستين جو محبوب پڻ ٿي ويندو آهي.

 حبيش بن معتمر چوي ٿو ته آءُ اميرالمؤمنين حضرت علي عليه السلام جي خدمت ۾ حاضر ٿيندي عرض ڪيو:

اَلسَّلامُ عَلَيْكَ يا أَميرَالْمُؤْمِنينَ وَرَحْمَةُاللَّهِ وَبَرَكاتُهُ، كَيْفَ أَمْسَيْتَ؟ قالَ: أَمْسَيْتُ مُحِبّاً لِمُحِبّينا وَمُبْغِضاً لِمُبْغِضينا...[1].

اي اميرالمؤمنين عليه السلام توهان جي ذات تي سلام هجي ۽ توهان تي الله تعالى جي رحمت ۽ برڪت هجي توهان ڪئين رات گذاري؟

پاڻ فرمايائون آءُ ان حال ۾ رات گذاري جو آءُ پنهنجي مُحبن جو محب ۽ پنهنجي دشمنن جو دشمن هيس، جڏهن اهلبيت عليهم السلام جي دل ۾ ڪنهن به انسان جي لاءِ محبت پيدا ٿي وڃي ته اهو خدا جو به محبوب بڻجي ويندو آهي ۽ ان جي دل ۾ الله تعالى جي محبت پيدا ٿي ويندي آهي ۽ الله تعالى سان ان جي محبت ايتري ته وڌي ويندي آهي جو ان جي دل ۾ فقط خدا ئي هوندو آهي ۽ ان جي دل مخلوق جي محبت کان خالي ٿي ويندي آهي ان جو باطني اکيون روشن ٿي وينديون آهن ۽ الله تعالى جي نيڪ ٻانهن مان شمار ٿي ويندو آهي.

 امام علي عليه السلام  جن فرمائن ٿا ته معراج جي رات الله تعالي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم  جن کي فرمايو:

مَنْ عَمِلَ بِرِضايَ اُلْزِمُهُ ثَلاثَ خِصالٍ: اُعَرِّفُهُ شُكْراً لايُخالِطُهُ الْجَهْلُ، وَذِكْراً لايُخالِطُهُ النِّسْيانُ، وَمَحَبَّةً لايُؤْثِرُ عَلى مَحَبَّتي مَحَبَّةَ الْمَخْلُوقينَ، فَإِذا أَحَبَّني أَحْبَبْتُهُ، وَأَفْتَحُ عَيْنَ قَلْبِهِ إِلى جَلالي وَلااُخفي عَلَيْهِ خاصَّةَ خَلْقي...[2].

جيڪو به منهنجي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ عمل انجام ڏيندو آهي آءٌ  ان لاءِ ٽين خوبين کي ظاهر ڪندو آهي.

1_ ان کي شڪر جي حالت کان واقف ڪندو آهيان تاڪه جهالت ۾ باقي نه رهي.

2_ اهڙو ذڪر عطا ڪندو آهيان جنهن ۾ ڀُل چُڪ ناهي ڪندو.

3_ پنهنجي اهڙي محبت عطا ڪندو آهيان جنهن تي مخلوق جي محبت اثر ناهي ڪندي، جڏهن به هو مون سان محبت ڪندو آءٌ ان سان محبت ڪندس ان جي دل جي اکين کي پنهنجي جلال جي طرف کولي ڇڏيندس ۽ پنهنجي مخلوص جا خاص ٻانها ان کان لڪيل نه رکندس.

 خدا جي محبت جي نشانين منجھان هڪ نشاني هيءَ آهي ته الله تعالى ان کي پنهنجي محبوب بندن جي واقفيت، سڃاڻ ڪرائي ٿو ڪجھ ماڻهون ننڊ يا سڄاڳي جي حالت ۾ امام زمانه عليه السلام سان ملاقات جو شوق رکندا آهن اهو شوق محبت جي ڪري هوندو آهي ڇاڪاڻ ته محبت انسان کي محبوب سان ملاقات جو مشتاق بڻائي ڇڏيندي آهي حضرت ابراهيم عليه السلام مرڻ نه پيا چاهين الله تعالى حضرت عزرائيل عليه السلام کي فرمايو ته: وڃي حضرت ابراهيم عليه السلام  کي چئو:

هَلْ رَأَيْتَ حَبيباً يُكْرِهُ لِقاءَ حَبيبِهِ؟ إِنَّ الْحَبيبَ يُحِبُّ لِقاءَحَبيبِهِ[3].

ڇا تو ڪنهن محب کي ڏٺو آهي جيڪو پنهنجي محبوب کي ملڻ کان ڪٻائيندو هجي؟ بيشڪ محب پنهنجي محبوب جي ملاقات لاءِ بي قرار هوندو آهي.   

 انهن مان ڪجھ اهڙا به هئا جيڪي اهلبيت عليهم السلام  جي زماني ۾ زندگي گذاريندا هئا پر اُهي انهن کان دور ڪنهن ٻئي شهر ۾ زندگي گذاريندا هئا ليڪن انهن جون دليون اهليبت عليهم السلام  جي محبت ۽ انهن جي ياد کان خالي نه هوننديون هيون جئين حضرت اويس قرني جي دل ۾ پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم سان ملاقات جو شوق هيو هو پنهنجي خيالن ۾ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جو تصور ڪندو هو، هاڻي اسان جي دور ۾ اهلبيت عليهم السلام جي گھراڻي جي آخري ڪڙي امام زمانه (عج) باقي ۽ پردھ غيبت ۾ آهي امام عليه السلام  جي چاهيندڙن جي هڪ ئي تمنا آهي اها فقط مولا جو ديدار، اها تمنا ۽ اميد امام عليه السلام سان محبت ڪرڻ جي ڪري آهي جيڪا امام جي چاهيندڙن جي دلين ۾ آهي جئين الله سائين جو ارشاد آهي:

إِنَّ الْحَبيبَ يُحِبُّ لِقاءَ حَبيبِهِ.

هر محب پنهنجي محبوب جو ديدار پسند ڪندو آهي.

گرچه  يوسف به كلافى نفروشند به ما

بس همين فخر كه ما هم ز خريدارانيم

 


[1] . بحارالانوار ج 27 ص 5 ، مجالس شيخ مفيد ص 197

[2] . بحارالانوار ج 77 ص 28

[3] .بحارالانوار ج 6 ص 127 ، امالي شيخ صدوق ص 118
 

 

    بازدید : 2479
    بازديد امروز : 458
    بازديد ديروز : 32446
    بازديد کل : 128534786
    بازديد کل : 89357344