امام صادق علیه السلام : اگر من زمان او (حضرت مهدی علیه السلام ) را درک کنم ، در تمام زندگی و حیاتم به او خدمت می کنم.
خاندان وحي سان محبت:

خاندان وحي سان محبت

 محبت ۽ دوستي ۾ حيات بخش آثار موجود آهن ان ڪري انسان کي گُھرجي ته هو پنهنجي محبت کي سهڻي طريقي ۽ بهترين مقصد جي طرف ان جي راهنمائي ڪري ان جي ڪري پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم  جن انسان کي اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪرڻ جو حڪم ڪيو ته جئين ان محبت جي ڪري ماڻهن کي آلودگين کان محفوظ ڪيو وڃي ۽ سٺيون عادتون انهن ۾ پيدا ٿين جيڪي انهن کي ڪمال تائين پهچڻ ۾ مدد ڪن ۽ خدا جو مقرب بڻائن ڇو جو پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم ۽ ان جي اهلبيت عليهم السلام سان محبت سان الله تعالى جو قرب حاصل ڪري سگھي ٿو.

روايتن ۾ اهلبيت عليهم السلام عصمت و طهارت سان محبت کي خدا جي تقرب کي بهترين وسيلو قرار ڏنو ويو آهي پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم  فرمائن ٿا:

 لِكُلِّ أَمْرٍ سَيِّدٌ وَحُبّي وَحُبُّ عَليّ ‏عليه السلام سَيِّدُ ما تَقَرَّبَ بِهِ الْمُتَقَرِّبُونَ مِنْ طاعَةِ رَبِّهِمْ[1]

هر شي جو هڪ سرادر آهي منهنجي ۽ علي جي محبت انهن شين جي سردار آهي جن جي ذريعي الله تعالي جو قرب حاصل ڪري سگھجي ٿو جيڪا پالڻهار جي اطاعت آهي.

اها روايت ان ڳالھ جي واضح دليل آهي ته اهلبيت عليهم السلام سان محبت ڪرڻ، الله جي حڪمن جي پيروي ۽ ان جي قرب جو ذريعو آهي پاڻ سڳورڻ صلى الله عليه وآله وسلم  جن ٻئي مقام تي ارشاد فرمايو آهي:

حُبُّ عَليِّ بْنِ أَبي طالِبٍ يُحْرِقُ الذُّنُوبَ كَما تُحْرِقُ النَّارُ،اَلْحَطَب[2]

حضرت علي بن ابيطالب عليهما السلام جي محبت گناهن کي ائين ختم ڪري ٿي جئين باھ ڪاٺين کي ساڙي راک بڻائي ٿي.

ان روايت مان سمجھ ۾ اچي ٿو ته علي عليه السلام  جي محبت گناهن جي وجود کي ختم ڪري ٿي ۽ سندس محبت گناهن جا پهاڙا ڪيرائي ڇڏي ٿي انهن گناهن کي انسان جي وجود مان ٻاهر ڪڍي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏي ٿي. اميرالمؤمنين حضرت علي ابن ابيطالب عليهما السلام جي محبت نه رڳو گذريل گناهن جي اثرن کي ختم ڪري ٿي بلڪه هڪ اهڙي مضبوط ديوار وانگر انسان کي اڳتي به گناهن ڪرڻ کان روڪي ٿي اهلبيت عليهم السلام جي محبت ۽ اطاعت سان انسان پنهنجي پاڻ کي گناهن کان بچائي سگھي ٿو پاڻ سڳورا صلى الله عليه وآله وسلم  جن فرمائن ٿا ته:

الا وَمَنْ أَحَبَّ عَلِيّاً لايَخْرُجُ مِنَ الدُّنْيا حَتَّى يَشْرِبَ مِنَ الْكَوْثَرِ وَيَأْكُلَ مِنْ طُوبى وَيَرى مَكانَهُ فِي الْجَنَّةِ[3]

ڄاڻ وٺو! جيڪو به علي عليه السلام سان محبت ڪندو ايتري تائين هن دنيا مان نه ويندو جيستائين هو آب ڪوثر نه پيئي ۽ طوبي جي ميوو نه کائي ۽ پنهنجو گھر جنت ۾ نه ڏسي.

اسان کي پالڻهار کان اها دعا گھرڻ گھرجي ته اسان جي زندگي جي آخري ڏينهن تائين اسان جي دلين کي محمد صلى الله عليه وآله وسلم ۽ اهلبيت محمد عليهم السلام  جي محبت تي قائم رکي ۽ آخري دم اسان کي انهن جي لُطفن ۽ ڪرمن مان استفادو ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري جن جو انهن واعدو ڪيو آهي حضرت امام حسين عليه السلام جي زيارت ۾ بيان ٿيو آهي:

 اَللَّهُمَّ ثَبِّتْني عَلى مَحَبَّةِ أَوْلِيائِكَ[4]

اي منهنجا الله! منهنکي ثابت قدم رک تون پنهنجي ولين جي محبت تي.

جڏهن اهلبيت عليهم السلام جي محبت ۾ اسان جي روح پرواز ڪري ويندي ته موت جو اهو لمحو اهڙو ته سهڻو ٿي ويندو جو اسان (اهلبيت عليهم السلام ) جي محبت ۽ عظمت ۽ جلال جا آثار جيڪي ايمان ۽ پرهيزگاري جي علامت آهن انهن جو مشاهدو ڪنداسين. (انشاءالله)

ڪجھ روايات ۾ اهلبيت عليهم السلام  سان محبت کي ايمان جي بنياد قرار ڏنو ويو آهي جھڙي ريت انهن سان دشمني ۽ بغض کي نفاق ۽ ڪفر جو بنياد قرار ڏنو ويو آهي پاڻ سڳورن صلى الله عليه وآله وسلم حضرت علي عليه السلام کي فرمايو:

يا عَلِيُّ حُبُّكَ تَقْوى وَإيمانٌ وَبُغْضُكَ كُفْرٌ وَنِفاقٌ[5]

اي علي عليه السلام ! تنهنجي محبت ايمان ۽ تقوى آهي ۽ تنهنجي دشمني ڪفر ۽ نفاق آهي.

          جيڪو به حضرت علي عليه السلام سان دشمني ڪندو اسان جي مذهب ۾ ان جو شمار ڪافرن ۽ منافقن منجھان ٿيندو جئين فارسي ٻولي جو هڪ شعر آهي

آن را كه دوستى على نيست، كافر است

گو زاهد زمانه و گو شيخ راه باش.

يعني جيڪو شخص علي سان دوستي نٿو رکي اهو ڪافر آهي، چاهي اهو پنهنجي وقت جو پارسا ۽ سچ جي راهه کي ئي ڇو نه بيان ڪندڙ هجي.

 اهڙي طرح جنهن جي وجود ۾ علي عليه السلام  جي محبت هوندي آهي اهو انسان تقوى ۽ ايمان جي نعمتن سان مالا مال هوندو آهي.

جي ها! محبت ۽ بغض جا اهڙا ئي بنيادي اثرات هوندا آهن.

خواهى كه ازدوزخ  برهانى  دل و تن

اثنى‏عشرى شو و گزين مذهب من ايشان سه محمّدند

و چهارست على با موسى جعفر و حسين و دو حسن

يعني جيڪڏهن چاهيو ٿا ته پنهنجي پاڻ کي جھنم جي باهه کان آزاد ڪرايون ته ٻاره امانن وارو مذهب (شيعه اثنا عشري مذهب) اختيار ڪيون، جنهن ۾ چار علي آهن، هڪ موسى، هڪ جعفر، هڪ حسين ۽ ٻه حسن عليهم السلام آهن.

          هڪ روايت ۾ بيان ٿيو آهي ته امام رضا عليه السلام رسول خدا صلى الله عليه وآله وسلم کان روايت نقل ڪن ٿا ته:

حُبُّنا أَهْلُ الْبَيْتِ يُكَفِّرُ الذُّنُوبَ وَيُضاعِفُ الْحَسَناتَ[6]

اسان اهلبيت عليهم السلام  جي محبت گناهن جو ڪفارو ۽ نيڪين ۾ اضافي جو سبب آهي.

ڇو جو محبت اهلبيت عليهم السلام اها  آهي جنهن ۾ گناهن کي ختم ۽ نابود ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت موجود آهي گناهن جي آثار کي ختم ڪري انهن کي نيڪين ۾ تبديل ڪرڻ به محبت اهل بيت عليهم السلام جي شايان شان آهي، جهڙي ريت شخبرف ( هڪ ڳاڙهي معدني شيءِ) جيڪا ٽامي کي سُون ۾ تبديل ڪري ٿي ان ڪري محبت کي روح جي اڪسير چيو ويو آهي ڇاڪاڻ ته گناهگار ماڻهون روحاني اعتبار کان پري هوندا آهن. بس انسان محبت جي ڪري جيڪا بيمار روح کي زندگي ڏيندي  مردھ دلين کي حياتي بخشيندي آهي، ان محبت جي ڪري انسان گناهن کان نجات حاصل ڪندي الله تعالى جي نيڪ ٻانهن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڇاڪاڻ ته جيڪا دل اهلبيت عليهم السلام جي محبت سان ڀريل هجي، ان ۾ گناھ ڪرڻ جي ڪا به جڳھ باقي ناهي رهندي، جيڪڏهن اها محبت عروج تي پهچي وڃي ته ماضي جا اُهي گناھ به ڍوئي ڇڏيندي آهي جيڪي محب جي هٿان ٿي ويندا آهن ۽ اها محبت انسان جي  مستقبل ۾ به گناھ ڪرڻ کان محفوظ رکڻ ۾ ڪارائتي ثابت ٿيندي آهي ڇاڪاڻ ته گناھن کي انجام نه ڏيڻ سان ئي ان محبت جا آثار  قيامت تائين باقي رهندا آهن.

 ان مان صاف ظاهر آهي ته جيڪو به مڪمل طور تي اهلبيت عليهم السلام سان محبت جو دم ڀريندو ۽ کيس سدائين انهن جي اطاعت ۾ رهندو اهوئي خدا جو محبوب ۽ نيڪ ٻانهو هوندو، جڏهن انسان الله تعالى جو محبوب ۽ نيڪ ٻانهو بڻجي وڃي ته سمجھو اهو الله تعالى جي خاص پناھ ۾ آهي، يعني الله تعالى ان محبت جي صدقي ان جي ۽ گناهن جي وچ ۾ فاصلو پيدا ڪري ڇڏيندو آهي، الله تعالى جيڪو به ڪم ان کان چاهيندو آهي اهو جھٽ پٽ ۾ ان کي اطاعت جو لباس پهرائيندو آهي ان جو هر ڪم الله تعالى جي مرضي مطابق هوندو آهي، (لاحول و لاقوّة إلّا باللَّه)  جي معني به اها ئي آهي ان جي ڪري ڪجھ عالم دين اهلبيت عليهم السلام جي محبت ۽ دوستي کي سير و سلوڪ جو بهترين رستو قرار ڏيندو آهي.

هڪ معتبر ۽ مفصل روايت جنهن کي علامه مجلسي بحارالانوار جلد 70 صفحه 25 ۾ امام جعفر صادق عليه السلام کان نقل ڪري ٿو ته:

          محب اهڙي محبت جي مٿاهين درجي تي پهچي وڃي جيتوڻيڪ ان محبت ڪندڙ علماء، حڪماء ، فقهاء جي روش تي عمل نه به ڪيو هجي تڏهن به ان کي اهو مقام حاصل ٿي ويندو جيڪو انهن کي حاصل آهي اهو مقام ان وقت ملندو  جڏهن محبت وڌيڪ خالص هجي ائين نه هجي جئين هر ڪو اهلبيت عليهم السلام سان محبت جي دعوي ته ڪندو هجي پر حقيقت ۾ اصل محبت کان ڌاروڌار هجي، ان روايت ۾ امام صادق عليه السلام جن فرمائن ٿا ته: اهڙي محبت نه صرف سير و سلوڪ جا مرحلا طئي ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿي بلڪه هر نقصان کان به محفوظ رکي ٿي حالانڪه ان روايت جي مطابق علماء، حڪماء ۽ صديقين جي روش اهڙي ناهي.

 امام جعفر صادق عليه السلام  فرمائن ٿا:

إِنَّالْحُكَماءَوَرَثُواالْحِكْمَةَبِالصَّمْتِ،وَإِنَّالْعُلَماءَوَرثُواالْعِلْمَ بِالطَّلَبِ وإِنَّالصِّدّيقينَ وَرَثُوا الصِّدْقَ بِالْخُشُوعِ وَطُولِ الْعِبادَةِ فَمَنْ أَخَذَهُ بِهذِهِ الْمَسيرَةِ إِمَّا أَنْ يَسْفَلَ وَإِمَّا أَنْ يَرْفَعَ وَأَكْثَرُهُمُ الَّذي يَسْفَلُ وَلايَرْفَعُ، إِذا لَمْ يَرْعَ حَقّ‏اللَّهِ وَلَمْ يَعْمَلْ بِما أَمَرَ بِهِ، فَهذِهِ صِفَةُ مَنْ لَمْ يَعْرِفِ اللَّهُ حَقَّ مَعْرِفَتِهِ وَلَمْ يُحِبُّهُ حَقَّ مَحَبَّتِهِ، فَلايَغُرَّنَّكَ صَلاتُهُمْ وَصيامُهُمْ وَرَواياتُهُمْ وَعُلُومُهُمْ، فَإِنَّهُمْ حُمُرٌ مُسْتَنْفِرَة.

حڪماء، خاموشي جي وسيلي سان حڪمت، علماء، علم، صداقت  نياز، نوڙت ۽ ڊگھن سجدن جي ذريعي سان حاصل ڪئي، جيڪو به ان رستي جو بانڌي ٿئي ٿو اهو يا ترقي جي طرف ويندو يا زوال جي طرف انهن مان جيڪڏهن ماڻهون خدا جي حق جي رعايت نه ڪن ۽ ان جو جنهن شيءِ جو ان حڪم ڪيو آهي ان کي انجام نه ڏين ته اهي زوال جي طرف ويندا. انهن اصل ۾ الله تعالى جي معرفت حاصل ناهي ڪئي ۽ الله تعالى سان سچي محبت نه ڪئي آهي جھڙي ريت الله تعالى سان محبت ڪرڻ جو حق آهي انهن جون نمازون، روزا، روايتون ۽ علم توهان کي فريب نه ڏين اهي وحشي حمار آهن! جئين هن روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته علماء، حڪماء ۽ صديقين تي به اعتراض ڪيو ويندو  ڇاڪاڻ  انهن حقيقت ۾ الله تعالى جي معرفت حاصل ناهي ڪئي ۽ انهن حقيقت ۾ الله تعالى جي محبت کي پنهنجي دلين ۾ جڳھ ناهي ڏني جيڪڏهن محب مقام محبت ۾ مٿاهين درجي تي فائز ٿي وڃي ۽ پنهنجي دل ( جيڪا الله سائين جو گھر آهي) کي الله تعالى ۽ اهلبيت عليهم السلام جي محبت سان نوازي جيتري تائين ان جي دل ۾ انهن هستين جي محبت باقي رهندي ايتري تائين زوال جو ڪو به امڪان ناهي محبت ڪرڻ وارن جو زوال ان وقت ممڪن آهي جڏهن هو پنهنجي هٿن سان محبت وڃائي ويهن جيتري تائين محب جي دل ۾ محبت موجود هوندي آهي اهو ترقي ۽ ڪمال جي راھ جو راهي هوندو آهي جڏهن محبت ختم ٿيندي آهي ته هو زوال جي کاهيءَ ۾ وڃي ڪرندو آهي ان نڪتي جو راز هي آهي ته جئين اسان چيو محبت ۽ چاهت ان چڪمڪ وانگر آهي ۽ جيتري تائين محبت موجود هوندي آهي اها محب کي محبوب ڏانهن ڇڪيندي آهي ۽ جڏهن هو محبوب جي طرف مائل ٿي وڃي ته ان وقت محب ۾ محبوب جون صفتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ان جي ڪري ان روايت ۾ خدا ۽ اولياء خدا جي محبت ۽ سير و سلوڪ سان دلچسپي رکندڙن لاءِ بهترين رستو آهي.

 ڪجھ ٻين روايتن ۾ به خدا سان محبت ڪندڙن کي عام ماڻهن مٿان مقدم ڪيو ويو آهي جئين حضرت دائود عليه السلام  جي اخبار ۾ ذڪر ٿيل آهي:

ما أَحَبَّني أَحَدٌ أَعْلَمُ ذلِكَ يَقيناً مِنْ قَلْبِهِ إِلاَّ قَبِلْتُهُ لِنَفْسي وَأَحْبَبْتُهُ حُبّاً لايَتَقَدَّمُهُ أَحَدٌ مِنْ خَلْقي، مَنْ طَلَبَني بِالْحَقِّ وَجَدَني وَمَنْ طَلَبَ غَيْري لَمْ يَجِدْني...[7]

مون سان ڪو به دوستي نه ٿو جيستائين ان جي باري ۾ مون کي علم ٿي وڃي ته هو دل جي يقين سان محبت ڪري ٿو، سواءِ ان جي جو مان ان جي محبت کي قبول ڪريان ۽ ان کي پنهنجو دوست تسليم ڪريان اهڙي طرح سان منهنجي مخلوق مان ڪو به ان تي مقدم نه ٿيندو جيڪو به مونکي حقيقت ۾ طلب ڪندڙ هجي، اهو ئي مون تائين رسائي  حاصل ڪندو آهي ۽ جيڪو مون کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي چاهيندو اهو مون تائين ڪڏهن به  نٿو پهچي سگھي.

 


[1] . بحار الانوار ج 27 2 129

[2] . بحار الانوار ج 39 ص 266

[3] . سفينه البحار ماده حبب

[4] . بحارالانوار ج 101 ص 1232 ، مصباح الزائر 116

[5] . بحار الانوار ج 39 ص 263

[6] . بحارالانوار ج 68 ص 100  امالي شخ طوسي ج 1 ص 116

[7] . بحارالانوار ج 79 ص 26

 

    بازدید : 2437
    بازديد امروز : 7326
    بازديد ديروز : 19532
    بازديد کل : 128831944
    بازديد کل : 89505948